Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

دانيال 1 - Sindhi Bible

1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم ۾ آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين.

2 ۽ خداوند يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم کي ۽ ساڻس گڏ ڪي خداوند جي گهر جا ٿانوَ بہ هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا؛ ۽ اُهي هو کڻي سنعار جي ملڪ ۾ پنهنجي معبود جي گهر ۾ ويو: ۽ اُهي ٿانوَ هن پنهنجي معبود جي گهر ۾ آڻي رکيا.

3 ۽ بادشاهہ پنهنجي ناظرن جي سردار اسپنز کي چيو، تہ بني اسرائيل جي شاهي نسل ۽ اميرن مان، ڪي ماڻهو وٺي آڻي حاضر ڪر؛

4 اهڙا جوان جن ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر چڱي شڪل جا هجن، ۽ هر قسم جي ڏاهپ ۾ هوشيار، علم ۾ قابل، ۽ حڪمت سمجهندا هجن: ۽ اهڙا هجن جو بادشاهہ جي محلات ۾ بيهي سگهن؛ پوءِ انهن کي تون ڪسدين جي ٻولي ۽ علم سيکار.

5 ۽ بادشاهہ انهن جي لاءِ پنهنجي شاهي خوراڪ مان، ۽ جيڪو شراب پاڻ پيئندو هو تنهن مان، ڪو حصو مقرر ڪيو، انهي لاءِ تہ ٽن ورهين تائين انهن کي پرورش ملي؛ ۽ انهيءَ عرصي جي پوري ٿيڻ تي هو اچي بادشاهہ جي حضور ۾ بيهن.

6 هاڻي انهن ۾ بني يهوداہ مان داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ هئا.

7 ۽ ناظرن جي سردار انهن کي نوان نالا ڏنا؛ داني ايل کي هن بيلطشضر جو نالو ڏنو؛ ۽ حننياہ کي سدرڪ؛ ۽ ميساايل کي ميسڪ؛ ۽ عزرياہ کي عبدنجو جو نالو ڏنو.

8 پر داني ايل پنهنجي دل ۾ اهو ارادو ڪيو تہ پاڻ کي شاهي خوراڪ سان ۽ شراب سان پليت نہ ڪري؛ تنهنڪري هن ناظرن جي سردار کي عرض ڪيو تہ هن کي موڪل ملي تہ هو پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.

9 هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو.

10 ۽ ناظرن جي سردار داني ايل کي چيو، تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کان ڊڄان ٿو، جو هن تنهنجو کاڌو پيتو مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ ڪهڙي سبب ڪري هو اوهان جا منهن اوهان جي هم عمر جوانن کان ڪريل ۽ بگڙيل ڏسي، جو ائين ڪرڻ سان اوهين منهنجو سر بادشاهہ جي اڳيان خطري ۾ وجهندا.

11 تڏهن داني ايل انهي خانسامان کي چيو، جنهن کي ناظرن جي سردار، داني ايل، حننياہ، ميساايل، ۽ عزرياہ تي مقرر ڪيو هو:

12 تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجن ٻانهن کي ڏهہ ڏينهن آزمائي ڏس؛ ۽ اسان کي کائڻ لاءِ ڀاڄي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏي.

13 پوءِ تون اسان جون شڪليون انهن جوانن جي مقابلي ۾ ڏسج جي بادشاهہ جو طعام ٿا کائين؛ پوءِ جيئن توکي چڱو نظر ۾ اچي، تيئن پنهنجن ٻانهن سان ڪج.

14 تڏهن هن انهن جي اها ڳالهہ مڃي، ۽ ڏهن ڏينهن تائين انهن جي آزمائش ورتائين.

15 ۽ ڏهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ تي هنن جون شڪليون وڌيڪ سهڻيون، ۽ بدن وڌيڪ ٿلها ڏسڻ ۾ آيا، بنسبت انهن جوانن جي، جن بادشاهہ جا طعام کاڌا هئا.

16 تڏهن خانسامان هنن جو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ شراب بند ڪيو، ۽ هنن کي ڀاڄي ڏيڻ لڳو.

17 هاڻي انهن چئن جوانن کي خدا هر قسم جو علم، ۽ حڪمت، ۽ واقفيت، ۽ قابليت ڏني؛ ۽ داني ايل کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجهہ هئي.

18 ۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ٿيا جي بادشاهہ هنن جي حاضر ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيا هئا، تڏهن ناظرن جي سردار هنن کي نبوڪدنضر جي حضور ۾ آندو.

19 ۽ بادشاهہ هنن سان گفتگو ڪئي، ۽ انهن سڀني ۾ بادشاهہ کي داني ايل، حننياہ، ميساايل ۽ عزرياہ جهڙو ٻيو ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. تنهنڪري هو بادشاهہ جي حضوريءَ ۾ رهڻ لڳا.

20 ۽ عقل ۽ سمجهہ جي جيڪا ڳالهہ بادشاهہ هنن کان پڇي، تنهن ۾ هن انهن کي جيڪي جادوگر ۽ منڊ هڻندڙ سندس بادشاهت ۾ هئا، تن سڀني کان ڏهہ ڀيرا بهتر لڌو.

21 ۽ داني ايل خورس بادشاهہ جي پهرين ورهيہ تائين جيئرو رهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan