ڪلسين 2 - Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ ڪيتري قدر آئون اوهان لاءِ ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ انهن سڀني لاءِ جن منهنجو منهن نہ ڏٺو آهي، جانفشاني ٿو ڪريان؛ 2 انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛ 3 جنهن ۾ سياڻپ ۽ علم جا سڀ خزانا پوشيدہ آهن. 4 اهو آئون انهي ڪري ٿو چوان تہ متان ڪو گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري اوهان کي ڀُلائي، 5 ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان. 6 تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو، 7 ۽ منجهس پاڙ ڄمائيندا وڌندا وڃو، ۽ پنهنجي ايمان ۾ اهڙا قائم ٿيندا وڃو، ۽ اهڙي بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو، جهڙي اوهان کي تعليم ملي هئي. 8 خبردار رهجو متان ڪو ماڻهو پنهنجي فيلسوفيءَ ۽ اجائي فريب سان، ماڻهن جي روايتن ۽ دنيا جي ابتدائي تعليم موجب، ۽ نہ مسيح موجب، اوهان کي شڪار ڪري وٺي. 9 ڇالاءِ جو اُلوهيت جي ساري معموري مجسم طور منجهس ٿي رهي، 10 ۽ انهي ۾ اوهين معمور ڪيا ويا آهيو، جو ساريءَ حڪومت ۽ اختيار جو سر آهي. 11 ۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو، 12 ۽ بپتسما جي ڪري انهي سان گڏ دفن ٿيا، ۽ خدا جنهن کيس مُئلن مان جياريو، تنهن جي قدرت سان، ايمان آڻڻ جي ڪري اوهين بہ ساڻس گڏ جياريا ويا. 13 ۽ اوهين جي پنهنجن گناهن ڪري ۽ پنهنجي جسم جي نامختونيءَ جي ڪري مُئل هئا، تن کي هن سان گڏ جيئرو ڪيائين ۽ اسان جا سڀيئي ڏوهہ بخشيائين؛ 14 ۽ شريعت جو حڪم نامو جو اسان جي برخلاف ۽ اسان جي اُبتڙ هو سو مٽائي ڇڏيائين: ۽ انهي کي صليب تي ڪليون هڻي رد ڪري ڇڏيائين، 15 ۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين. 16 تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛ 17 اِهي ايندڙ شين جون علامتون آهن؛ پر اصلي شيون مسيح جون آهن. 18 ائين نہ ٿئي تہ ڪوبہ ماڻهو جو پنهنجي حليميءَ تي فخر ٿو ڪري، ۽ ملائڪن جي عبادت ٿو ڪري، سو اوهان کي انعام کٽڻ کان محروم رکي، ڇوتہ اهڙو ماڻهو پنهنجي جسماني عقل تي اجايو ڦونڊجي روايتن ۾ محو ٿو رهي، 19 پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي. 20 جيڪڏهن اوهين مسيح سان دنيا جي ابتدائي ڳالهين بابت مري ويا، تہ پوءِ ڇو دنيا جي ماڻهن وانگر پاڻ کي طهرن ۽ قاعدن جو تابعدار ٿا ڪريو؟ 21 هن شيءِ کي هٿ نہ لايو، هن کي نہ چکو، هن کي نہ ڇهو، 22 جي سڀ شيون ڪم آڻڻ سان خلاص ٿيو وڃن ۽ ماڻهن جي تعليم ۽ روايتن موجب آهن. 23 انهن سڀني ڳالهين ۾، حقيقت ڪري، مرضيءَ موجب عبادت، ۽ نماڻائي ۽ بدن جي رياضت جي رستي، ڏاهپ جو رڳو ڏيک آهي، پر جسماني خواهش جي روڪڻ ۾ اهي ڪنهن بہ ڪم جون نہ آهن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society