Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 5 - Sindhi Bible

1 پوءِ موسيٰ سڀني بني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ اي اسرائيليو، جيڪي قانون ۽ فيصلا آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهي لاءِ تہ اوهين اهي سکو، ۽ انهن تي عمل ڪريو.

2 خداوند اسان جي خدا حورب ۾ اسان سان هڪڙو عهد ڪيو.

3 خداوند اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ڪيو، پر خود اسان سان ڪيائين، جيڪي اسين سڀ اڄ هتي جيئرا آهيون.

4 خداوند اوهان سان انهي جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو،

5 (انهي وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺس، تہ اوهان کي خدا جو ڪلام سمجهايان: ڇالاءِ جو اوهين باهہ جي ڪري ڊنا ٿي، ۽ جبل تي ڪين چڙهيا؛) ۽ هن فرمايو تہ،

6 آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو.

7 مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.

8 تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي:

9 تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي پٽن کي، انهن جي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهيان؛

10 پر جيڪي مون کي پيار ڪندا ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن، تن هزارن تي آءٌ رحم ڪندو آهيان.

11 تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.

12 تون خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب، سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.

13 ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪر، ۽ پنهنجو سڀ ڪم ڪار ڪر:

14 پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي: انهي ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر، نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نہ تنهنجو ڏاند، نہ تنهنجو گڏهہ، نہ تنهنجو ڪو ٻيو ڍور، نہ تنهنجو ڪو مسافر، جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ کي بہ تو وانگر آرام ملي.

15 تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.

16 تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.

17 تون خون نہ ڪر.

18 تون زنا نہ ڪر.

19 تون چوري نہ ڪر.

20 تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.

21 تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪر؛ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر، يا سندس ٻنيءَ، يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڏاند، يا سندس گڏهہ، يا سندس ڪنهن بہ شيءِ جي خواهش ڪر.

22 اهي ڳالهيون خداوند انهي جبل وٽ، باهہ ۽ ڪڪر ۽ انڌڪار جي وچ مان، اوهان جي ساريءَ جماعت کي وڏي آواز سان ٻڌايون: ۽ انهي کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين چيائين. ۽ هن اهي پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.

23 ۽ هيئن ٿيو، تہ جڏهن جبل باهہ سان پئي ٻريو، ۽ اوهان انڌڪار جي وچ مان اهو آواز ٻڌو، تڏهن اوهين مون وٽ آيا، يعني اوهانجن قبيلن جا رئيس، ۽ اوهان جا بزرگ؛

24 ۽ اوهان چيو، تہ ڏس، خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت ڏيکاري آهي، ۽ اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي: اڄ اسان ڏٺو آهي، تہ خدا ماڻهوءَ سان ڳالهائي ٿو، تہ بہ ماڻهو جيئرو ٿو رهي.

25 تنهنڪري هاڻي اسين ڇو پنهنجي جان وڃايون؟ ڇالاءِ جو هيءَ وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪندي: جيڪڏهن اسين وري خداوند اسان جي خدا جو آواز ٻڌنداسين، تہ اسين مري وينداسين.

26 ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟

27 تون ويجهو وڃ، ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي چوي سو ٻڌ: ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا توکي فرمائي، سو اسان کي ٻڌاءِ؛ ۽ اسين اهو ٻڌنداسين ۽ انهي تي عمل ڪنداسين.

28 ۽ جڏهن اوهان مون سان ڳالهايو پئي، تڏهن خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌيون؛ ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو آهي، سو مون ٻڌو آهي: هنن جو چوڻ درست آهي.

29 شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!

30 سو تون وڃي انهن کي چئُہ، تہ اوهين پنهنجن تنبن ڏانهن موٽي وڃو.

31 پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ، ۽ آءٌ توکي اهي سڀ حڪم، ۽ قانون، ۽ فيصلا ٻڌائيندس، جي تون انهن کي سيکارج، انهي لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ انهن تي عمل ڪن.

32 تنهنڪري جيڪو حڪم خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ ساڄي يا کٻي پاسي نہ مُڙجو.

33 جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan