شريعت جو دور 32 - Sindhi Bible1 اي آسمانو ڪن ڏيو، جو آءٌ ڳالهايان ٿو؛ ۽ ڀلي تہ زمين منهنجي وات جون ڳالهيون ٻڌي. 2 منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي: 3 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي نالي جو اعلان ڪندس: اوهين اسان جي خدا جي تعظيم ڪريو. 4 اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي. 5 هنن ساڻس خراب هلت ڪئي آهي، اهي سندس ٻار نہ آهن، اهو سندن عيب آهي؛ هوءَ گمراهہ ۽ ڏنگي قوم آهي. 6 اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين. 7 اڳوڻا ڏينهن ياد ڪر، گهڻين پيڙهين تي غور ڪر: پنهنجي پيءُ کان پڇ، تہ اهو توکي سمجهائي؛ پنهنجن بزرگن کان پڇ، تہ اهي توکي ٻڌائين. 8 جڏهن خدا تعاليٰ قومن کي سندن ورثو ڏنو، جڏهن هن بني آدم کي ڌار ڌار ڪيو، تڏهن هن بني اسرائيل جي شمار موجب قومن جون حدون مقرر ڪيون. 9 ڇالاءِ جو خداوند جو حصو سندس اُمت آهي؛ يعقوب هن جي ورثي جو ڀاڱو آهي. 10 خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين. 11 جيئن عقاب پنهنجي آکيري کي چوري پوري، پنهنجن ٻچن جي مٿان پر پکيڙيندو آهي، تيئن هن پنهنجا پر پکيڙي انهن کي پنهنجن ٻانهن تي کنيو آهي: 12 خداوند ئي انهي جي رهبري ڪئي، ۽ هن سان ٻيو ڪوبہ معبود ڪونہ هو. 13 هن انهي کي زمين جي مٿانهين جاين تي سوار ڪيو، ۽ هن انهيءَ زمين جي پيداوار کاڌي، ۽ هن انهي کي ٽڪريءَ مان ماکي، ۽ چقمق جي جبل مان تيل چوسايو؛ 14 هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو. 15 پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين. 16 انهن هن کي ڌارين جي سبب غيرت ڏياري، ۽ مڪروهہ شين جي ڪري کيس ڪاوڙايائون. 17 انهن ڀوتن جي لاءِ قربانيون چاڙهيون، نہ خدا لاءِ؛ ۽ اهڙن معبودن جي لاءِ جن جا هو واقف نہ هئا، يعني نوَن نوَن معبودن جي لاءِ، جن کان سندن ابا ڏاڏا نہ ڊڄندا هئا. 18 جنهن ٽڪر توکي پيدا ڪيو، تنهن جي توکي يادگيري ڪانهي، جنهن توکي خلقيو، تنهن کي تو وساري ڇڏيو آهي. 19 خداوند اهو ڏٺو، ۽ انهن کان نفرت ٿيس، ڇالاءِ جو انهي جي پٽن ۽ ڌين کيس ڪاوڙايو. 20 تڏهن هن چيو، تہ آءٌ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ آءٌ ڏسندس تہ انهن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي: ڇالاءِ جو اهي تمام ضدي پيڙهي، ۽ بي ايمان اولاد آهن. 21 جيڪو خدا ناهي تنهن جي سبب انهن مون کي غيرت ڏياري آهي؛ ۽ پنهنجين اجاين ڳالهين جي ڪري مون کي ڪاوڙايو اٿن: سو آءٌ بہ انهن کي اهڙن ماڻهن جي سبب غيرت ڏياريندس جي اُمت نہ آهن؛ ۽ هڪڙيءَ بي عقل قوم جي ڪري کين ڪاوڙائيندس. 22 ڇالاءِ جو منهنجي غصي جي باهہ ڀڙڪو کاڌو آهي، جا اوڙاهہ جي تري تائين ٻرندي ويندي، ۽ زمين کي سندس پيداوار سميت ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن جي بنيادن کي بہ ساڙي ڇڏيندي. 23 آءٌ انهن تي آفتن جا ڍير ڪندس: ۽ پنهنجا تير مٿن کپائي ڇڏيندس: 24 اهي بک سان ڳري ويندا، ۽ سخت گرميءَ سان ڀسم ٿي ويندا؛ آءٌ انهن تي جهنگلي جانورن جا ڏند، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن جو زهر موڪليندس. 25 اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا. 26 مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس. 27 پر مون کي دشمن جي چيڙائڻ جو خيال ٿيو، تہ متان انهن جا مخالف اُبتو سمجهن، ۽ چون تہ اسين پنهنجي هٿ سان سرفراز ٿيا آهيون، ۽ خداوند هي سڀ نہ ڪيو آهي. 28 ڇالاءِ جو اها قوم بي عقل آهي، ۽ منجهن ڪابہ سمجهہ ڪانهي. 29 شل اهي داناءَ هجن ها تہ چڱو هو، تہ انهيءَ جي سمجهہ پوين ها، ۽ پنهنجي پڇاڙيءَ تي غور ڪن ها! 30 جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟ 31 ڇالاءِ جو انهن جو ٽڪر اسان جي ٽڪر جهڙو نہ آهي، خود اسان جا دشمن بہ اهو قبولين ٿا. 32 ڇالاءِ جو انهن جي ڊاک صدوم جي منهہ، ۽ عمورہ جي ٻنين جهڙي آهي: انهن جا انگور پت سان ڀريل آهن، ۽ انهن جا ڇڳا ڪوڙا آهن. 33 انهن جو شراب نانگن جو وِهہ، ۽ سپن جو موتمار زهر آهي. 34 اهو مون وٽ گڏ ٿيل، ۽ منهنجن خزانن ۾ مهر سان بند ٿيل نہ رکيو آهي ڇا؟ 35 وير وٺڻ، ۽ بدلو ڏيڻ منهنجو ڪم آهي، جڏهن انهن جو پير ترڪندو؛ ڇالاءِ جو انهن جي مصيبت جو ڏينهن ويجهو آهي، ۽ جيڪي حادثا انهن تي اچڻا آهن سي جلد ايندا. 36 ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت جو انصاف ڪندو، ۽ پنهنجن ٻانهن تي قياس ڪندو؛ جڏهن هو ڏسندو تہ سندن زور هليو ويو آهي، ۽ منجهن نڪو قيدي نڪو آزاد بچيو آهي. 37 ۽ چوندو تہ هنن جا معبود ڪٿي آهن، اهو ٽڪر جنهن تي هنن جو ڀروسو هو؛ 38 جن هنن جي قربانين جي چرٻي ٿي کاڌي، ۽ هنن جي پيئڻ وارين قربانين جو شراب ٿي پيتو؟ ڀلي اهي اُٿي اچي اوهان جي مدد ڪن، ڀلي تہ اهي اوهان جو بچاءُ ٿين. 39 هاڻي ڏسو، تہ اهو هڪڙو ئي آءٌ آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي: آءٌ ماريان ٿو، ۽ آءٌ جياريان ٿو؛ مون ڦٽيو آهي، ۽ آءٌ ڇُٽايان ٿو: ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي. 40 ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻي ٿو چوان، تہ مون کي پنهنجيءَ هميشہ جي زندگيءَ جو قسم آهي، تہ 41 جيڪڏهن آءٌ پنهنجي چمڪندڙ ترار تکي ڪندس، ۽ عدالت جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻندس؛ تہ پوءِ جيڪي منهنجي مخالفت ٿا ڪن، تن کان وير وٺندس، ۽ جيڪي مون سان دشمني ٿا رکن، تن کي بدلو ڏيندس. 42 آءٌ پنهنجن تيرن کي رت پياريندس، ۽ منهنجي ترار ماس کائيندي؛ اهو رت قيدين ۽ قتل ٿيلن دشمن جي سردارن جو هوندو. 43 اي قومون، اوهين سندس اُمت سان خوشيون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجن ٻانهن جي خون جو وير وٺندو، ۽ جيڪي هن جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي بدلو ڏيندو؛ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪندو. 44 پوءِ موسيٰ آيو، ۽ هن، ۽ نون جي پٽ يشوع، هن گيت جا لفظ ماڻهن کي چئي ٻڌايا. 45 ۽ جڏهن موسيٰ اهي ڳالهيون سڀني اسرائيلين کي ٻڌائي چڪو: 46 تڏهن انهن کي چيائين، تہ جن ڳالهين بابت مون اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري آهي، تن سڀني کي اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي رکجو؛ ۽ انهن بابت پنهنجن ٻارن کي حڪم ڏجو، تہ اهي هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪن. 47 ڇالاءِ جو اها اوهان جي لاءِ ڪا اجائي شيءِ نہ آهي؛ پر اها اوهان جي زندگي آهي، ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين يردن جي پار ٿا وڃو، تنهن ۾ انهيءَ جي ڪري اوهان جي عمر وڏي ٿيندي. 48 ۽ انهي ساڳئي ڏينهن خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ 49 تون هن عباريم جبل تي چڙهي، نبو واري جبل تي وڃ، جو موآب جي ملڪ ۾ يريحو جي سامهون آهي؛ ۽ اتان ڪنعان جو ملڪ ڏس، جو آءٌ بني اسرائيل کي ورثي لاءِ ٿو ڏيان: 50 ۽ جنهن جبل تي تون چڙهين ٿو انهي تي تون وفات ڪندين، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين؛ جهڙيءَ طرح ڪ تنهنجو ڀاءُ هارون حور جبل تي مئو، ۽ پنهنجن وڏن سان وڃي گڏيو: 51 انهي لاءِ جو اوهان صين جي بيابان ۾، ۽ قادس جي مريبہ واري چشمي وٽ، بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجو ڏوهہ ڪيو هو؛ ڇوتہ اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. 52 تنهنڪري جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيان ٿو، سو تون پنهنجي اڳيان ڏسندين، پر تون انهي ملڪ ۾ داخل ڪين ٿيندين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society