Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڪلسين 4 - Sindhi Bible

1 اي مالڪو، پنهنجن نوڪرن سان عدل ۽ انصاف جي هلت ڪريو ۽ ياد رکو تہ اوهان جو بہ هڪڙو ڌڻي آهي.

2 دعا گهُرڻ ۾ قائم رهو، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ ۾ هوشيار رهو؛

3 اسان جي لاءِ بہ دعا گهُرندا رهو، تہ خدا اسان لاءِ ڪلام جو دروازو کولي، تہ آئون مسيح جي انهي راز جو بيان ڪري سگهان، جنهن جي ڪري آئون قيد ۾ بہ آهيان؛

4 ۽ انهي جو اهڙو اظهار ڪريان جهڙو ڳالهائڻ فرض اٿم.

5 وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.

6 اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ فضيلت واري ۽ سلوڻي هئڻ کپي، جنهنڪري اوهان کي خبر پوي تہ هرهڪ کي ڪيئن واجبي جواب ڏجي.

7 منهنجو سارو احوال اوهان کي تخڪس کان معلوم ٿيندو، جو پيارو ڀاءُ، ۽ ايماندار خادم، ۽ خداوند ۾ اسان جو هم خدمت آهي؛

8 انهي کي مون انهي ڪم لاءِ اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تہ اسان جي حال جي اوهان کي خبر پوي، ۽ هو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي؛

9 انهي سان گڏ انيسمس کي بہ موڪليو اٿم، جو ايماندار ۽ پيارو ڀاءُ آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو آهي. اُهي اوهان کي هتي جون سڀ ڳالهيون ٻُڌائيندا.

10 ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)

11 ۽ يسوع، جنهن کي يوستس ڪري سڏيندا آهن، ۽ جي مختون آهن، تن اوهان کي سلام ڏنا آهن. رڳو اهي خدا جي بادشاهت لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا هم خدمت آهن ۽ اِهي ئي منهنجي تسلي جو سبب پئي ٿيا آهن.

12 اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.

13 ڇالاءِ جو آئون شاهدي ڀري ٿو چوان تہ هن اوهان جي لاءِ، ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ هيراپلس وارن لاءِ گهڻو پورهيو ڪيو آهي.

14 پيارو طبيب لوقا ۽ ديماس اوهان کي سلام ٿا ڏين.

15 جيڪي ڀائر لوديڪيہ ۾ آهن، تن کي ۽ نمفاس کي، ۽ جيڪا ڪليسيا سندن گهر ۾ آهي، تن کي سلام ڏجو.

16 ۽ جڏهن هي خط پڙهي پورو ڪريو، تڏهن اهو لوديڪيہ وارن جي ڪليسيا ۾ بہ پڙهيو وڃي؛ ۽ جيڪو خط لوديڪيہ مان اچي، اهو اوهين بہ پڙهجو.

17 ۽ ارخپس کي چئجو تہ جيڪا خدمت خداوند ۾ توکي ملي آهي، انهيءَ ۾ هوشيار رهہ، انهيءَ کي پورو ڪر.

18 آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan