Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 6 - Sindhi Bible

1 دارا کي پسند آيو تہ بادشاهت تي هڪ سؤ ويهہ والي مقرر ڪري، جي سڄي ملڪ تي حڪومت ڪن؛

2 ۽ انهن تي ٽي وزير مقرر ٿين، جن مان داني ايل هڪڙو هو، ۽ اهي سڀ والي هنن کي حساب ڏين، تہ بادشاهہ کي نقصان نہ رسي.

3 تڏهن اهو داني ايل انهن وزيرن ۽ والين ۾ برک ٿي ويو، ڇالاءِ جو منجهس هڪڙو تمام چڱو روح هو: ۽ بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هن کي سڄي ملڪ جي مٿان مقرر ڪري.

4 تڏهن وزيرن ۽ والين ڪوشش ڪئي تہ حڪمرانيءَ جي نسبت ۾ داني ايل جو ڪو قصور هٿ ڪن، پر اهڙي قصور هٿ ڪرڻ جو هنن کي وجهہ ملي نہ سگهيو؛ ڇالاءِ جو هو ايماندار هو، ۽ هن ۾ ڪا گهٽتائي يا قصور نہ هو.

5 تڏهن انهن ماڻهن چيو تہ اسين هن داني ايل جو ڪوبہ قصور لهي نہ سگهنداسين، سواءِ سندس خدا جي شريعت جي نسبت ۾ لهي سگهنداسين.

6 تڏهن اهي وزير ۽ والي بادشاهہ جي حضور ۾ گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اي بادشاهہ دارا، شل سدائين سلامت هجين.

7 ملڪ جي سڀني وزيرن، نائبن ۽ والين، مشيرن ۽ نوابن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي آهي تہ هڪڙو شاهي حڪم قائم ڪجي، ۽ هڪڙو منع نامو جاري ڪجي تہ جيڪو ٽيهن ڏينهن تائين ڪنهن معبود کان يا ماڻهوءَ کان، تنهنجي سواءِ، ڪو سوال ڪندو، تہ اي بادشاهہ اُهو شينهن جي غار ۾ وڌو ويندو.

8 هاڻي اي بادشاهہ، اهو منع نامو جاري ڪر، ۽ اهڙي لکيل حڪم تي صحيح ڪر، تہ اُهو ڦري نہ سگهي، جيئن ميدين ۽ فارسين جو قاعدو ڦرندو نہ آهي.

9 انهي ڪري بادشاهہ دارا لکيل حڪم ۽ منع نامي تي صحيح ڪئي.

10 ۽ جڏهن داني ايل کي خبر پئي تہ انهي لکيل حڪم تي صحيح پيئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گهر ويو؛ (سندس ڪوٺيءَ جون دريون يروشلم ڏانهن هيون)؛ ۽ هن ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي دعا گهري، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سندس شڪر بجا آندو، جيئن هو اڳي ڪندو هو.

11 تڏهن هي ماڻهو گڏ ٿيا ۽ ڏٺائون تہ داني ايل پنهنجي خدا اڳيان دعا گهري ٿو ۽ سوال ڪري ٿو.

12 تڏهن هو ويجهو آيا ۽ بادشاهہ جي حضور ۾ سندس منع نامي جي نسبت ۾ چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ تو اهڙو منع نامو صحيح ڪين ڪيو آهي ڇا تہ جيڪو ماڻهو ٽيهن ڏينهن اندر ڪنهن بہ معبود کان يا ماڻهوءَ کان، توکان سواءِ، سوال ڪندو تنهن کي شينهن جي غار ۾ وجهبو؟ ۽ بادشاهہ جواب ڏيئي چيو تہ اها ڳالهہ ميدين ۽ فارسين جي قاعدي موجب، جو ڦرندو ڪين آهي، سچي آهي.

13 تڏهن هنن ورنديءَ ۾ بادشاهہ جي حضور عرض ڪيو، تہ اي بادشاهہ، اُهو داني ايل جو يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان آهي، سو نہ تنهنجي پرواهہ ٿو رکي، نہ تنهنجي منع نامي جي، جنهن تي تو صحيح ڪئي آهي، پر هو ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا دعا گهري ٿو.

14 تڏهن بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر دل ۾ ارادو ڪيائين تہ داني ايل کي بچائي: ۽ سج لٿي تائين هن کي ڇڏائڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪيائين.

15 تڏهن اُهي ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان گڏ ٿيا ۽ کيس چوڻ لڳا، تہ اي بادشاهہ توکي خبر آهي تہ ميدين ۽ فارسين جو اهو قاعدو آهي تہ جيڪو منع نامو يا قانون بادشاهہ جاري ڪري سو ڦرڻ جو نہ آهي.

16 تڏهن بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي هو داني ايل کي وٺي آيا ۽ کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائونس. هاڻي بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو، تہ تنهنجو خدا، جنهن جي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو توکي بچائيندو.

17 ۽ هڪڙو پٿر آڻي غار جي منهن تي رکيائون؛ ۽ بادشاهہ انهي تي پنهنجي مهر ۽ پنهنجن اميرن جي مهر ڪئي؛ تہ متان داني ايل جي نسبت ۾ ڪا ڦيرگهير ٿئي.

18 پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.

19 تڏهن بادشاهہ صبح جو ڏاڍو سويل اُٿيو، ۽ تڪڙو ٿي شينهن جي غار ڏانهن ويو.

20 ۽ جڏهن هو غار وٽ پهتو تڏهن داني ايل کي پڪاري، ڏک جهڙي آواز سان چيائينس، تہ اي داني ايل، جيئري خدا جا ٻانها، جنهن پنهنجي خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو توکي شينهن کان ڇڏائي سگهيو آهي يا نہ؟

21 تڏهن داني ايل بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ، شل تون سدائين سلامت هجين:

22 منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪليو آهي، ۽ شينهن جا وات بند ڪيا اٿس، ۽ انهن مون کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسايو آهي: ڇالاءِ جو جيئن انهي جي اڳيان آءٌ بي گناهہ سمجهيو ويس، تيئن، اي بادشاهہ، مون تنهنجي اڳيان ڪوبہ خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.

23 تڏهن بادشاهہ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حڪم ڪيائين تہ داني ايل کي ڪڍي ٻاهر آڻيو. تڏهن داني ايل کي غار مان ڪڍي آندائون، ۽ هن کي ڪنهن بہ قسم جو ايذاءُ نہ رسيو هو، ڇالاءِ جو هن پنهنجي خدا تي ڀروسو رکيو هو.

24 ۽ بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي انهن ماڻهن کي وٺي آيا جن داني ايل تي تهمت آندي هئي، ۽ انهن کي سندن ٻارن ٻچن ۽ زالن سميت کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائون؛ ۽ شينهن انهن تي اچي ڪاهي پيا، ۽ غار جي تري تائين پهچڻ کان اڳي انهن جا هڏ گڏ ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.

25 تڏهن بادشاهہ دارا سڀني ماڻهن ۽ قومن، ۽ جدا جدا ٻولين وارن ڏي لکيو، جي دنيا ۾ رهندا هئا، تہ شل اوهان جي لاءِ سلامتي وڌي.

26 آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.

27 جنهن داني ايل کي شينهن جي چنبن مان ڇڏايو آهي، سو بچائي ٿو ۽ ڇڏائي ٿو، ۽ هو زمين ۽ آسمان ۾ نشانيون ۽ عجيب غريب ڪم ڪري ٿو ڏيکاري:

28 انهي طرح داني ايل دارا، ۽ خورس فارسيءَ جي بادشاهت ۾ خوش گذاريندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan