Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 5 - Sindhi Bible

1 بيلشضر بادشاهہ پنهنجن هڪ هزار اميرن جي وڏي مهماني ڪئي، ۽ انهن هزارن جي اڳيان شراب پيتائين.

2 بيلشضر شراب چکڻ مهل حڪم ڪيو تہ جيڪي سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍيا هئا، سي وٽس کڻي اچن؛ تہ بادشاهہ ۽ سندس امير، سندس زالون ۽ سندس سريتون انهن ۾ شراب پيئن.

3 تڏهن هنن اُهي سونا ٿانوَ آندا، جي خدا جي گهر جي هيڪل مان، جو يروشلم ۾ آهي، کڻي آيا هئا؛ ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن، زالن، ۽ سريتن انهن ۾ پيتو.

4 انهن شراب پي، پوءِ سون ۽ چاندي، ۽ پتل، ۽ لوهہ، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي.

5 ۽ اُنهي گهڙي ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ جون آڱريون نظر آيون، ۽ بادشاهہ جي محلات جي ڀت جي گچ تي، انهن شمعدان جي سامهون ڪي لکيو: ۽ بادشاهہ هٿ جو اُهو ڀاڱو ڏٺو جنهن اُهو لکيو.

6 تڏهن بادشاهہ جي شڪل ڦري ويئي، ۽ سندس خيالن کيس پريشان ڪيو؛ ۽ سندس چيلهہ جا سنڌ ڍرا ٿي پيا، ۽ سندس گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳا.

7 بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.

8 تڏهن بادشاهہ جا سڀ ڏاها ماڻهو اندر لنگهي آيا: پر هو اها لکت پڙهي نہ سگهيا، ۽ نہ بادشاهہ کي انهي جو مطلب سمجهائي سگهيا.

9 تڏهن بادشاهہ بيلشضر کي ڏاڍو فڪر ٿيو، ۽ سندس چهرو ڦري ويو، ۽ سندس امير حيران پريشان ٿي ويا.

10 هاڻي ملڪہ بادشاهہ ۽ اميرن جو چوڻ ٻڌي مجلس واري جاءِ ۾ آئي: ۽ ملڪہ چيو تہ اي بادشاهہ، شل سدائين سلامت رهين؛ تنهنجا خيال توکي پريشان نہ ڪن، ۽ نہ تنهنجي شڪل ڦري:

11 تنهنجي بادشاهت ۾ هڪڙو شخص آهي جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن ۾ نور ۽ سمجهہ ۽ ڏاهپ، بلڪ الاهي ڏاهپ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، ۽ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر، هائو، تنهنجي پيءُ، اي بادشاهہ، هن کي جادوگرن، منڊ هڻندڙن، ڪسدين، ۽ فال وجهڻ وارن جو سردار ڪيو هو؛

12 ڇالاءِ جو هڪڙو تمام چڱو روح، ۽ علم، ۽ سمجهہ، ۽ خوابن جي تعبير ڪرڻ ۽ مشڪل جملن جي معنيٰ سمجهائڻ، ۽ شڪن لاهڻ جو عقل انهي داني ايل ۾ معلوم ٿيو هو، جنهن کي بادشاهہ، بيلطشضر جو نالو ڏنو هو. هاڻي داني ايل کي گهرايو وڃي تہ هو انهي جو تعبير ڪري.

13 تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟

14 مون تنهنجي نسبت ۾ ٻڌو آهي تہ الاهي روح تو ۾ آهي ۽ علم ۽ سمجهہ ۽ نهايت عمدي ڏاهپ تو ۾ موجود آهي.

15 ۽ هاڻي ڏاها ماڻهو، منڊ هڻندڙ آڻي مون وٽ حاضر ڪيا اٿن تہ هيءَ لکت پڙهن ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائين: پر هو انهي جو مطلب سمجهائي نہ سگهيا آهن.

16 پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.

17 تڏهن داني ايل ورندي ڏيئي چيو تہ اهي پنهنجا انعام ڪنهن ٻئي کي ڏي، پر اها لکت آءٌ بادشاهہ کي پڙهي ٿو ٻڌايان، ۽ اُنهي جو مطلب بہ ٿو سمجهايان.

18 اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:

19 ۽ ڇالاءِ جو هن کيس اِها وڏائي ڏني تنهن ڪري سڀ قومون ۽ خلقتون ۽ جدا جدا ٻولين وارا سندس اڳيان ڊپ کان پئي ڏڪيا: جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي مارائيندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي جيئرو رکندو هو؛ ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي چاڙهيندو هو، ۽ جنهن کي وڻندو هوس تنهن کي لاهيندو هو:

20 پر جڏهن هن جي دل مغرور ٿيڻ لڳي ۽ هن جو روح سخت ٿيڻ لڳو، ۽ انهي ڪري هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو. تڏهن هو پنهنجي بادشاهي تخت تان لاٿو ويو، ۽ سندس عزت کانئس کسي ورتائون.

21 ۽ هو بني آدم مان هڪاليو ويو، ۽ هن جي دل جانورن جهڙي ڪئي ويئي، ۽ هن جو رهڻ گورخرن سان ٿيو؛ ۽ هن کي ڏاندن وانگي گاهہ ٿي کارايائون، ۽ هن جو بدن ماڪ سان پُسيل ٿي رهيو: جيستائين ڪ هن سمجهيو تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي انهيءَ تي ويهاري ٿو.

22 پر اي بيلشضر، تو سندس پٽ، پنهنجي دل کي نماڻو نہ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ انهي سڄي احوال جي توکي خبر هئي؛

23 پر اُٽلندو تو آسمان جي خداوند جي سامهون پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪيو آهي؛ ۽ سندس گهر جا ٿانوَ تنهنجي اڳيان آندا اٿن ۽ انهن ۾ تو، ۽ تنهنجن اميرن، تنهنجين زالن ۽ تنهنجي سريتن شراب پيتو آهي؛ ۽ تو چاندي ۽ سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پهڻ جي معبودن جي تعريف ڪئي آهي، جي نہ ڏسن ٿا نہ ٻڌن ٿا، ۽ نڪي ڄاڻن ٿا: ۽ خدا جنهن جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي حوالي تنهنجا سڀ رستا آهن، تنهن جي وڏائي تو ظاهر نہ ڪئي آهي:

24 تڏهن سندس حضوريءَ مان هٿ جو ڀاڱو موڪليو ويو ۽ هيءَ لکت لکي ويئي.

25 ۽ جيڪو لکيو ويو آهي سو هي آهي: مني؛ مني، تقيل، فرسين.

26 انهي جي معنيٰ هيءَ آهي: مني؛ يعني خدا تنهنجي بادشاهت ڳڻي ڇڏي آهي ۽ انهن کي آڻي پورو ڪيو اٿس.

27 تقيل؛ يعني تون ساهميءَ ۾ توريو ويو آهين، ۽ وزن ۾ گهٽ نڪتو آهين.

28 فرسين؛ يعني تنهنجي بادشاهت ورهائجي ويئي آهي، ۽ ميدين ۽ فارسين کي ڏني ويئي آهي.

29 تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.

30 انهي رات بيلشضر، ڪسدي بادشاهہ قتل ڪيو ويو.

31 ۽ داراميديءَ کي بادشاهي ملي، جو اٽڪل ٻاهٺ ورهين جي عمر جو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan