شريعت جو دور 3 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ اسين ڦري بسن وارو رستو ڏيئي، اڳتي وڌياسين: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجن سڀني ماڻهن سميت اسان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪري آيو؛ ۽ ادرعيءَ ۾ اچي جنگ ڪيائين. 2 ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي، تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هو، جو حسبون ۾ رهندو هو. 3 انهيءَ طرح خداوند اسان جي خدا، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ سندس ماڻهن کي بہ اسان جي هٿن ۾ ڏنو: ۽ اسان انهي کي اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو. 4 ۽ اسان انهي وقت هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا؛ ۽ اهڙو هڪڙو شهر بہ ڪونہ بچيو جو اسان هنن کان نہ ورتو؛ يعني ارجوب جو سارو ملڪ، جتي بسن واري عوج جي بادشاهت هئي، ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا، سو اسان جي قبضي ۾ آيو. 5 اهي سڀ شهر ڪوٽ وارا هئا، ۽ انهن کي اُوچيون ڀتيون، ۽ دروازا، ۽ گز هئا؛ انهن کان سواءِ ڪيترائي بنا ڪوٽ شهر بہ اسان هٿ ڪيا. 6 ۽ اسان اهي بلڪل برباد ڪري ڇڏيا، جيئن ڪ حسبون جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو هوسين، يعني هرڪو آباد شهر، زالن ۽ ٻارن سميت، بلڪل برباد ڪري ڇڏيوسين. 7 پر سڀ چوپايو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو. 8 انهي وقت اسان امورين جي ٻنهي بادشاهن کان، جيڪي يردن جي هن ڀر رهندا هئا، سندن سارو ملڪ، ارنون جي ماٿريءَ کان وٺي حرمون جبل تائين کسي ورتو. 9 (انهي حرمون جبل کي صيداني سريون، ۽ اموري سنير، ڪري سڏيندا آهن). 10 انهي کان سواءِ سلڪہ، ۽ ادرعيءَ تائين ميدان جا سڀ شهر، ۽ سارو جلعاد، ۽ سارو بسن، يعني عوج جي بادشاهت جا سڀ شهر، جيڪي بسن ۾ شامل هئا، سي اسان هٿ ڪيا. 11 (ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.) 12 سو انهي وقت اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو: ۽ عروعير، جو ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي آهي، ۽ جلعاد جي ٽڪرائتي ملڪ جو اڌ، ۽ انهي جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا: 13 ۽ جلعاد جو باقي ڀاڱو، ۽ سارو بسن، يعني ارجوب جو سمورو ملڪ، جو عوج جي سلطنت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو. (بسن کي رفائيم جو ملڪ ٿا سڏين. 14 منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، جسورين ۽ معڪاتين جي سرحد تائين، ارجوب جو سارو ملڪ ورتو؛ ۽ پنهنجي نالي جي پٺيان انهن بسن جي شهرن کي حووت يائير سڏيائون، جو نالو اڄ تائين هليو اچي.) 15 ۽ مون جلعاد جو ملڪ مڪير جي اولاد کي ڏنو. 16 ۽ بني روبن، ۽ بني جد کي مون جلعاد کان وٺي ارنون جي ماٿريءَ تائين، يعني انهيءَ ماٿريءَ جي وچين ڀاڱي کي انهن جي سرحد مقرر ڪري يبوق ندي، جا عمونين جي سرحد آهي، انهيءَ تائين سارو ملڪ ڏنو؛ 17 ۽ آرباہ، ۽ يردن ۽ انهيءَ جي سرحد؛ ڪنرت کان وٺي آرباہ جي سمنڊ، يعني کاري سمنڊ تائين، جو اُڀرندي ۾ پسگاهہ جي سلامين تائين پکڙيل آهي، سو سڀ مون انهن کي ڏنو. 18 ۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو. 19 پر اوهان جون زالون، ۽ اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال، (مون کي خبر آهي تہ اوهان وٽ چوپايو مال گهڻو آهي) اهي سڀ اوهانجن انهن شهرن ۾ رهندا، جي مون اوهان کي ڏنا آهن؛ 20 جيسين ڪ خداوند اوهان جي ڀائرن کي اهڙو آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهي ملڪ کي هٿ ڪن جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي يردن جي پرئين ڀر ڏيڻ وارو آهي: پوءِ اوهان مان هرڪو موٽي پنهنجيءَ ملڪيت تي اچي، جا مون اوهان کي ڏني آهي. 21 ۽ مون انهي وقت يشوع کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا، هنن ٻن بادشاهن سان ڪيو، سو سڀ تو پنهنجين اکين سان ڏٺو: انهيءَ طرح خداوند پرئين ڀر سڀني بادشاهتن سان ڪندو، جتي تون وڃين ٿو. 22 اوهين انهن کان متان ڊڄو: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو. 23 ۽ مون انهي وقت خداوند کي عاجزي ڪري چيو، تہ 24 اي خداوند خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي طاقت ڏيکارڻ شروع ڪئي آهي: ڇالاءِ جو آسمان ۾ يا زمين تي ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جو تو جهڙا ڪم ڪري، ۽ قدرتون ڏيکاري سگهندو؟ 25 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ مون کي پار وڃڻ ڏي، تہ آءٌ يردن جي پرئين ڀر وارو چڱو ملڪ، ۽ سهڻو جبل، ۽ لبنان وڃي ڏسان. 26 پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيو هو، ۽ منهنجي نہ ٻڌائين، ۽ خداوند مون کي چيو، تہ هن ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ؛ تنهنجي لاءِ ايترو بس آهي. 27 تون پسگاهہ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃ، ۽ الهندي ڏانهن، اُتر ڏانهن، ڏکڻ ڏانهن، ۽ اُڀرندي ڏانهن نهاري پنهنجين اکين سان ڏس: ڇالاءِ جو تون هن يردن جي پرئين ڀر نہ ويندين. 28 پر يشوع کي حڪم ڏي، ۽ همتائينس، ۽ هن کي مضبوط ڪر؛ ڇالاءِ جو هو اُمت کي پار وٺي ويندو، ۽ جيڪو ملڪ تون ڏسندين، سو هنن کي ورثي ۾ ڏياريندو. 29 ۽ اسين بيت فغور جي ماٿريءَ ۾ رهي پياسين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society