Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 10 - Sindhi Bible

1 فارس جي بادشاهہ خورس جي ٽئين سال ۾، داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر رکيو ويو هو، تنهن تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي؛ ۽ اُها ڳالهہ سچي هئي، يعني هڪڙي وڏي جنگ، ۽ هن اُها ڳالهہ سمجهي، ۽ انهي رويا جي پروڙ پيس.

2 انهن ڏينهن ۾ مون داني ايل پورا ٽي هفتا ماتم پئي ڪيو.

3 مون دل گهريو طعام نہ ٿي کاڌو، ۽ گوشت يا شراب منهنجي وات ۾ نہ پيو، ۽ نہ ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين ڪ ٽي هفتا پورا ٿيا.

4 ۽ پهرين مهيني جي چوويهين تاريخ، جڏهن آءٌ وڏي نديءَ، يعني دجلہ جي ڪناري تي هوس،

5 تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو:

6 هن جو بدن بہ فيروزي جهڙو هو، ۽ هن جو منهن بجليءَ جهڙو هو، ۽ هن جون اکيون مشعلن جهڙيون هيون، ۽ هن جون ٻانهون ۽ هن جا پير رنگ ۾ چمڪندڙ پتل جهڙا هئا، ۽ هن جي ڳالهائڻ جو آواز گهڻن ماڻهن جي آواز جهڙو هو.

7 ۽ رڳو مون داني ايل اُهو رويا ڏٺو: ڇالاءِ جو جيڪي ماڻهو مون سان هئا، تن اُهو رويا نہ ڏٺو؛ پر هنن کي ڏاڍي ڏڪڻي وٺي ويئي، ۽ هو ڀڄي وڃي لڪا.

8 انهي طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس، ۽ اُهو وڏو رويا ڏٺم، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو منهنجي شڪل شباهت خراب ٿي ويئي ۽ آءٌ نستو ٿي پيس.

9 انهي هوندي بہ مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو: ۽ جڏهن مون هن جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو، تڏهن گهاٽي ننڊ ۾ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ منهنجو منهن زمين ڏانهن هو.

10 ۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:

11 ۽ هن مون کي چيو تہ اي داني ايل، گهڻو پيارا شخص، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان ٿو سي سمجهي وٺ، ۽ اُٿي سنئون ٿي بيهہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان: ۽ جڏهن هن مون کي ائين چيو، تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.

12 تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.

13 پر فارس جي ملڪ جي بادشاهہ مون کي ايڪيهين ڏينهن تائين ترسايو؛ پر ڏس، وڏن اميرن مان هڪڙو، ميڪائيل، منهنجي مدد لاءِ آيو: ۽ آءٌ اُتي فارس جي بادشاهہ وٽ رهجي ويس.

14 هاڻي آءٌ توکي سمجهائڻ آيو آهيان تہ پوين ڏينهن ۾ تنهنجي قوم تي ڇا ٿي گذرندو: ڇالاءِ جو اهو رويا اڃا گهڻن ڏينهن تائين هلندو.

15 ۽ جڏهن هن مون سان انهي طرح ڳالهايو، تڏهن مون پنهنجو منهن زمين ڏانهن ڪيو، ۽ گونگو ٿي بيهي رهيس.

16 ۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.

17 ڇالاءِ جو ڪهڙي طرح منهنجي مالڪ جو ٻانهو منهنجي مالڪ سان ڳالهائي سگهندو؟ ڇالاءِ جو مون ۾ تہ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، ۽ نہ مون ۾ باقي ڪو ساهہ آهي.

18 تڏهن انهي آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو، ۽ مون کي طاقت بخشيائين.

19 ۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.

20 تڏهن هن چيو تہ توکي خبر آهي يا نہ تہ آءٌ ڇالاءِ هتي آيو آهيان؟ هاڻي آءٌ فارس جي بادشاهہ سان وڙهڻ لاءِ موٽي ويندس: ۽ جڏهن آءٌ نڪري اڳيان ويندس، تڏهن ڏس، يونان جو بادشاهہ ايندو.

21 پر آءٌ توکي اُهو ٻڌائيندس، جيڪي حق جي ڪتاب ۾ لکيل آهي: ۽ اوهان جي سردار ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جو هنن جي برخلاف منهنجو مددگار ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan