Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

شريعت جو دور 10 - Sindhi Bible

1 انهي وقت خداوند مون کي چيو، تون اڳين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون جوڙ، ۽ مون وٽ جبل تي چڙهي اچ، ۽ ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙ.

2 آءٌ انهن تختين تي اهي ڳالهيون لکندس، جي انهن اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو، ۽ تون اهي انهيءَ صندوق ۾ رکج.

3 ان موجب مون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙي، ۽ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻہ تختيون جوڙيم، ۽ اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي، جبل تي چڙهي ويس.

4 ۽ جيڪي ڏهہ حڪم خداوند جبل تي باهہ جي وچ مان جماعت واري ڏينهن اوهان کي ٻڌايا هئا، سي هن پهرئين لکئي موجب انهن تختين تي لکيا: ۽ خداوند اهي مون کي ڏنيون.

5 پوءِ آءٌ موٽي جبل تان هيٺ لٿس، ۽ جيڪا صندوق مون جوڙي هئي، تنهن ۾ اهي تختيون رکيم؛ ۽ اهي اڃا اتي ئي رکيل آهن، جيئن ڪ خداوند مون کي فرمايو هو.

6 (پوءِ بني اسرائيل بيروت بني يعقان کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا: اتي هارون وفات ڪئي، ۽ هن کي اتي ئي دفن ڪيو ويو؛ ۽ سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪهانت جي عهدي تي خدمت ڪرڻ لڳو.

7 پوءِ هو اُتان ڪوچ ڪري جدجودہ ۾ آيا؛ ۽ جدجودہ مان روانا ٿي يوطبات ۾ آيا، جتي پاڻيءَ جون نهرون هيون.

8 انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.

9 انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)

10 ۽ آءٌ اڳي وانگر، چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون، جبل تي رهيس: ۽ هن ڀيري بہ خداوند منهنجي ٻڌي؛ ۽ توکي برباد نہ ڪيائين.

11 پوءِ خداوند مون کي چيو، تہ اُٿ، ۽ ماڻهن جي رهبري ڪر؛ تہ هو انهي ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ انهن کي ڏيندس.

12 هاڻي اي اسرائيل، خداوند تنهنجو خدا توکان ڇا ٿو گهري، رڳو ايترو تہ تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهہ، سندس سڀني واٽن تي هل، ۽ کيس پيار ڪر، ۽ پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان، خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر،

13 ۽ خداوند جا حڪم ۽ سندس قانون، جي آءٌ تنهنجيءَ ڀلائيءَ جي لاءِ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن کي مڃيندو رهہ؟

14 ۽ ڏس، آسمان ۽ آسمانن جو آسمان، زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو سڀ خداوند تنهنجي خدا جو آهي؛

15 تڏهن بہ خداوند خوشيءَ سان تنهنجي ابن ڏاڏن کي پيار ڪيو، ۽ انهن کان پوءِ سندس اولاد کي، يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن مان چونڊي ڪڍيائين، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

16 تنهنڪري اوهين پنهنجي دل جو ختنو ڪريو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو.

17 ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.

18 هو يتيمن ۽ بيوہ زالن جو انصاف ٿو ڪري، ۽ پرديسيءَ کي پيار ٿو ڪري، ۽ انهي کي کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي.

19 تنهنڪري اوهين پرديسيءَ کي پيار ڪريو: ڇالاءِ جو اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ پرديسي هئا.

20 تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.

21 اهوئي تنهنجي تعريف جو حقدار آهي، اهو ئي تنهنجو خدا آهي، جنهن تنهنجي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺا.

22 تنهنجا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا؛ پر هاڻي خداوند تنهنجي خدا توکي آسمان جي تارن جيترو وڌايو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan