عاموس 9 - Sindhi Bible1 مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو. 2 جيتوڻيڪ هو کوٽي کوٽي هيٺ دوزخ تائين ويندا، تہ بہ منهنجو هٿ هنن کي اُتان ڪڍي ايندو؛ ۽ جيتوڻيڪ هو چڙهي آسمان تائين ويندا، تہ بہ اُتان آءٌ هنن کي هيٺ لاهي آڻيندس. 3 ۽ جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ڪرمل جي چوٽيءَ تي وڃي لڪائيندا، تہ بہ آءٌ هنن کي ڳولي ڪڍندس؛ ۽ جيتوڻيڪ هو منهنجي نظر کان گسائي سمنڊ جي تري ۾ وڃي لڪندا، تہ بہ اُتي آءٌ نانگن کي حڪم ڏيندس تہ کين ڏنگي وڃن. 4 ۽ جيتوڻيڪ هو قيد ٿي پنهنجي دشمن جي اڳيان ويندا، تہ بہ اُتي آءٌ ترار کي حڪم ڪندس تہ هنن کي ڪُهي ڇڏي: ۽ آءٌ هنن تي بڇڙائي لاءِ نگاهہ ڪندس ۽ نہ چڱائيءَ لاءِ. 5 ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جو خدا، زمين کي ڇُهي ٿو ۽ اُها پگهرجي ٿي وڃي، ۽ اُها نديءَ وانگي اُٿلي مٿي چڙهي ٿي ۽ وري مصر جي نديءَ وانگي هيٺ لهي ٿي وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ تي رهن ٿا، سي سڀ ماتم ڪندا. 6 اُهو ئي آهي جو آسمان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ٺاهي ٿو، ۽ جنهن زمين تي پنهنجو محراب جوڙيو آهي؛ اُهو جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو، ۽ زمين تي هاري وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي. 7 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، اوهين منهنجي لاءِ حبشين جي ٻارن جهڙا نہ آهيو ڇا؟ مون اسرائيل کي مصر جي زمين مان، ۽ فلستين کي ڪفتور مان، ۽ ارامين کي قير مان ڪڍي نہ آندو آهي ڇا؟ 8 ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس. 9 ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ حڪم ڪري اسرائيل جي گهراڻي کي سڀني قومن منجهان ائين ڇاڻيندس جيئن اَن پروڻ ۾ ڇاڻيو وڃي، تنهن هوندي بہ ننڍي ۾ ننڍو داڻو زمين تي نہ ڪِرندو. 10 منهنجي قوم جا سڀ گنهگار ترار سان مرندا، جي چون ٿا تہ خرابي اسان تائين نہ پهچندي ۽ نہ اسان کي روڪيندي. 11 اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛ 12 انهي لاءِ تہ جي منهنجي نالي تي سڏجن ٿا سي ادوم جي باقي بچيل حصي جا ۽ سڀني قومن جا هو مالڪ ٿين؛ خداوند، جيڪو اهو سڀ ڪري ٿو، سو ائين ٿو فرمائي. 13 ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هر کيڙڻ وارو لڻڻ واري کي اچي پهچندو، ۽ ڊاک جي لتاڙڻ وارو ٻج پوکڻ واري کي؛ ۽ جبلن تان مٺو شراب ٽمندو، ۽ سڀ ٽڪريون پگهري وينديون. 14 ۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جا قيدي موٽائي آڻيندس، ۽ اُهي غير آباد شهر وري اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ ۽ اُهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا ۽ انهن جو شراب پيئندا؛ اُهي باغ بہ لڳائيندا ۽ انهن جو ڦر بہ کائيندا. 15 ۽ خداوند تنهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي وري سندن ملڪ ۾ ڄمائيندس، ۽ جو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان اڳتي ڪڏهن بہ هو اُکيڙيا نہ ويندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society