عاموس 6 - Sindhi Bible1 افسوس آهي انهن جي حال تي، جي صيون ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ انهن جي حال تي، جي سامريہ جي جبل ۾ صحيح سلامت آهن، ۽ انهن مشهور ماڻهن جي حال تي، جي قوم جا سردار آهن، ۽ جن وٽ اسرائيل جي گهراڻي وارا اچن ٿا! 2 اوهين ڪلنہ ڏي لنگهي وڃو ۽ ڏسو؛ ۽ اُتان وري وڏي حمات ڏي وڃو: پوءِ فلستين جي جات ڏي لهي وڃو: ۽ ڏسو تہ هي هنن بادشاهتن کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اوهان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟ 3 اوهين جو مصيبت جي ڏينهن کي پري ٿا ڪريو ۽ ظلم زبردستيءَ جي ڪرسيءَ کي ويجهو ٿا آڻيو؛ 4 جي عاج جي پلنگن تي سمهو ٿا، ۽ پنهنجن بسترن تي ڊگها ٿي ليٽو ٿا؛ ۽ ڌڻن مان گهيٽا ۽ واڙي مان گابا ڪڍي کائو ٿا؛ 5 جي سارنگيءَ جي سُر تي اجايا راڳ ڳايو ٿا، جي دائود وانگر پنهنجي لاءِ ڳائڻ وڄائڻ جا ساز رٿي بنايو ٿا؛ 6 جي پيالن ۾ شراب پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا تيل مکيو ٿا؛ پر جن کي يوسف جي مصيبت جو ڏک ڪونهي. 7 تنهنڪري هاڻي جيڪي قيد ٿي ويندا، تن سان گڏ هو بہ قيد ٿي ويندا، ۽ جيڪي ڊگها ٿي سُتا هئا، تن جي خوشي گذري ويندي. 8 خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس. 9 ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هڪڙي گهر ۾ ڏهہ ماڻهو باقي هوندا تہ اُهي بہ مري ويندا. 10 ۽ جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو مائٽ، جو هن کي ساڙڻ لاءِ کڻي ٿو، تہ گهر مان هن جا هڏا ٻاهر ڪڍي، ۽ انهي کان پڇي ٿو جو گهر جي اندرين حصي ۾ آهي تہ ڪو ٻيو بہ اڃا تو وٽ آهي ڇا، تہ هو چوندا تہ نہ؛ تڏهن هو چوندو تہ ماٺ ڪر؛ ڇالاءِ جو اسين خداوند جو نالو ئي نٿا وٺي سگهون. 11 ڇالاءِ جو ڏس، خداوند حڪم ٿو ڪري، ۽ وڏي گهر ۾ ڦاٽ ۽ ننڍي گهر ۾ چيرون پئجي وينديون. 12 گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو. 13 اوهين جي نڪمي شيءِ تي خوشي ٿا ڪريو ۽ چئو ٿا تہ اسان پنهنجي طاقت سان پنهنجي لاءِ سڱ هٿ نہ ڪيا آهن ڇا؟ 14 تنهنڪري خداوند لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس آءٌ اوهان جي برخلاف هڪڙي قوم اُٿاريندس ۽ اُهي اوهان کي حمات کان شروع ڪري عربہ جي نديءَ تائين تڪليف ڏيندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society