عاموس 8 - Sindhi Bible1 خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري آهي. 2 هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس. 3 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيڪل جا راڳ انهي ڏينهن ۾ ماتم ٿيندا: لاشن جا ڍير لڳندا، سڀ ڪنهن هنڌ اُهي ماٺ ۾ ٻاهر اُڇلايا ويندا. 4 اوهين جي مسڪينن کي ڳهڻ ۽ ملڪ جي غريبن کي تباهہ ڪرڻ ٿا گهرو، سي هي ٻڌو. 5 ۽ اوهين جي ايفہ کي ننڍو ٿا ڪريو، ۽ شيڪل کي وڏو، ۽ ڪوڙين ساهمين سان ٺڳي ٿا ڪريو، ۽ چئو ٿا تہ ڪڏهن نئون چنڊ ٽرندو، تہ اسين اَن وڪڻون، ۽ سبت ويندو تہ اسين ڪڻڪ ڪڍي ٻاهر رکون؟ 6 ۽ اسين چاندي ڏيئي غريب کي، ۽ جُتي جو جوڙو ڏيئي مسڪين کي ڳنهون، ۽ ڪڻڪ جو ڪچرو وڪڻون. 7 خداوند، يعقوب جي وڏائيءَ جو هي قسم کنيو آهي، تہ آءٌ هنن جو ڪوبہ ڪم ڪڏهن وساري نہ ڇڏيندس. 8 انهي لاءِ ملڪ نہ ڏڪندو ڇا؟ ۽ جيڪي بہ اُن ۾ رهندا آهن، سي سڀ ماتم نہ ڪندا ڇا؟ هائو، هو نديءَ وانگي اُٿندو، ۽ مصر جي نديءَ وانگر شور ڪندو، ۽ هيٺ لهي ايندو. 9 ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ سج کي ٻنپهرن جو هيٺ لاهيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس. 10 ۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس. 11 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس اُهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ هن ملڪ ۾ ڏڪار موڪليندس، نہ مانيءَ جو ڏڪار، ۽ نہ پاڻيءَ جي اُڃ، پر خداوند جي ڪلام ٻڌڻ جو ڏڪار آڻيندس. 12 ۽ هو سمنڊ کان سمنڊ تائين، اُتر کان وٺي اُڀرندي تائين رُلندا وتندا؛ هو خداوند جو ڪلام ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندا، پر انهي کي ڪين لهندا. 13 انهي ڏينهن خوبصورت ڪنواريون، ۽ جوان مرد اُڃ جي ڪري ماندا ٿيندا. 14 جيڪي سامريہ جي گناهہ جو قسم کڻن ٿا، ۽ چون ٿا تہ اي دان، تنهنجي جيئري خدا جو قسم آهي، ۽ بيرسبع جي واٽ جو قسم آهي؛ سي سڀ ڪِرندا ۽ وري ڪڏهن نہ اُٿندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society