عاموس 3 - Sindhi Bible1 اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو: 2 زمين جي سڀني قبيلن مان رڳو اوهان کي مون سڃاتو آهي: تنهنڪري آءٌ اوهان کي اوهانجن سڀني گناهن جي سزا ڏيندس. 3 ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ ٺاهہ ڪرڻ کان سواءِ گڏ هلي سگهندا ڇا؟ 4 يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟ 5 پکي ڪو زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا، جي اُتي سندس لاءِ ڪو دام نہ رکيو ويو هوندو؟ جي ڦانڌي ۾ ڪجهہ نہ ڦاسندو تہ اُها ڪا مٿي ٽپندي ڇا؟ 6 ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟ 7 يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو: 8 شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟ 9 اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو. 10 ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا. 11 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ملڪ جي چوڌاري هڪڙو دشمن ايندو، ۽ اهو تنهنجو زور کسي وٺندو، ۽ تنهنجا محلات لٽجي ويندا. 12 خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا. 13 اوهين ٻڌو، ۽ يعقوب جي گهراڻي جي برخلاف شاهدي ڏيو؛ خداوند خدا لشڪرن جو خدا ائين ٿو فرمائي. 14 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا. 15 آءٌ سياري واري گهر کي اونهاري واري گهر سان تباهہ ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ عاج جا گهر چٽ ٿي ويندا ۽ وڏا گهر ناس ٿي ويندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society