Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عاموس 5 - Sindhi Bible

1 اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو.

2 اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي.

3 ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن شهر مان هڪ هزار نڪرندا هئا، تنهن ۾ باقي هڪ سؤ وڃي بچيا آهن؛ ۽ جنهن مان هڪ سؤ نڪرندا هئا، تنهن مان اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڏهہ وڃي بچيا آهن.

4 ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي گهراڻي کي ٿو فرمائي، تہ منهنجا طالب ٿيو تہ جيئرا رهندا:

5 پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو.

6 خداوند کي ڳوليو تہ جيئرا رهو؛ متان هو يوسف جي گهراڻي ۾ باهہ وانگي نڪري پوي ۽ ساڙي ماري ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهي کي بيت ايل ۾ وسائي نہ سگهي:

7 اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛

8 انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي.

9 جو ڏاڍن تي اوچتو موت آڻي ٿو ۽ انهي ڪري قلعي تي تباهي اچي ٿي.

10 جيڪو دروازي ۾ بيهي ملامت ڪري ٿو، تنهن کي هو ڌڪارين ٿا؛ ۽ جيڪو سچ ٻڌائي ٿو تنهن سان هو نفرت ٿا ڪن.

11 تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا.

12 ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو.

13 تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.

14 نيڪيءَ کي ڳوليو، نہ بديءَ کي، تہ اوهين جيئرا رهو: تہ پوءِ خداوند لشڪرن جو خدا اوهان سان ٿيندو جيئن اوهين چئو ٿا.

15 بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي.

16 تنهنڪري خداوند، لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ سڀني ڪشادن رستن تي واويلا ٿيندي؛ ۽ سڀني گهٽين ۾ هو چوندا تہ افسوس، افسوس، ۽ هو بچيلن کي ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيندا، ۽ جيڪي اوسارڻ ۾ هوشيار آهن انهن کي روئڻ پِٽڻ لاءِ سڏيندا.

17 ۽ سڀني ڊاک جي منهن ۾ واويلا پئجي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي وچان لنگهندس.

18 اوهين جي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو، تن جي لاءِ افسوس آهي! ڇو اوهين خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اُهو روشنائي نہ پر اوندهہ آهي.

19 جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.

20 خداوند جو ڏينهن اونداهي نہ ٿيندو ڇا؟ انهيءَ ۾ روشنائي نہ پر بنا تجلي اوندهہ انڌوڪار هوندو.

21 آءٌ اوهانجين عيدن کي ڌڪاريان ٿو ۽ نفرت ٿو ڪريان؛ ۽ اوهانجين پاڪ جماعتن ۾ مون کي ڪابہ خوشي ڪانهي.

22 هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس.

23 تون پنهنجن راڳن جو هُل مون کان پري ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجين سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.

24 پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي.

25 اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ منهنجي لاءِ قربانيون ۽ نذرانا آندا هئا ڇا؟

26 هائو، اوهين تہ ملڪوم جا تنبو، ۽ ڪيوان جا بُت، ۽ پنهنجي معبود جو تارو، جي اوهان پاڻ ٺاهيا هئا، کڻي هلندا هئا.

27 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خدا آهي، تہ آءٌ اوهان کي قيد ڪري دمشق جي پريان موڪليندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan