Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عاموس 2 - Sindhi Bible

1 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ موآب جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن ادوم جي بادشاهہ جا هڏا ساڙي چُن ٺاهيو:

2 پر آءٌ موآب تي باهہ موڪليندس ۽ اُها قريوت جا محلات ساڙيندي؛ ۽ موآب گوڙ گڙٻڙ سان، رڙين سان ۽ قرناءِ جي آواز سان مرندو.

3 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي وچ مان قاضيءَ کي وڍي ڇڏيندس، ۽ سندن سڀ امير ساڻس گڏ ڪُهي ڇڏيندس.

4 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ تہ هنن خداوند جي شريعت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس قاعدن تي نہ هليا آهن، ۽ سندن ڪوڙن، جنهن تي هو پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هليا آهن، کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.

5 پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.

6 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ:

7 هو غريبن جي مٿي جي مٽيءَ جي لالچ ۾ پيا سهڪن، ۽ حليمن کي سندن راهہ کان ٿا ڦيرائين: ۽ پيءُ ۽ پٽ ٻئي ساڳي ڇوڪريءَ وٽ وڃي، منهنجي پاڪ نالي کي ناپاڪ ٿا ڪن.

8 ۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.

9 مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.

10 مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان بہ ڪڍي آندو، ۽ اوهان کي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ گهمايم، تہ اوهين امورين جي زمين جا مالڪ ٿيو.

11 ۽ مون اوهانجن پٽن مان نبي، ۽ اوهانجن جوانن مان نذيري اُٿاريا. خداوند ٿو فرمائي، تہ اي بني اسرائيل، ائين ناهي ڇا؟

12 پر اوهان نذيرين کي شراب پياريو؛ ۽ نبين کي حڪم ڏيئي چيو تہ نبوت نہ ڪريو.

13 ڏسو، آءٌ اوهان کي اوهان جي جاءِ تي ائين چپيندس جيئن ڪا گڏن سان ڀريل گاڏي چپيندي آهي.

14 تکي ڊوڙڻ واري کان ڀڄڻ جي طاقت هلي ويندي، ۽ زوراور پنهنجو زور لڳائي نہ سگهندو، نڪي بهادر پاڻ کي بچائي سگهندو:

15 نڪي اُهو بيهندو جو ڪمان ٿو ڪم آڻي، ۽ جيڪو پيرن جو تکو آهي سو پاڻ کي بچائي نہ سگهندو، نڪي گهوڙي سوار پاڻ کي بچائي سگهندو.

16 خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو بهادرن ۾ همت وارو آهي، سو انهي ڏينهن اُگهاڙو ڀڄي ويندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan