Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 2 - Sindhi Bible

1 ۽ نبوڪدنضر جي بادشاهت جي ٻئي سال ۾ نبوڪدنضر ڪي خواب لڌا؛ جنهنڪري هن جو روح بي آرام ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ننڊ ويندي رهي.

2 تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.

3 ۽ بادشاهہ انهن کي چيو تہ مون هڪڙو اهڙو خواب لڌو آهي جو انهي جي تعبير معلوم ڪرڻ لاءِ منهنجو روح بي آرام آهي.

4 تڏهن ڪسدين بادشاهہ کي ارامي ٻوليءَ ۾ چيو، تہ اي بادشاهہ شل سدائين سلامت رهين: پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌاءِ تہ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.

5 بادشاهہ ڪسدين کي ورندي ڏيئي چيو تہ اُها ڳالهہ مون کي وسري ويئي آهي: جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا، ۽ انهي جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان کي وڍائي ٽڪر ٽڪر ڪرائي ڇڏيندس.

6 پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ۽ انهي جو تعبير ٻڌائيندا، تہ اوهان کي بخششون ۽ انعام ۽ وڏي عزت ڏيندس: تنهنڪري اوهين مون کي اُهو خواب ۽ ان جو تعبير ٻڌايو.

7 هنن ٻيو ڀيرو ورندي ڏيئي چيو تہ بادشاهہ پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌائي، تہ پوءِ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.

8 بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ پڪ ڄاڻان ٿو، تہ اوهين وڌيڪ وقت انهي ڪري وٺڻ ٿا گهرو جو ڄاڻو ٿا تہ اها ڳالهہ مون کان وسري ويئي آهي.

9 پر جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا تہ اوهان جي لاءِ فقط هڪڙو ئي حڪم آهي: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي آڏو ڪوڙ، ۽ ٺڳيءَ جي ڳالهين ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي، تہ ڀلي وقت ٽري وڃي: تنهنڪري مون کي خواب ٻڌايو، تہ پوءِ آءٌ ڄاڻندس تہ اوهين انهي جو تعبير بہ بيان ڪري سگهندا.

10 ڪسدين بادشاهہ جي حضور ۾ ورندي ڏيئي عرض ڪيو، تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو بادشاهہ جي ڳالهہ ٻڌائي سگهي: ڇالاءِ جو ڪنهن بہ بادشاهہ، امير، يا حاڪم، اهڙي ڳالهہ ڪنهن بہ جادوگر، يا منڊ هڻندڙ، يا ڪسدي کان نہ پڇي هوندي.

11 ۽ اها ڳالهہ جا بادشاهہ پڇي ٿو سا هڪڙي عجيب ڳالهہ آهي، ۽ اهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو بادشاهہ جي اڳيان اُها بيان ڪري سگهي، سواءِ معبودن جي، جي انسان سان گڏ نٿا رهن.

12 انهي ڪري بادشاهہ چڙي پيو، ۽ ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس، ۽ حڪم ڪيائين تہ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن کي ماري چٽ ڪري ڇڏين.

13 انهي طرح اهو حڪم جاري ٿي ويو تہ ڏاهن ماڻهن کي مرڻو پوندو؛ ۽ داني ايل ۽ سندس سنگتين کي ڳولڻ لڳا تہ انهن کي بہ قتل ڪن.

14 تڏهن بادشاهي پهري وارن جو سردار، جو بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، تنهن کي داني ايل سمجهہ ۽ سياڻپ سان ورندي ڏني؛

15 ۽ بادشاهہ جي پهري وارن جي سردار اريوڪ کي چيائين، تہ اهڙو ضروري تڪڙو حڪم بادشاهہ وٽان ڪهڙي سبب نڪتو آهي؟ تڏهن اريوڪ سڄي حقيقت داني ايل کي ٻڌائي.

16 ۽ داني ايل اندر لنگهي ويو ۽ بادشاهہ کي عرض ڪيائين تہ مون کي مهلت ملي تہ پوءِ آءٌ بادشاهہ کي تعبير ٻڌائيندس.

17 تڏهن داني ايل پنهنجي گهر ويو، ۽ پنهنجن سنگتين حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ کي احوال ڏنائين.

18 انهي لاءِ تہ هو اُنهي ڳجهہ لاءِ آسمان جي خدا کان رحمت جو سوال ڪن؛ تہ داني ايل ۽ سندس سنگتي بابل جي ٻين ڏاهن ماڻهن سان گڏ ناس نہ ٿين.

19 تڏهن رات جو هڪڙي رويا ۾ داني ايل کي انهي ڳجهہ جو ڪشف ٿيو: تڏهن داني ايل آسمان جي خدا جو شڪرانو بجا آندو.

20 داني ايل چيو تہ شل خدا جو نالو هميشہ تائين مبارڪ هجي: ڇالاءِ جو حڪمت ۽ قدرت انهيءَ جي آهي:

21 ۽ هو وقت ۽ موسمون بدلائي ٿو: هو هڪڙن بادشاهن کي برطرف ڪري ٿو، ۽ ٻين بادشاهن کي اُٿاري ٿو: هو ڏاهن کي ڏاهپ عطا ڪري ٿو، ۽ سمجهہ وارن کي علم ڏئي ٿو.

22 هو اونهيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ظاهر ڪري ٿو: هن کي خبر آهي تہ اونداهي ۾ ڇا آهي، ۽ روشنائي انهيءَ وٽ رهي ٿي.

23 اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا، آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان ۽ تنهنجي تعريف ٿو ڪريان، جنهن مون کي ڏاهپ ۽ طاقت ڏني آهي، ۽ هاڻي جنهن ڳالهہ جو اسان توکي سوال ڪيو سا اسان کي ڄاڻائي اٿيئي: ڇالاءِ جو تو اسان کي بادشاهہ جي ڳالهہ جي خبر ڏني آهي.

24 تنهنڪري داني ايل لنگهي اريوڪ وٽ ويو، جنهن کي بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪيو هو: ۽ وڃي هن کي چيائين تہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي نہ ماراءِ، بلڪ مون کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي هل تہ آءٌ بادشاهہ کي تعبير ٻڌايان.

25 تڏهن اريوڪ تڪڙو تڪڙو داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ وٺي آيو ۽ چيائين، تہ يهوداہ جي قيدين جي اولاد مان مون هڪڙو ماڻهو لڌو آهي جو بادشاهہ کي تعبير ٻڌائيندو.

26 بادشاهہ ورندي ڏيئي داني ايل کي چيو، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، تہ تون مون کي اهو خواب جو مون ڏٺو آهي سو، ۽ ان جو تعبير ٻڌائي سگهندين؟

27 داني ايل بادشاهہ جي خدمت ۾ عرض ڪيو تہ جنهن ڳجهہ جو بادشاهہ پڇيو آهي سو ڏاها ماڻهو توڙي، مانڊي، يا جادوگر، يا فال وجهڻ وارا، بادشاهہ کي ٻڌائي نہ سگهندا؛

28 پر آسمان ۾ هڪڙو خدا آهي جو ڳجهہ ظاهر ٿو ڪري ۽ انهيءَ بادشاهہ نبوڪدنضر کي اُها ڳالهہ ڄاڻائي آهي جا پوين ڏينهن ۾ ٿيندي. تنهنجو خواب، ۽ جيڪي رويا پنهنجي بستري تي پئي تنهنجي مٿي ۾ آيا هئا، سي هي آهن:

29 اي بادشاهہ بستري تي سُتي پئي تنهنجي دل ۾ هي خيال آيا تہ هن کان پوءِ ڇا ٿي گذرندو: ۽ جيڪو ڳجهن ظاهر ڪرڻ وارو آهي تنهن، جيڪي ٿيڻو آهي، سو توکي ڄاڻايو آهي.

30 پر مون کي جو اهو ڳجهہ ڄاڻايو ويو آهي، سو نہ ڪنهن ڏاهپ جي ڪري جا ٻئي ڪنهن جيئري ماڻهوءَ کان مون ۾ وڌيڪ آهي، پر انهيءَ مطلب لاءِ تہ تعبير جي بادشاهہ کي خبر پوي، ۽ تون پنهنجي دل جي خيالن مان واقف ٿين.

31 اي بادشاهہ، تو هڪڙي وڏي مورت ڏٺي. اُها مورت جا وڏي هئي، ۽ جنهن جي رونق عجيب هئي، سا تنهنجي اڳيان اچي بيٺي؛ ۽ انهي جي صورت هيبتناڪ هئي.

32 انهيءَ صورت جو مٿو سچي سون جو هو، ان جو سينو ۽ ان جون ٻانهون چانديءَ جون هيون، ان جو پيٽ ۽ ان جون رانون پتل جون هيون؛

33 ان جون ٽنگون لوهہ جون، ۽ ان جا پير ڪجهہ لوهہ جا ۽ ڪجهہ مٽيءَ جا هئا.

34 تو انهي کي پئي ڏٺو جيسين ڪ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ وڍجي نڪتو، ۽ اچي انهيءَ مورت جي پيرن کي لڳو، جي لوهہ ۽ مٽيءَ جا هئا، ۽ انهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين.

35 پوءِ اهو لوهہ، مٽي، پتل، چاندي ۽ سون گڏجي ڀڄي ڀري پيا، ۽ آرڙهہ جي اَن ڳاهڻ وارن پِڙن جي تهن وانگي ٿي پيا؛ ۽ انهن کي واءُ اُڏائي ويو، اهڙو جو انهن جو پتو ئي ڪونہ پيو: ۽ جيڪو پهڻ انهيءَ مورت کي لڳو هو سو هڪڙو وڏو جبل ٿي پيو، ۽ سڄي زمين ڀري ڇڏيائين.

36 اهو آهي خواب؛ ۽ انهي جو تعبير اسين هاڻي بادشاهہ جي حضور ۾ بيان ڪنداسين.

37 اي بادشاهہ تون شهنشاهہ آهين، جنهن کي آسمان جي خدا بادشاهي ۽ اختياري ۽ زور ۽ وڏائي ڏني آهي؛

38 ۽ جتي جتي بني آدم رهي ٿو، اُتي جهنگ جا جانور، ۽ هوا جا پکي هن تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، ۽ توکي انهن سڀني تي حاڪم ڪيو اٿس: تون اُهو سون جو مٿو آهين.

39 ۽ تو کان پوءِ هڪڙي ٻي بادشاهت برپا ٿيندي، جا توکان گهٽ هوندي؛ ۽ وري ٽين بادشاهت پتل جي ٿيندي، جا سڄي زمين تي حڪومت ڪندي.

40 ۽ چوٿين بادشاهت لوهہ جهڙي مضبوط ٿيندي: جهڙي طرح لوهہ سڀني شين کي ڀڃي پرزا پرزا ٿو ڪري ۽ انهن تي غالب ٿو پوي: ۽ جيئن لوهہ انهن سڀني شين کي چپي ڇڏي ٿو، تيئن اُها ڀڃي ڀوري ۽ چپي ڇڏيندي.

41 ۽ جهڙيءَ طرح تو پير ۽ پيرن جون آڱريون ڪجهہ ڪنڀرن واريءَ مٽيءَ جون ۽ ڪجهہ لوهہ جون ڏٺيون، تيئن اُها بہ ورهايل بادشاهت ٿيندي؛ پر انهيءَ ۾ لوهہ جهڙو زور هوندو، جو تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو.

42 ۽ جيئن پيرن جون آڱريون ڪجهہ لوهہ جون ۽ ڪجهہ مٽيءَ جون هيون، تيئن اُها بادشاهت بہ ڪجهہ زور واري ۽ ڪجهہ ضعيف ٿيندي.

43 ۽ جيئن تو لوهہ چيڪي مٽيءَ سان گڏيل ڏٺو، تيئن هو عام ماڻهن جي نسل سان گڏجي ويندا؛ پر هو هڪ ٻئي سان گڏجي چهٽي نہ ويندا، جيئن لوهہ مٽيءَ سان گڏجي چهٽي نٿو وڃي.

44 ۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.

45 جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.

46 تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.

47 بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.

48 تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.

49 ۽ داني ايل جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي جي ڪمن ڪارن تي مقرر ڪيو: پر داني ايل بادشاهہ جي درٻار ۾ رهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan