Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 27 - Sindhi Bible

1 پوءِ موسيٰ اسرائيل جي بزرگن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي سڀيئي مڃيندا رهجو.

2 ۽ جنهن ڏينهن اوهين يردن لنگهي انهي ملڪ ۾ وڃو جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، انهي ڏينهن تون وڏا وڏا پهڻ کڙا ڪج، ۽ انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج:

3 پار وڃڻ کان پوءِ هن شريعت جون سڀ ڳالهيون انهن تي لکج؛ انهي لاءِ تہ تون انهي ملڪ ۾ وڃي داخل ٿين، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا توسان واعدو ڪيو آهي.

4 سو جڏهن اوهين يردن جي پار وڃو، تڏهن اهي پهڻ، جن جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي عيبال جبل تي کوڙجو، ۽ تون انهن کي گچ سان لنبي ڇڏج.

5 تون اتي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پهڻن جي هڪڙي قربانگاهہ جوڙج: ۽ تون انهن تي لوهہ جو ڪوبہ اوزار ڪم نہ آڻج.

6 تون خداوند پنهنجي خدا جي اها قربانگاهہ اڻ گهڙيل پهڻن جي جوڙج: ۽ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهج:

7 ۽ اتي ئي تون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، ۽ اهي کائج؛ ۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ڪج.

8 تون انهن پهڻن تي هن شريعت جون سڀ ڳالهيون تمام چٽيءَ طرح لکج.

9 پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهن سڀني اسرائيلين سان گفتگو ڪري کين چيو، تہ اي اسرائيل ماٺ ڪري ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن تون خداوند پنهنجي خدا جي اُمت ٿيو آهين.

10 تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪج، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪج.

11 ۽ موسيٰ انهي ساڳئي ڏينهن ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو، تہ

12 جڏهن اوهين يردن لنگهي پار وڃو، تڏهن شمعون لاوي، يهوداہ، اشڪار، يوسف ۽ بنيمين جا قبيلا گرازيم جبل تي بيهي ماڻهن کي برڪتون ٻڌائين،

13 ۽ روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتاليءَ جا قبيلا عيبال جبل تي بيهي ماڻهن کي لعنتون ٻڌائين.

14 ۽ لاوي ورندي ڏيئي وڏي آواز سان اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چون تہ

15 جيڪو ماڻهو ڪاريگر جي هوشياريءَ سان اُڪريل يا پلٽيل مورت جوڙي، جا خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي، ۽ انهيءَ کي ڪنهن لڪل جاءِ تي رکي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون، آمين.

16 جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

17 جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جا حد وارا نشان هٽائي، سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

18 جيڪو ماڻهو انڌي کي گمراهہ ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

19 جيڪو ماڻهو پرديسيءَ، يتيم، ۽ بيوہ زال سان ناحق ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

20 جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي زال سان سمهي سو ملعون آهي، ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جو ننگ کوليو آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

21 جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي جانور سان بدفعلي ڪري سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

22 جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ ڀيڻ، يعني پنهنجي پيءُ جي ڌيءَ، يا پنهنجي ماءُ جي ڌيءَ سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

23 جيڪو ماڻهو پنهنجي سس سان سمهي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

24 جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي ڌڪ هڻي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

25 جيڪو ماڻهو بيگناهہ کي قتل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

26 جيڪو ماڻهو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم رهي عمل نہ ڪري، سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan