دانيال 4 - Sindhi Bible1 بادشاهہ نبوڪدنضر جي طرفان، سڀني ماڻهن ۽ قومن ۽ ٻولين ڏانهن، جي ساري زمين تي رهن ٿا؛ شل اوهان جي سلامتي وڌي. 2 مون کي مناسب نظر آيو آهي تہ اُهي نشانيون ۽ عجيب ڪم بيان ڪريان، جي خدا تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪيا آهن. 3 هن جون نشانيون ڪهڙيون نہ وڏيون آهن! ۽ هن جا عجيب ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ آهي، ۽ هن جي سلطنت پيڙهي بہ پيڙهي آهي. 4 آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي گهر ۾ آرام ۾ هوس، ۽ پنهنجي محلات ۾ سک سان پئي گذاريم. 5 ۽ مون هڪڙو خواب ڏٺو، جنهن مون کي ڊيڄاريو؛ ۽ هنڌ تي پئي جيڪي خيال مون کي آيا، ۽ جيڪي رويا منهنجي مغز ۾ پيدا ٿيا، تن اچي مون کي پريشان ڪيو. 6 تنهنڪري مون حڪم جاري ڪيو، تہ بابل جا سڀ ڏاها ماڻهو مون وٽ وٺي اچو تہ اُهي مون کي منهنجي خواب جو تعبير ڪري ٻڌائين. 7 تڏهن جادوگر، منڊ هڻندڙ، ڪسدي ۽ فالون وجهندڙ اچي حاضر ٿيا، ۽ مون هنن کي جواب ٻڌايو: پر هنن مون کي ان جو تعبير ڪري نہ ٻڌايو. 8 نيٺ داني ايل منهنجي اڳيان آيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، جو منهنجي خدا جي نالي پٺيان هو، ۽ جنهن ۾ پاڪ الاهي روح آهي: ۽ مون هن کي خواب ٻڌايو ۽ چيومانس، تہ 9 اي بيلطشضر، جادوگرن جا اُستاد، مون کي خبر آهي تہ پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي، ۽ ڪوبہ ڳجهہ توکي منجهائي نٿو، سو جيڪو خواب مون ڏٺو آهي، تنهن جا رويا ۽ انهي جو تعبير مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ. 10 منهنجي دماغ جا رويا جي مون پنهنجي هنڌ تي ڏٺا سي هن طرح جا هئا: مون ڏٺو تہ زمين جي وچ ۾ هڪڙو وڻ ڏسڻ ۾ آيم، جنهن جي اوچائي وڏي هئي. 11 اُهو وڻ وڌيو ۽ مضبوط ٿيو ۽ انهي جي اوچائي وڃي آسمان کي پهتي، ۽ سڄي زمين جي ڪناري تائين اُهو ڏسڻ ۾ آيو. 12 انهي جا پن سهڻا هئا، ۽ انهي جو ڦر گهڻو هو، ۽ انهي مان سڀني کي کاڌو ٿي مليو: جهنگ جا جانور انهي جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا هئا، ۽ هوا جا پکي ان جي ٽارين ۾ رهندا هئا، ۽ ڪل بشر انهي تي گذران ڪندا هئا. 13 مون هنڌ تي سُتي پئي پنهنجي دماغ جا رويا ڏٺا، ۽ ڇا ٿو ڏسان تہ هڪڙو نگهبان، هائو هڪڙو قدوس آسمان مان لهي هيٺ آيو. 14 انهيءَ وڏي آواز سان هيئن چيو تہ هي وڻ وڍي ڪيراءِ، انهيءَ جون ٽاريون وڍ، ۽ پن ڇاڻ ۽ ڦر پکيڙي ڇڏ، ڀلي تہ جانور اُنهي جي هيٺان نڪري وڃن، ۽ پکي بہ اُنهي جي ٽارين مان اُڏامي وڃن. 15 تہ بہ انهي جو پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ ڀلي لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي؛ ۽ ڀلي تہ ماڪ اُنهي کي آلو ڪري، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو حيوانن سان گڏيل زمين جي گاهہ ۾ هجي. 16 ڀلي تہ هن جي دل ماڻهن جي دل کان بدلجي وڃي، ۽ حيوان جي دل هن کي ڏني وڃي؛ ۽ ڀلي تہ ست زمانا انهي تي گذري وڃن. 17 اها فتويٰ نگهبانن جي حڪم موجب آهي، ۽ اها ڳالهہ قدوسن جي چوڻ موجب آهي: انهي لاءِ تہ جيڪي جيئرا آهن سي ڄاڻن تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس اُنهي کي اُها ڏئي ٿو، ۽ انهي تي تمام گهٽ درجي واري ماڻهوءَ کي مقرر ڪري ٿو. 18 اهو خواب مون نبوڪدنضر بادشاهہ ڏٺو آهي: ۽ تون اي بيلطشضر انهي جو تعبير بيان ڪر، ڇالاءِ جو منهنجي بادشاهت جا سڀ ڏاها ماڻهو تعبير ٻڌائي نٿا سگهن، پر تون ٻڌائي سگهين ٿو، ڇالاءِ جو پاڪ الاهي روح تو ۾ آهي. 19 تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ. 20 جيڪو وڻ تو ڏٺو، جو وڌي مضبوط ٿيو، جنهن جي اوچائي آسمان سان وڃي لڳي ۽ جو سڄي زمين تي ڏسڻ ۾ پئي آيو؛ 21 جنهن جا پن سهڻا هئا، ۽ جنهن جو ڦر گهڻو هو، ۽ سڀني جو قوت انهي ۾ هو، جنهن جي هيٺان جهنگ جا جانور ٿي رهيا، ۽ جنهن جي ٽارين تي پکين جا آکيرا هئا؛ 22 اُهو، اي بادشاهہ، تون آهين جو وڌي مضبوط ٿيو آهين: ڇالاءِ جو تنهنجي وڏائي وڌي آسمان سان وڃي لڳي آهي، ۽ تنهنجي بادشاهت زمين جي ڪناري تائين وڃي رسي آهي. 23 ۽ هو جيڪو نگهبان ۽ قدوس تو آسمان مان هيٺ لهندو ڏٺو، ۽ جنهن چيو تہ هي وڻ وڍي هيٺ ڪيراءِ، ۽ انهي کي ناس ڪري ڇڏ؛ پر انهي جي پاڙن وارو بنڊ زمين ۾ لڳل ڇڏي ڏي، تہ لوهہ ۽ پتل جي پٽي سان ٻڌل ڀلي جهنگ جي سائي گاهہ ۾ پيو هجي، ۽ ڀلي تہ ماڪ سان آلو رهي، ۽ ڀلي تہ انهي جو حصو جهنگ جي جانورن سان هجي، جيسين ڪ ست زمانا انهي تي گذرن؛ 24 سو اي بادشاهہ انهي جو تعبير هي آهي، ۽ اهو خدا تعاليٰ جو فيصلو آهي، جو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ تي نازل ٿيو آهي: 25 تہ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين، ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي جانورن سان ٿيندو، ۽ تون ڍڳن وانگي گاهہ کائيندين ۽ ماڪ سان پسندين، ۽ توتي ست زمانا گذري ويندا؛ جيسين ڪ تون ڄاڻين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو. 26 ۽ هن جو انهي وڻ جي پاڙن واري بنڊ ڇڏي ڏيڻ جو حڪم ڏنو؛ سو جڏهن توکي معلوم ٿي رهندو تہ حڪومت آسمان ٿا هلائين، تڏهن تنهنجي بادشاهت تنهنجي لاءِ پڪي طرح قائم ٿيندي. 27 تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي. 28 اها سڄي حالت بادشاهہ نبوڪدنضر تي ٿي گذري. 29 ٻارهن مهينن کان پوءِ جڏهن هو بابل جي شاهي محلات ۾ پئي گهميو. 30 تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟ 31 اڃا اها ڳالهہ بادشاهہ جي وات تي ئي هئي، تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ اي بادشاهہ نبوڪدنضر، توکي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان نڪري ويئي آهي. 32 ۽ تون ماڻهن مان هڪاليو ويندين ۽ تنهنجو رهڻ جهنگ جي مرن سان ٿيندو، تو کي ڍڳن وانگي گاهہ کارايو ويندو، ۽ تو تي ست زمانا گذري ويندا؛ جيستائين تون سمجهين تہ خدا تعاليٰ ماڻهن جي بادشاهت ۾ حڪم هلائي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي اُها ڏئي ٿو. 33 انهي ڪري اُها ڳالهہ نبوڪدنضر تي اچي پوري ٿي؛ ۽ هو ماڻهن مان ڪڍيو ويو، ۽ ڍڳن وانگي گاهہ کاڌائين، ۽ سندس بُت ماڪ سان پُسيو، ۽ اهڙو جو هن جا وار عقاب جي کنڀن وانگر وڌي ويا، ۽ هن جا ننهن پکين جي چنبن وانگي. 34 ۽ اُنهن ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ مون نبوڪدنضر پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏي کنيون ۽ منهنجي سمجهہ موٽي مون ۾ آئي، ۽ مون خدا تعاليٰ جو شڪر ڪيو ۽ سندس تعريف ڪيم، ۽ تعظيم ڏنم، جو هو هميشہ لاءِ جيئرو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي بادشاهي هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي، ۽ هن جي حڪومت پيڙهي بہ پيڙهي هلي ٿي: 35 ۽ زمين جا سڀ رهاڪو شمار ۾ ڪي ڪين آهن: ۽ هو آسمان جي لشڪر ۾، ۽ زمين جي ماڻهن ۾، جيئن وڻيس ٿو تيئن ڪري ٿو: ۽ ڪوبہ هن جي هٿ کي روڪي نٿو سگهي، يا هن کي چئي نٿو سگهي تہ تون ڇا ٿو ڪرين. 36 انهي ساڳي وقت منهنجي سمجهہ مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ پنهنجي بادشاهت جي شان ۽ شوڪت لاءِ، منهنجي وڏائي ۽ رونق مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ منهنجا مشير ۽ امير مون وٽ صلاح لاءِ آيا؛ ۽ آءٌ بادشاهت تي قائم ڪيو ويس، ۽ منهنجي لاءِ وڌيڪ گهڻي وڏائي ٿي. 37 هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society