Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عاموس 7 - Sindhi Bible

1 خداوند خدا مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ پوئين پوکيل فصل جي شروعات ۾ هن مڪڙ پيدا ڪيا، ۽ ڏٺم تہ بادشاهہ جي حصي لڻڻ کانپوءِ اهو پويون فصل هو، جو ڦٽي نڪتو هو.

2 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.

3 تڏهن خداوند هن جي نسبت ۾ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين نہ ٿيندو.

4 خداوند مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند باهہ کي ساڙڻ لاءِ سڏيو؛ ۽ اُنهيءَ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو، ۽ ملڪ کي بہ کائي وڃي ها.

5 تڏهن مون چيو تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.

6 خداوند انهيءَ جي نسبت ۾ بہ ڦريو، ۽ خداوند فرمايو تہ ائين بہ ڪين ٿيندو.

7 هن مون کي هن طرح ڏيکاريو، ۽ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي ڀت تي بيٺو آهي، جا شاهل سان جڙيل هئي، ۽ سندس هٿ ۾ شاهل هو.

8 ۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:

9 ۽ اسحاق جون مٿانهيون جايون ويران ٿينديون، ۽ اسرائيل جا پاڪ مڪان غير آباد ٿي ويندا؛ ۽ آءٌ ترار سان يربعام جي گهراڻي جي برخلاف اُٿندس.

10 تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.

11 ڇالاءِ جو عاموس چوي ٿو تہ يربعام ترار سان مرندو، ۽ اسرائيل ضرور قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان ڪڍيو ويندو.

12 امصياہ عاموس کي هيئن بہ چيو، تہ اي غيب ڏسندڙ تون وڃ، يهوداہ جي ملڪ ڏي ڀڄي وڃ، ۽ اُتي وڃي ماني کاءُ، ۽ اُتي نبوت ڪر:

13 پر بيت ايل ۾ وري اڳتي نبوت نہ ڪج، ڇالاءِ جو هي بادشاهہ جو پاڪ مڪان آهي، ۽ هي هڪڙو شاهي گهر آهي.

14 تڏهن عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو، تہ آءٌ نبي ڪين هوس، نڪي ڪنهن نبيءَ جو پٽ آهيان، پر آءٌ هڪڙو ڌنار ۽ گولر جي وڻن جو سنڀاليندڙ هوس:

15 ۽ خداوند مون کي ڌڻ جي پٺيان وڃڻ کان کڻي ورتو، ۽ خداوند مون کي چيو تہ وڃي منهنجي قوم اسرائيل وٽ نبوت ڪر.

16 تنهنڪري تون هاڻي خداوند جو ڪلام ٻڌ: تون چوين ٿو تہ اسرائيل جي برخلاف نبوت نہ ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام اسحاق جي گهراڻي جي برخلاف نہ ٻڌاءِ؛

17 تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهنجي زال شهر ۾ هڪڙي ڪڃري ٿيندي، ۽ تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون ترار سان مرندا، ۽ تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي؛ ۽ تون پاڻ اهڙيءَ زمين ۾ مرندين جا ناپاڪ آهي: ۽ اسرائيل ضرور پنهنجي ملڪ مان قيد ڪري ڪڍيو ويندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan