شريعت جو دور 24 - Sindhi Bible1 جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس. 2 ۽ جڏهن هو انهي جي گهر مان نڪري وڃي، تڏهن ڀلي وڃي ٻيو مڙس ڪري. 3 ۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛ 4 تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج. 5 جڏهن ڪو ماڻهو ڪا نئين زال پرڻجي، تڏهن هو لشڪر ۾ شامل ٿي جنگ تي نہ وڃي، ۽ نہ انهي کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏجي: هو هڪڙي سال تائين ڀلي تہ گهر ۾ آزاد رهي، ۽ جيڪا زال پرڻيو آهي تنهن کي خوش رکي. 6 ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي. 7 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج. 8 تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو. 9 جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن رستي ۾ خداوند تنهنجي خدا جيڪي مريم سان ڪيو سو ياد رکو. 10 جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي قرض ڏين، تڏهن انهي جي ڪا شيءِ گروي رکڻ لاءِ سندس گهر ۾ نہ گهڙج. 11 تون ٻاهر بيهي رهج، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي تو قرض ڏنو آهي سو پاڻيهي اها شيءِ ٻاهر آڻي گرويءَ طور توکي ڏئي. 12 ۽ جيڪڏهن هو غريب ماڻهو هجي، تہ تون انهي جي گرويءَ واري شيءِ پاڻ وٽ رکي سمهي نہ رهج: 13 پر جڏهن سج لهي تڏهن تون ضرور اها شيءِ هن کي موٽائي ڏج، تہ هو پنهنجو ڪپڙو ڍڪي سمهي، ۽ توکي دعا ڪري: ۽ خداوند تنهنجي خدا جي اڳيان اها تنهنجي لاءِ راستبازي ليکي ويندي. 14 تون پنهنجي غريب ۽ محتاج پورهيت تي ظلم نہ ڪج، پوءِ اهو تنهنجن ڀائرن منجهان هجي، يا انهن ڌارين مان جي تنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن شهرن ۾ رهندا هجن. 15 جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي. 16 پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي. 17 تون ڪنهن مسافر يا يتيم سان ناحق نہ ڪج، نڪي ڪنهن بيوہ زال جا ڪپڙا گروي رکج: 18 پر تون ياد رکج تہ تون مصر ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي اُتان ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان. 19 جڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جو فصل لڻين، ۽ ٻنيءَ ۾ هڪڙو سنگ وساري ڇڏين، تڏهن اهو کڻڻ لاءِ وري نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي: انهي لاءِ تہ جنهن ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي. 20 جڏهن تون پنهنجي زيتون جي وڻ کي ڌوڻين، تڏهن ساڳين ٽارين تي ٻيو ڀيرو نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي. 21 جڏهن تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جي ڊاک گڏ ڪرين، تڏهن جيڪا رهجي وڃي سا ٻيو ڀيرو گڏ نہ ڪج: اها مسافر، ۽ يتيم ۽ بيوہ زال لاءِ پيئي رهي. 22 ۽ تون ياد رکج تہ تون مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society