Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 25 - Sindhi Bible

1 جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛

2 ۽ جيڪڏهن اهو شرير سزا جو لائق هجي، تہ قاضي انهي کي پٽ تي سمهاري، ۽ پنهنجي روبرو انهيءَ شرارت موجب ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.

3 هو انهي کي چاليهہ ڦٽڪا هڻائي، وڌيڪ نہ هڻائيس: متان انهن کان وڌيڪ ڦٽڪا کائڻ ڪري، تنهنجو ڀاءُ تنهنجي اڳيان ذليل ڏسڻ ۾ اچي.

4 جڏهن ڏاند اَن ڳاهي تڏهن انهي جو ٻُوٿ نہ ٻڌ.

5 جڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ انهن مان هڪڙو مري وڃي، ۽ پٽ نہ هجيس، تہ انهي فوتيءَ جي زال ڌارئي ماڻهو سان نہ وڃي پرڻجي: سندس مڙس جو ڀاءُ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ کيس پنهنجي زال ڪري، ۽ ساڻس ڏير جو حق ادا ڪري.

6 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو پهريون ٻار هوءَ ڄڻيندي سو هن جي فوتي ڀاءُ جي نالي سان انهي جو وارث ٿيندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل منجهان انهي جو نالو ميٽجي نہ وڃي.

7 پر جيڪڏهن هو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ تي راضي نہ ٿئي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ وڃي چوي، تہ منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري، ۽ مون سان ڏير جو حق ادا ڪرڻ نٿو گهري.

8 تڏهن شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سڏي کيس سمجهائين: ۽ جيڪڏهن هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي، ۽ چوي، تہ آءٌ هن سان پرڻجڻ نٿو گهران؛

9 تہ پوءِ سندس ڀاڄائي بزرگن جي روبرو هن وٽ اچي، ۽ هن جي پير مان پادر لاهي، ۽ هن جي منهن تي ٿُڪ هڻي ۽ چويس، تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گهر آباد نٿو ڪري تنهن سان هيئن ڪرڻ گهرجي.

10 ۽ اسرائيل ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جو هي نالو پئجي وڃي، ”پادر لٿل ماڻهوءَ جو گهراڻو“.

11 جڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن، ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي مارڻ واري جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ويجهو اچي، پنهنجو هٿ ڊگهيري، ۽ انهي ماڻهوءَ جي آنورن کي جهلي:

12 تہ تون انهيءَ زال جو هٿ وڍي ڇڏج، ۽ تون انهي تي ڪوبہ قياس نہ ڪج.

13 تون پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ جدا جدا قسمن جا، يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا وٽ نہ رکج.

14 تون پنهنجي گهر ۾ جدا جدا قسمن جا يعني هڪڙا ننڍا ٻيا وڏا ماڻ نہ رکج.

15 پر تون بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماڻ رکج؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.

16 ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهو اهڙا ڪم ٿا ڪن، يعني جيڪي اهڙا ڪپت جا ڪم ٿا ڪن، سي خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهن.

17 جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن واٽ تي عماليقين توسان ڇا ڪيو سو ياد رکج.

18 ڪيئن نہ هو واٽ تي توکي اچي گڏيا، ۽ جڏهن تون ٿڪل ۽ ماندو هئين، تڏهن تنهنجا ضعيف ماڻهو جيڪي پٺتي رهيل هئا، تن سڀني کي اچي ماريائون.

19 تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan