Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 28 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو:

2 ۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.

3 تون شهر ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ برڪت وارو ٿيندين.

4 تنهنجي اولاد ۾، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار ۾، تنهنجن ڍورن جي ٻچن ۾، يعني تنهنجن گاين ۽ تنهنجن ڌڻن جي ٻچن ۾ برڪت پوندي.

5 تنهنجيءَ ٽوڪريءَ ۾، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ ۾ برڪت پوندي.

6 تون اندر اچڻ وقت، ۽ ٻاهر وڃڻ وقت برڪت وارو ٿيندين.

7 جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.

8 خداوند جي حڪم سان تنهنجن ڀانڊن ۾، ۽ جن جن ڪمن ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ برڪت پوندي، جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ توکي برڪت ڏيندو.

9 جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ياد رکندين، ۽ هن جي رستن تي هلندين، تہ خداوند توکي پنهنجي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت ٺهرائي قائم ڪندو، جيئن ڪ هن توسان قسم کنيو آهي؛

10 ۽ زمين جون سڀ قومون ڏسنديون تہ تون خداوند جي نالي ٿو سڏجين؛ ۽ اهي توکان ڊڄنديون

11 ۽ جيڪو ملڪ توکي ڏيڻ لاءِ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ هو تنهنجي اولاد کي، ۽ تنهنجي چوپائي مال کي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار کي گهڻو وڌائي توکي سکي ڪندو.

12 خداوند تنهنجي لاءِ پنهنجو اعليٰ خزانو، يعني آسمان کي کولي تنهنجي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو، ۽ تنهنجي هٿ جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو: تون گهڻين قومن کي قرض ڏيندين، پر تون قرض ڪونہ کڻندين.

13 تون پڇ نہ، پر مٿو ٿيندين؛ تون هيٺ نہ، پر مٿي ٿيندين؛ بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، سي ٻڌندين ۽ خبرداري سان انهن تي عمل ڪندين:

14 ۽ جن ڳالهين جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي حڪم ٿو ڏيان، تن مان ڪنهن کان بہ ساڄي پاسي، يا کٻي پاسي ڦري ٻين معبودن جي پيروي ۽ عبادت نہ ڪندين.

15 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.

16 تون شهر ۾ بہ لعنتي ٿيندين، ۽ ٻنيءَ ۾ بہ لعنتي ٿيندين.

17 تنهنجيءَ ٽوڪريءَ تي، ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهہ تي لعنت پوندي.

18 تنهنجي اولاد تي، ۽ تنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيداوار تي، تنهنجين گاين، ۽ ڌڻن جي ٻچن تي لعنت پوندي.

19 تون اندر اچڻ وقت ۽ ٻاهر وڃڻ وقت لعنتي ٿيندين.

20 جن جن ڪمن جي ڪرڻ ۾ تون هٿ وجهندين، تن سڀني ۾ خداوند توتي لعنت، بي آرامي، ۽ ملامت موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي بلڪل تباهہ نہ ٿي وڃين؛ اهو تنهنجن خراب ڪمن جي سببان ٿيندو، جن جي ڪري تون مون کي ڇڏي ڏيندين.

21 ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، تنهن ۾ جيسين خداوند توکي فنا نہ ڪندو، تيسين هو تو تي وبا موڪليندو رهندو.

22 خداوند توکي سلهہ سان، ۽ تپ سان، ۽ سوڄ سان، ۽ سخت گرميءَ سان، ۽ ترار سان، ۽ جهولي سان، ۽ رتيءَ سان ماريندو، ۽ جيسين تون تباهہ نہ ٿي ويندين، تيسين اهي تنهنجي پٺيان پوندا.

23 ۽ تنهنجي مٿان جو آسمان آهي سو پتل جهڙو ٿيندو، ۽ تنهنجي هيٺان جا زمين آهي سا لوهہ جهڙي ٿيندي.

24 خداوند مينهن جي بدران تنهنجيءَ زمين تي ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو: جيسين تون برباد نہ ٿيندين، تيسين اهي آسمان مان توتي پوندا رهندا.

25 خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.

26 تنهنجو لاشو آسمان جي پکين، ۽ زمين جي مرن جو کاڄ ٿيندو، ۽ ڪو انهن کي هڪالڻ وارو بہ ڪونہ هوندو.

27 خداوند توکي مصر جي ڦرڙيءَ سان، ۽ بواسير سان، ۽ ڏڍ سان، ۽ خارش سان ماريندو، ۽ تون انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگهندين.

28 خداوند توکي چريائيءَ سان، ۽ انڌاپي سان، ۽ دل جي پريشانيءَ سان ماريندو:

29 تون ڏينهن جو ٻنپهرن جي وقت ائين هٿوراڙيون هڻندين، جيئن انڌو اوندهہ ۾ هٿوراڙيون هڻندو آهي، ۽ تون پنهنجن ڪمن ۾ ڪامياب نہ ٿيندين: تو تي هميشہ ظلم ۽ ڦرمار پيئي ٿيندي، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.

30 تون جنهن زال سان مڱڻي ڪندين، تنهن سان ٻيو ماڻهو سمهندو: تون گهر جوڙيندين، پر انهي ۾ رهندين ڪين: تون ڊاک جو منهہ لڳائيندين، پر انهي جو ميوو تنهنجي ڪم ڪين ايندو.

31 تنهنجو ڏاند تنهنجين اکين اڳيان ڪُٺو ويندو، پر تون انهي منجهان ڪجهہ بہ نہ کائيندين: تنهنجو گڏهہ تنهنجي روبرو زبردستيءَ سان کسيو ويندو، ۽ توکي موٽي نہ ملندو: تنهنجون رڍون تنهنجن دشمنن کي ڏنيون وينديون، ۽ ڪوبہ توکي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيندو.

32 تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيون ٻين ماڻهن کي ڏنيون وينديون، ۽ تنهنجون اکيون پيون نهارينديون، ۽ سارو ڏينهن انهن جو انتظار ڪندي رهجي وينديون: ۽ تنهنجو ڪوبہ وس ڪونہ پڄندو.

33 تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:

34 ايتري قدر جو تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي چريو ٿي پوندين:

35 خداوند تنهنجن گوڏن ۾، ۽ تنهنجين ٽَنگن ۾ ڦرڙيون ڪڍي توکي اهڙو آزاريندو، جو تون پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڇٽي نہ سگهندين.

36 خداوند توکي ۽ جيڪو بادشاهہ تون پنهنجي مٿان مقرر ڪندين، تنهن کي اهڙيءَ قوم ۾ پهچائيندو، جنهن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا.

37 ۽ جن جن قومن ۾ خداوند توکي وٺي ويندو، تن سڀني ۾ تون عجب جو، ۽ پهاڪي جو، ۽ چوڻيءَ جو سبب ٿيندين.

38 تون گهڻو ٻج ٻنيءَ ۾ کڻي ويندين، پر ٿورو فصل گڏ ڪندين؛ ڇالاءِ جو مڪڙ اهو کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.

39 تون ڊاک جا منهہ لڳائيندين، پر نڪي ڊاک گڏ ڪندين، نڪي انهيءَ جي رس پيئندين؛ ڇالاءِ جو ڪينئان اها کائي ويندا.

40 تنهنجي سڄي ملڪ ۾ زيتون جا وڻ هوندا، پر تون انهن جو تيل ڪين مکيندين؛ ڇالاءِ جو تنهنجن زيتونن جو ڦر ڇڻي پوندو.

41 تون پٽ ۽ ڌيون ڄڻيندين، پر اهي تنهنجا ڪين ٿيندا؛ ڇالاءِ جو اهي قيدي ٿي ويندا.

42 تنهنجا سڀ وڻ ۽ تنهنجيءَ زمين جي سڀ پيداوار مڪڙ کائي ويندا.

43 جيڪو ڌاريو ماڻهو تنهنجي وچ ۾ هوندو سو توکان وڌندو ويندو؛ ۽ تون گهٽبو ويندين.

44 هو توکي قرض ڏيندو، پر تون هن کي قرض ڪين ڏيئي سگهندين: هو اڳيان وڌندو ۽ تون پٺتي ٿيندين.

45 سو جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين ۽ جيڪي حڪم، ۽ قانون هن توکي فرمايا آهن، تن کي خبرداريءَ سان نہ مڃيندين؛ تہ اهي سڀ لعنتون تو تي اينديون، ۽ تنهنجي پٺيان پونديون، ۽ توکي اچي پهچنديون، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين:

46 ۽ اهي تولاءِ ۽ تنهنجي اولاد لاءِ هميشہ تائين، هڪڙي نشان ۽ معجزي وانگر ٿينديون:

47 ڇالاءِ جو تو سڀني شين جي گهڻائيءَ هوندي بہ، خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت نہ ڪئي.

48 تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.

49 خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛

50 اهڙي خوفناڪ چهري واري قوم، جا نہ پوڙهي جو لحاظ ڪندي، نڪي جوان سان مروت ڪندي.

51 اها تنهنجي چوپائي مال جا ٻچا، ۽ تنهنجي زمين کائي ويندي، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: ۽ اها تنهنجي لاءِ اَن، يا شراب، يا تيل، يا گاين، ۽ ڌڻن جا ٻچا بہ ڪين ڇڏيندي، جيسين ڪ توکي نابود نہ ڪري:

52 ۽ اها تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيريندي، ۽ جيسين تنهنجون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون: ۽ اها جيڪو ملڪ خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو آهي، تنهن منجهہ تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪندي.

53 ۽ انهي گهيري ۾ تنهنجا دشمن توکي اهڙو ڦاسائيندا، جو تون خود پنهنجي اولاد جو، يعني جيڪي پٽ ۽ ڌيون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جو ماس کائيندين.

54 ۽ جيڪو ماڻهو اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندو، تنهن جي بہ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن، ۽ پنهنجيءَ دل گهري زال ڏانهن، ۽ جيڪي ٻار باقي بچيا هوندس، تن ڏانهن خراب نيت ٿيندي:

55 ايتري قدر جو هو پنهنجن ٻارن جو ماس، جيڪو پاڻ کائيندو هوندو، تنهن منجهان ذرو بہ انهن مان ڪنهن کي ڪين ڏيندو، ڇالاءِ جو وٽس ڪي بہ باقي نہ بچندو؛ ڇو جو تنهنجن سڀني شهرن ۾ هو توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا.

56 ۽ جيڪا زال اوهان ۾ نرم دل ۽ نازڪ طبع هوندي، جا پنهنجيءَ نرميءَ ۽ نزاڪت جي ڪري، پنهنجي پير جي تري بہ پٽ تي رکڻ جي همت نہ ڪندي هوندي، تنهن جي بہ پنهنجي دل گهرئي مڙس ڏانهن، ۽ پنهنجي پٽ ڏانهن، ۽ پنهنجي ڌيءَ ڏانهن خراب نيت ٿيندي،

57 ۽ انهي ننڍڙي ٻار ڏانهن جو هن ڄڻيو هوندو، ۽ سندس سڀني ٻارن ڏانهن سنديس خراب نيت ٿيندي؛ ڇالاءِ جو ڪابہ شيءِ نہ هئڻ ڪري، هوءَ انهن کي لڪ ڇپ ۾ کائي ويندي: ڇو جو تنهنجا دشمن تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪري ڦاسائيندا.

58 جيڪڏهن تون هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، خبرداري سان عمل نہ ڪندين، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي جلالي ۽ خوفناڪ نالي کان ڊڄندو نہ رهندين؛

59 تہ پوءِ خداوند تنهنجي اولاد تي عجيب آفتون موڪليندو، يعني وڏيون ۽ گهڻن ڏينهن تائين رهندڙ آفتون، ۽ سخت ۽ ڊگهيون بيماريون موڪليندو.

60 ۽ هو وري توتي بہ مصر جا خراب مرض موڪليندو، جن کان تون ڊڄندو هئين؛ ۽ اهي توکي چهٽي ويندا.

61 ۽ اهي بيماريون ۽ آفتون، جيڪي هن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن، سي بہ خداوند توتي موڪليندو، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين.

62 جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، تہ پوءِ اوهين جي آسمان جي تارن جيترا هئا؛ سي گهڻو گهٽجي ويندا.

63 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيئن خداوند اوهان مان خوش ٿي اوهان سان ڀلائي ڪندو هو، ۽ اوهان کي وڌائيندو هو؛ تيئن خداوند اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو؛ ۽ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن مان اوهين ڪڍيا ويندا.

64 ۽ خداوند اوهان کي زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، سڀني قومن ۾ دربدر ڪندو، اتي تون ٻين معبودن جي عبادت ڪندين، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جن جي توکي يا تنهنجي ابن ڏاڏن کي خبر ڪانهي.

65 انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو:

66 ۽ توکي حياتيءَ جي دهشت رهندي؛ ۽ تون رات ڏينهن ڊپ ۾ گذاريندين، ۽ توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جي پڪ ڪانہ ٿيندي:

67 تون پنهنجين اکين سان اهي ڳالهيون ڏسي، پنهنجيءَ دل ۾ اهڙو ڊڄي ويندين، جو صبح جو چوندين، تہ خدا ڪري شل سانجهي ٿئي! ۽ سانجهيءَ جو چوندين، تہ خدا ڪري شل صبح ٿئي!

68 جنهن رستي بابت مون توکي چيو هو تہ وري نہ ڏسج، انهي رستي کان خداوند توکي ٻيڙين ۾ چاڙهي مصر ۾ آڻيندو: ۽ اتي اوهين پاڻ کي پنهنجن دشمنن وٽ غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan