دانيال 7 - Sindhi Bible1 بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي پهرين سال ۾ داني ايل پنهنجي بستري تي سُتي هڪڙو خواب لڌو، ۽ سندس مغز ۾ ڪي رويا ظاهر ٿيا: تڏهن هن اُهو خواب لکيو ۽ انهن ڳالهين جو مڪمل بيان ٻڌايائين. 2 داني ايل چوڻ لڳو تہ مون رات جو پنهنجي رويا ۾ ڏٺو، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ آسمان جون چارئي هوائون وڏي سمنڊ تي اچي ڪڙڪيون آهن. 3 ۽ چار وڏا جانور، جي جدا جدا نموني جا هئا، سمنڊ مان نڪري آيا آهن. 4 پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي. 5 ۽ ڏسو، ٻيو جانور، رڇ جهڙو هو، ۽ اهو هڪڙي پاسي سڌو ٿي بيٺو؛ ۽ پاسريءَ جون ٽي هڏيون هن جي وات ۾ ڏندن جي وچ ۾ هيون: ۽ هنن چيس تہ اُٿي گهڻو گوشت کاءُ. 6 تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي. 7 انهي کانپوءِ رات جي رويا ۾ مون چوٿون جانور ڏٺو جو هيبتناڪ ۽ طاقت وارو هو، ۽ نهايت مضبوط هو؛ ۽ انهي کي وڏا لوهہ جا ڏند هئا: هو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڳڙڪايو ٿي ويو، ۽ باقي جيڪي بچيو ٿي تنهن کي پنهنجي پيرن سان ٿي لتاڙيائين، ۽ جيڪي ٻيا جانور انهي جي اڳيان هئا، تن کان هو ٻيءَ طرح جو هو؛ ۽ انهي کي ڏهہ سڱ هئا. 8 مون انهن سڱن تي ڌيان ڏيئي ڏٺو تہ انهن منجهان هڪڙو ننڍو سڱ نڪتو؛ جنهن جي اڳيان پهرين سڱن مان ٽي پاڙن کان پَٽجي نڪري آيا: ۽ ڏسو، اُنهي سڱ ۾ ماڻهن جي اکين جهڙيون اکيون هيون، ۽ هڪڙو وات بہ هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون. 9 منهنجي ڏسندي ڏسندي تخت لاٿا ويا، ۽ هڪڙو قديم الايام شخص اچي ويٺو: هن جي پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي، ۽ هن جي مٿي جا وار صاف اُن جهڙا هئا، هن جو تخت باهہ جي شعلن جو هو، ۽ انهي جا ڦيٿا ٻرندڙ باهہ وانگر هئا. 10 هن جي اڳيان هڪڙي آتشي نهر نڪري وهيو ٿي آئي: هزارن جا هزار هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ مشغول هئا، ۽ لکن جا لک هن جي اڳيان بيٺا هئا: عدالت پئي هلي، ۽ ڪتاب کليا رکيا هئا. 11 جيڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون اُنهي سڱ پئي ڪيون، تن جي آواز تي مون اوڏي مهل نهاريو؛ مون پئي ڏٺو جيستائين اُهو جانور قتل ٿي ويو ۽ سندس جسم ناس ٿي ويو، ۽ اُهو باهہ ۾ ساڙڻ جي لاءِ ڏنو ويو. 12 باقي ٻيا جانور تن جي حڪومت انهن کان کسي ويئي: انهي هوندي بہ ڪجهہ وقت تائين هنن جون حياتيون وڌايون ويون. 13 ۽ مون رات جي رويائن ۾ ڏٺو تہ آسمان جي ڪڪرن سان گڏ، آدمزاد جهڙو هڪڙو شخص آيو، ۽ اُهو انهي قديم الايام شخص وٽ آيو، ۽ انهي کي وٺي هن جي حضور ۾ آندائون. 14 ۽ انهي کي حڪومت ۽ عزت ۽ بادشاهت ڏني ويئي، تہ سڀيئي ماڻهو، قومون ۽ علحدين ٻولين وارا انهي جي خدمت چاڪري ڪن: انهي جي حڪومت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ حڪومت آهي، جا فنا ٿيڻ جي ناهي، ۽ انهي جي بادشاهي اهڙي آهي جا ناس نہ ٿيندي. 15 هاڻي مون داني ايل جو روح منهنجي اندر غمگين ٿيو، ۽ منهنجي مغز جي رويائن مون کي منجهائي ڇڏيو. 16 جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي ڏانهن آءٌ رڙهي ويجهو ٿيس، ۽ انهي سڄي احوال جي حقيقت پڇي مانس. تڏهن هن مون کي اُهي ڳالهيون ٻڌايون ۽ انهن جو مطلب سمجهايائين. 17 هي چار وڏا جانور چار بادشاهہ آهن، ۽ اُهي زمين مان اُٿندا. 18 پر خدا تعاليٰ جي اوليائن کي بادشاهت ملندي، ۽ اُهي انهي بادشاهت جا هميشہ تائين مالڪ رهندا. 19 تڏهن مون چيو تہ اهو چوٿون جانور جو هنن سڀني کان ٻي طرح جو آهي، ۽ نهايت هيبتناڪ آهي، ۽ لوهہ جا ڏند ۽ پتل جا نهن اٿس، تنهن جي حقيقت مون کي ٻڌايو؛ اهو جو ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڳڙڪائي وڃي ٿو، ۽ جيڪي باقي بچيس ٿو تنهن کي پيرن سان لتاڙي ٿو؛ 20 ۽ انهن ڏهن سڱن جي حقيقت جي هن جي مٿي تي هئا، ۽ ٻيو سڱ جو پوءِ نڪري آيو، ۽ جنهن جي اڳيان ٽي ڪِري پيا؛ يعني اُهو سڱ جنهن کي اکيون هيون ۽ وات هو، جنهن وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ۽ جو ڏسڻ ۾ ٻين سڱن کان مضبوط ٿي آيو. 21 مون ڏٺو تہ ساڳي سڱ اوليائن سان جنگ ڪئي ۽ انهن تي غالب آيو؛ 22 نيٺ اُهو قديم الايام آيو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي عدالت ڏني ويئي؛ ۽ اُهو وقت آيو جڏهن اوليائن کي بادشاهت موروثي ملڪيت ٿي ملي. 23 هن هيئن چيو تہ چوٿون جانور زمين تي چوٿين بادشاهت ٿيندو، جا ٻين بادشاهتن کان ٻي طرح جي ٿيندي، ۽ سڄي زمين کي ڳهي ويندي، ۽ انهي کي لتاڙي ڇڏيندي، ۽ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي. 24 باقي هو ڏهہ سڱ، سي آهن ڏهہ بادشاهہ، جي انهي بادشاهت مان اُٿندا: ۽ انهن کان پوءِ ٻيو اُٿندو؛ ۽ اُهو هنن اڳين کان ٻي طرح جو هوندو، ۽ اُهو ٽن بادشاهن کي ڪيرائي ڇڏيندو. 25 ۽ اُهو خدا تعاليٰ جي برخلاف ڳالهيون ڪندو، ۽ خدا تعاليٰ جي اوليائن کي هلاڪ ڪندو: ۽ هو وقتن ۽ شريعت جي ڦيرائڻ جو خيال ڪندو؛ ۽ اُهي هن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا، جيستائين هڪڙو زمانو، ۽ زمانا، ۽ اڌ زمانو گذرندو. 26 پوءِ عدالت ٿيندي؛ ۽ هو سندس حڪومت کسي ويندا، ۽ پڇاڙيءَ تائين انهي کي کپائي ناس ڪري ڇڏيندا. 27 ۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون. 28 هتي ڳالهہ پوري ٿي. باقي آءٌ داني ايل، سو منهنجي خيالن مون کي منجهائي ڇڏيو، ۽ منهنجي شڪل بدلجي ويئي: پر اها ڳالهہ مون پنهنجي دل ۾ رکي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society