Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 29 - Sindhi Bible

1 حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.

2 موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛

3 يعني اهي وڏيون آزمائشون، ۽ نشان، ۽ وڏا معجزا جي تنهنجين اکين ڏٺا:

4 پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.

5 مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي.

6 اوهان اڃا نڪا ماني کاڌي آهي، نڪي اوهان شراب يا ڪو ٻيو نشو پيتو آهي: انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

7 جڏهن اوهين هن هنڌ آيا، تڏهن حسبون جو بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، اسان جي برخلاف جنگ ڪرڻ آيا، ۽ اسان انهن کي ماريو:

8 ۽ اسان انهن جو ملڪ ورتو، ۽ اهو بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنوسين.

9 تنهنڪري اوهين هن عهد جي ڳالهين تي خبرداري سان عمل ڪريو، تہ اوهين جيڪي ڪريو، تنهن ۾ فتحياب ٿيو.

10 اوهين سڀ اڄوڪي ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا آهيو؛ اوهان جا رئيس، اوهان جا قبيلا، اوهان جا بزرگ، اوهان جا عملدار، مطلب تہ اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو.

11 اوهان جا ننڍڙا ٻار، اوهان جون زالون، ۽ تنهنجيءَ منزلگاهہ ۾ رهندڙ مسافر، تنهنجي ڪاٺير کان وٺي تنهنجي بهشتيءَ تائين:

12 انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجو خدا اڄوڪي ڏينهن توسان جيڪو عهد ٿو ڪري، ۽ قسم ٿو کڻي، تنهن ۾ تون داخل ٿين:

13 تہ هو اڄوڪي ڏينهن توکي پنهنجي خاص اُمت ٺهرائي قائم ڪري، ۽ هو تنهنجو خدا ٿئي، جيئن ڪ هن توکي چيو آهي، ۽ جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.

14 آءٌ رڳو توسان هي عهد نٿو ڪريان، ۽ هي قسم نٿو کڻان؛

15 پر جيڪو بہ اڄ هتي اسان سان خداوند اسان جي خدا جي حضور ۾ بيٺو آهي، ۽ اڄ هتي اسان سان گڏ ناهي، تنهن کي بہ شامل ٿو ڪريان:

16 (ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ ڪيئن ٿي رهياسين؛ ۽ جن قومن جي وچ مان اوهان کي لنگهڻو پيو، تن مان ڪيئن نڪري آياسين؛

17 ۽ اوهان انهن جون مڪروهہ شيون ڏٺيون، ۽ انهن وٽ جيڪي ڪاٺ ۽ پهڻ، ۽ چانديءَ ۽ سون جا معبود هئا سي بہ ڏٺا):

18 سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛

19 ۽ هيئن ٿئي، تہ اهڙو ماڻهو لعنت جون هي ڳالهيون ٻڌي، پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجهي، ۽ چوي، تہ جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو ٿي سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندس، تڏهن بہ سلامت رهندس:

20 پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو.

21 ۽ عهد جون سڀ لعنتون جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن موجب سزا ڏيڻ لاءِ خداوند انهي کي اسرائيل جي سڀني قبيلن مان ڪڍي ڌار ڪندو.

22 ۽ ايندڙ پيڙهين ۾، اوهان کان پوءِ جيڪو اوهان جو اولاد ٿيندو، ۽ ڌاريا ماڻهو جي ڪنهن ڏورانهين ملڪ کان ايندا، سي جڏهن انهي ملڪ جون آفتون ۽ خداوند جون موڪليل بيماريون ڏسندا،

23 ۽ هي بہ ڏسندا تہ انهي جي ساري زمين کي گندرف، ۽ شورو لڳو پيو آهي، ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي، جو منجهس نڪا پوک ٿي ٿئي، نڪا پيداوار ٿي ٿئي، نڪو گاهہ ٿو اُڀري: اهو ملڪ سدوم، ۽ عمورہ، ۽ ادمہ، ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جنهن کي خداوند پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ نابود ڪري ڇڏيو:

24 تڏهن اهي سڀ قومون پڇنديون، تہ خداوند هن ملڪ سان ائين ڇو ڪيو آهي؟ هيڏيءَ وڏيءَ ڪاوڙ جو سبب ڪهڙو آهي؟

25 تنهن تي ماڻهو چوندا، تہ انهي جو سبب هي آهي، تہ جڏهن خداوند هنن جي ابن ڏاڏن جو خدا کين مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو، تڏهن ساڻن جيڪو عهد ڪيو هئائين، سو هنن وساري ڇڏيو؛

26 ۽ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن کي سجدو ڪيائون، جن جي کين خبر ڪانہ هئي، ۽ نڪي خداوند کين اهي ڏنا هئا:

27 تنهنڪري خداوند هن ملڪ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، تہ جيڪي لعنتون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، سي سڀ انهي تي موڪلي:

28 ۽ خداوند غصي ۾، ڪاوڙ ۾، ۽ ڏاڍي چڙ ۾ ڀرجي هنن جي ملڪ مان سندن پاڙ پٽي ڪڍي، ۽ کين ٻئي ملڪ ۾ اُڇلايائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

29 غيب جو مالڪ تہ خداوند اسان جو خدا آهي: پر جيڪي ڳالهيون ظاهر ڪيون ويون آهن، سي هميشہ لاءِ اسان جون ۽ اسان جي اولاد جون آهن، انهي لاءِ تہ اسين هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي عمل ڪريون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan