Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 3 - Sindhi Bible

1 بادشاهہ نبوڪدنضر سون جي هڪڙي مورت جوڙي، جنهن جي اوچائي سٺ هٿ هئي، ۽ ويڪر ڇهہ هٿ ۽ هن بابل جي پرڳڻي ۾ دورا جي ميدان ۾ انهي کي بيهاريو.

2 تنهن کانپوءِ بادشاهہ نبوڪدنضر، ملڪ جي والين، نائبن، نوابن، قاضين، خزانچين، مشيرن، سردارن ۽ پرڳڻن جي سڀني حاڪمن کي گهرايو تہ جنهن مورت کي بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاريو آهي، تنهن جي وقف ڪرڻ جي رسم تي حاضر رهن.

3 تڏهن سڀ والي، نائب ۽ نواب، قاضي، خزانچي، مشير، سردار ۽ پرڳڻن جا حاڪم، جيڪا مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن جي پاڪ ڪرڻ جي رسم تي اچي گڏ ٿيا، ۽ هو انهي مورت جي اڳيان اچي بيٺا جا نبوڪدنضر بيهاري هئي.

4 تڏهن مناد هوڪو ڏيئي چوڻ لڳا تہ اي اُمت، قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا، اوهان کي حڪم ٿو ڏجي،

5 تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو تڏهن هيٺ نمي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪجو:

6 ۽ جيڪو هيٺ جهڪي سجدو نہ ڪندو سو انهي مهل باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلايو ويندو.

7 تنهنڪري جڏهن سڀني ماڻهن شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ۽ قومون ۽ جدا جدا ٻولين ڳالهائڻ وارا هيٺ جهڪي، جيڪا سوني مورت بادشاهہ نبوڪدنضر بيهاري هئي، تنهن کي سجدو ڪرڻ لڳا.

8 هاڻي انهي وقت ڪي ڪسدي ويجها آيا، ۽ يهودين تي تهمت آندائون.

9 اُنهن نبوڪدنضر بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ تون شل سدائين سلامت رهين:

10 اي بادشاهہ تو اهو حڪم جاري ڪيو آهي تہ جيڪو ماڻهو شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور، سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌي، سو هيٺ جهڪي انهي سوني مورت کي سجدو ڪري:

11 ۽ جيڪو هيٺ نہ جهڪندو ۽ سجدو نہ ڪندو، سو باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلايو ويندو.

12 هاڻي ڪي يهودي آهن يعني سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، جن کي تو بابل جي ڪم ڪار تي مقرر ڪيو آهي، انهن اي بادشاهہ تنهنجي پرواهہ ڪانہ ڪئي آهي: هو تنهنجن معبودن جي عبادت نٿا ڪن، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي، تنهن کي سجدو ٿا ڪن.

13 تڏهن نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش ۾، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو کي گهرائڻ جو حڪم ڏنو: ۽ انهن ماڻهن کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيا.

14 ۽ نبوڪدنضر انهن کي چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، ائين آهي ڇا تہ اوهين ڄاڻي ٻجهي منهنجي معبود جي عبادت نٿا ڪريو، ۽ نہ جيڪا سوني مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ٿا ڪريو؟

15 هاڻي جي اوهين تيار آهيو تہ جنهن وقت اوهين شرنائي، توتاري، بربط، رباب، سنطور ۽ سارنگي ۽ ٻين سڀني قسمن جي سازن جو آواز ٻڌو، تنهن وقت هيٺ جهڪي، جيڪا مورت مون بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪريو تہ واهہ: پر جي اوهين سجدو نہ ڪندا، تہ انهي گهڙيءَ باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ اُڇلايا ويندا؛ ۽ اُهو ڪهڙو خدا آهي جو اوهان کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو؟

16 تڏهن سدرڪ، ميسڪ، عبدنجو ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو تہ اي نبوڪدنضر انهي ڳالهہ بابت توکي جواب ڏيڻ جو اسان کي ضرور ڪونهي.

17 جيڪڏهن ائين ٿيندو تہ اسان جو خدا، جنهن جي اسين عبادت ٿا ڪريون، سو اسان کي باهہ جي ٻرندڙ کوري مان بہ بچائي سگهندو؛ ۽ اُهو، اي بادشاهہ، اسان کي تنهنجي هٿان ڇڏائيندو.

18 پر جي نہ، تہ بہ اي بادشاهہ توکي خبر هجي تہ اسين تنهنجن معبودن جي عبادت ڪين ڪنداسين، ۽ نہ جيڪا سوني مورت تو بيهاري آهي تنهن کي سجدو ڪنداسين.

19 تڏهن نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ سندس منهن جو رنگ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي برخلاف ڦري ويو: تنهنڪري هن حڪم ڏنو تہ جيترو کوري کي اڳي تپائيندا هئا، تنهن کان ستوڻو وڌيڪ تپايو.

20 ۽ ڪي پهلوان جي سندس لشڪر ۾ هئا، تن کي هن حڪم ڏنو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي ٻڌي باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلائي ڇڏين.

21 تڏهن انهن ماڻهن کي سندن سٿڻن، سندن پهراڻن، چادرن ۽ ٻين ڪپڙن سميت باهہ جي ٻرندڙ کوري ۾ اُڇلائي وڌائون.

22 هاڻي بادشاهہ جو حڪم تمام ضروري هو ۽ کورو تمام تتل هو، تنهنڪري باهہ جي مچ انهن ماڻهن کي ساڙي ڇڏيو، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي وٺي آيا هئا.

23 ۽ هي ٽيئي شخص، سدرڪ، ميسڪ، ۽ عبدنجو جي ٻڌل هئا، باهہ جي ٻرندڙ کوري جي وچ ۾ ڪري پيا.

24 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر حيران ٿي ويو ۽ تڪڙو ٿي اُٿيو: ۽ هن پنهنجن مشيرن کي چيو، تہ اسان ٽن ماڻهن کي ٻڌي باهہ جي وچ ۾ ڪين اُڇلايو هو ڇا؟ هنن ورندي ڏيئي بادشاهہ کي چيو، تہ اي بادشاهہ برابر.

25 تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڏسو، آءٌ چئن ماڻهن کي باهہ جي وچ ۾ کليل گهمندو ٿو ڏسان، ۽ انهن کي ڪوبہ ايذاءُ نہ پهتو آهي؛ ۽ چوٿين جي شڪل ولد الاهيءَ جهڙي آهي.

26 تڏهن نبوڪدنضر باهہ جي ٻرندڙ کوري جي منهن کي ويجهو آيو: ۽ هن چيو تہ اي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو، خدا تعاليٰ جا ٻانها، اوهين نڪري هيڏي اچو، تڏهن سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو باهہ منجهان آيا.

27 ۽ سڀ والي، نائب، ۽ نواب ۽ بادشاهہ جا مشير جي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کين ڏٺو تہ باهہ هنن جي جسمن تي ڪوبہ اثر نہ ڪيو هو، ۽ نہ هنن جي مٿي جا وار سڙيا هئا، نڪي سندن پوشاڪ ۾ ڪو تفاوت هو، نڪي باهہ جي بانس اُنهن تي چڙهي هئي.

28 تڏهن نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جو خدا شل مبارڪ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي، جن سندس ٻانهن مٿس ڀروسو رکيو هو، ۽ جن بادشاهہ جو حڪم ٽاري ڇڏيو، ۽ پنهنجا بدن فدا ڪيا، انهي لاءِ تہ پنهنجي خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن معبود جي عبادت نہ ڪن، ۽ نہ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪن، تن کي بچايو آهي.

29 تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.

30 تڏهن بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي ۾ وڌيڪ درجي وارو ڪيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan