شريعت جو دور 14 - Sindhi Bible1 اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو. 2 ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ اُمت آهين، ۽ خداوند زمين جي سڀني قومن مان توکي پنهنجي خاص اُمت ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي. 3 تون ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائج. 4 جيڪي جانور اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: ڍڳو، رڍ، ۽ ٻڪري، 5 سانڀر، هرڻ، ڦاڙهو، جهنگلي ٻڪر، ۽ جابلو هرڻ، نيل گانءِ ۽ جهنگلي گهيٽو. 6 جانورن مان جن جا کر چيريل آهن، ۽ جن جا کر ٻہ ڦاڪا آهن، ۽ اوڳارين ٿا، سي اوهين کائجو. 7 تڏهن بہ جيڪي اوڳارين ٿا، يا جن جا کر چيريل آهن، تن مان هي اوهين نہ کائجو، يعني اُٺ، سهو، ۽ جهنگلي نور؛ ڇالاءِ جو اهي اوڳارين ٿا پر سندن کر چيريل نہ آهن: تنهنڪري اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن. 8 ۽ سوئر؛ ڇالاءِ جو هن جا کر چيريل آهن پر اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي: انهن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو. 9 پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو: 10 ۽ جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن. 11 حلال پکين مان جيڪي اوهان کي وڻي سو کائجو. 12 سواءِ هنن مان جي اوهين نہ کائجو: عقاب، باز، ۽ ڪُريل؛ 13 هڏخور، شِڪرو، ۽ سرڻ جا سڀ قسم؛ 14 سڀني قسمن جا نانگ 15 اٺ پکي، رات شِڪرو، سامونڊي باز ۽ بازن جا سڀ قسم؛ 16 چٻرو، وڏي چٻ، ۽ سڱن واري چٻ؛ 17 پيڻ، ڳجهہ، ۽ ڪنگ؛ 18 لقلق، ۽ ٻگهن جا سڀ قسم، چنڊول، ۽ چمڙو؛ 19 ۽ سڀ کنڀن وارا سرندڙ جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن: اهي نہ کائجو. 20 حلال پکين مان اوهان کي جيڪي وڻي سو کائجو. 21 جيڪو جانور پاڻيهي مري سو اوهين نہ کائجو: جيڪو پرديسي تنهنجو شهر ۾ هجي تنهن کي تون اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿو سگهين، يا اهو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو سگهين: ڇالاءِ جو تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هڪڙي پاڪ اُمت آهين. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج. 22 تون پنهنجي ٻج جي پيدائش منجهان، جا سال بسال تنهنجيءَ ٻنيءَ مان حاصل ٿي ٿئي، ڏهون حصو ضرور ڏيندو رهج. 23 ۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجي اَن، ۽ پنهنجي شراب، ۽ پنهنجي تيل جو ڏهون حصو، ۽ پنهنجي ڍورن، ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا خداوند جي حضور ۾ کائج؛ انهي لاءِ تہ تون هميشہ خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄڻ سکين. 24 ۽ جيڪڏهن اهو هنڌ جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، سو تو کان گهڻو پري هجي، ۽ رستو بہ ايترو ڊگهو هجي جو جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي، تڏهن تون پنهنجو ڏهون حصو کڻي اتي وڃي نہ سگهين، 25 تہ پوءِ تون اهو وڪڻي پئسا وٺج، ۽ اهي پئسا پاڻ سان کڻي انهي هنڌ وڃج، جو خداوند تنهنجي خدا چونڊيو هجي. 26 ۽ اتي انهن پئسن سان جيڪي تنهنجي دل چاهي سو وٺج، يعني ڏاند، يا رڍون، يا مئي، يا شراب، يا جيڪا بہ شيءِ توکي وڻي سا وٺي، تون، ۽ تنهنجو گهراڻو، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو، ۽ خوشي ڪجو. 27 ۽ جيڪو لاوي تنهنجي گهر ۾ هجي، تنهن کي وساري نہ ڇڏج؛ ڇالاءِ جو هن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي. 28 ٽن ٽن ورهين کان پوءِ، تون پنهنجي سموري پيدائش جو ڏهون حصو انهي سال ۾ ڪڍي، پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج؛ 29 تہ لاوي، جنهن کي توسان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن؛ انهي لاءِ تہ جنهن بہ ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society