Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 7 - Sindhi Bible

1 تنهن تي سردار ڪاهن پڇيس تہ اهي ڳالهيون ائين آهن ڇا؟

2 هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو،

3 ۽ چيائينس، تہ تون پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي مائٽن مان نڪري اُنهي ملڪ ۾ وڃ جو آئون توکي ڏيکاريندس.

4 تڏهن هو ڪسدين جي ملڪ مان نڪري حاران ۾ اچي رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سندس پيءُ مري ويو، تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اوهين اڃا تائين رهندا اچو.

5 ۽ هن ملڪ ۾ ڪابہ ميراث ڪانہ ڏنائينس، نہ، بلڪ پير رکڻ جيتري جاءِ بہ ڪانہ ڏنائينس؛ ۽ جيتوڻيڪ هن کي اولاد ڪونہ هو، تہ بہ اهو واعدو ڪيائينس تہ اِهو ملڪ توکي ۽ توکان پوءِ تنهنجي نسل کي ملڪيت ڪري ڏيندس.

6 ۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ تنهنجو نسل هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رهندو؛ جتي هن کي چار سؤ ورهيہ غلاميءَ ۾ رکندا، ۽ ساڻن بري هلت ڪندا.

7 ۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ جنهن قوم جي غلامي ۾ هو هوندا، تنهن کي آئون سزا ڏيندس: تنهن کانپوءِ هو اُتان نڪري اچي هن هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.

8 ۽ ساڻس ختني جو عهد ڪيائين. پوءِ ابراهيم کي اسحاق ڄائو، ۽ هن اٺين ڏينهن هن جو ختنو ڪيو؛ ۽ اسحاق مان يعقوب، ۽ يعقوب مان ٻارهن قبيلن جا بزرگ پيدا ٿيا.

9 ۽ اُنهن بزرگن کي يوسف تي جو حسد آيو، سو کيس وڪڻي ڇڏيائون تہ مصر ۾ وٺي وڃنس؛ پر خدا ساڻس هو.

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.

11 پوءِ ساري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، ۽ وڏي مصيبت اچي ڪڙڪي: ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي کاڌو ملي نٿي سگهيو.

12 پر جڏهن يعقوب ٻُڌو تہ مصر ۾ اَن آهي، تڏهن هن اسان جي ابن ڏاڏن کي پهريون ڀيرو اوڏانهن موڪليو.

13 ۽ ٻئي ڀيري يوسف پنهنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو؛ ۽ فرعون کي خبر پيئي تہ يوسف ڪهڙيءَ قوم جو آهي.

14 پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب کي ۽ پنهنجي سڀني مائٽن کي، جي پنجهتر ڄڻا هئا، پاڻ وٽ گهُرائي ورتو.

15 سو يعقوب مصر ۾ ويو؛ اُتي هو پاڻ ۽ اسان جا ابا ڏاڏا گذر ڪري ويا؛

16 ۽ اُنهن کي کڻي وڃي شڪم ۾ اُنهي قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان رپيا ڏيئي خريد ڪيو هو.

17 پر جيڪو واعدو خدا ابراهيم سان ڪيو هو، تنهن جو مدو جڏهن پورو ٿيڻ تي آيو، تڏهن مصر ۾ اها قوم وڌي گهڻي ٿي ويئي؛

18 ۽ مصر تي ٻيو بادشاهہ قائم ٿيو، جو يوسف کي سڃاڻندو ئي ڪونہ هو.

19 تنهن اسان جي قوم سان ڊوهہ ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن سان اهڙي بري هلت ڪئي، جو هنن کي پنهنجا ٻار ٻاهر اُڇلائي ڇڏڻا پيا، تہ جيئرا نہ رهن.

20 اُنهن ڏينهن ۾ موسيٰ ڄائو، جو ڏاڍو خوبصورت هو، ۽ ٽن مهينن تائين هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ نپنو؛

21 ۽ جڏهن اُنهي کي ٻاهر اُڇلايائون، تڏهن فرعون جي ڌيءَ کڻي ورتس، ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس.

22 ۽ موسيٰ کي مصرين جي سڀ ڪنهن قسم جي حڪمت جي تعليم ملي: ۽ هو ڪلام توڙي ڪمن ۾ طاقت وارو هو.

23 پر جڏهن هو اٽڪل چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن سندس دل ۾ آيو، تہ وڃي ڏسان تہ منهنجي ڀائرن، بني اسرائيلين جو ڪهڙو حال آهي.

24 ۽ جڏهن ڏٺائين تہ اُنهن مان هڪڙي تي ظلم پيو ٿئي، تڏهن سندس مدد ڪيائين، ۽ جنهن تي ظلم پئي ٿيو، تنهن جو وير ورتائين، ۽ اُنهي مصريءَ کي ماري ڇڏيائين:

25 ۽ ڀانيائين تہ منهنجا ڀائر سمجهندا تہ خدا منهنجي هٿان کين ڇوٽڪارو ڏيندو؛ پر هنن سمجهيو ئي ڪين.

26 ۽ ٻئي ڏينهن وري هنن مان ٻن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏسي وٽن ويو، ۽ کين پاڻ ۾ پرچائڻ جي ارادي سان چيائين، اوهين ڀائر آهيو، هڪ ٻئي تي ظلم ڇو ٿا ڪريو؟

27 پر جنهن پاڙيسريءَ تي ظلم پئي ڪيو، تنهن پري ڌڪي چيس تہ توکي اسان جي مٿان حاڪم ۽ قاضي ڪنهن مقرر ڪيو آهي؟

28 جيئن تو ڪالهہ هن مصريءَ کي ماري وڌو، تيئن مون کي بہ ماري ڇڏيندين ڇا؟

29 ۽ موسيٰ ايترو ٻُڌي اُٿي ڀڳو، ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهڻ لڳو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.

30 ۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.

31 جڏهن موسيٰ اهو ڏٺو، تڏهن اُنهي نظاري تي عجب لڳس، ۽ چتائي ڏسڻ لاءِ جيئن ويجهو ٿيو، تيئن خداوند جو آواز آيس،

32 تہ آئون تنهنجن ابن ڏاڏن جو خدا، ابراهيم جو، ۽ اسحاق جو، ۽ يعقوب جو خدا آهيان. تڏهن موسيٰ ڏڪي ويو، ۽ اوڏانهن نهارڻ جي همت نہ ٿيس.

33 پر خداوند چيس، تہ پنهنجي پيرن مان جُتي لاهي ڇڏ: ڇالاءِ جو جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين، سا پاڪ زمين آهي.

34 تحقيق جيڪا منهنجي اُمت مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت ڏٺي اٿم، ۽ سنديس آهہ ٻُڌي اٿم، ۽ کيس ڇڏائڻ لاءِ لهي آيو آهيان: ۽ هاڻي اچ، آئون توکي مصر ۾ موڪليندس.

35 اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.

36 اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.

37 هيءُ اهوئي موسيٰ آهي، جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ خداوند اوهان جي ڀائرن منجهان اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي کڙو ڪندو.

38 هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:

39 ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي مرضي نہ هئي تہ کيس مڃيون، بلڪ هن کي پاڻ وٽان ڌڪي ڪڍيائون، ۽ سندن دلين جو لاڙو مصر ڏانهن ٿيو،

40 ۽ هارون کي چيائون تہ اسان کي اهڙا معبود جوڙي ڏي، جي اسان جي رهبري ڪن، ڇالاءِ جو اسان کي خبر ئي ڪانهي تہ هي موسيٰ، جو اسان کي مصر ملڪ مان وٺي آيو آهي، تنهن کي ڇا ٿيو.

41 تن ڏينهن ۾ هنن هڪڙو گابو ٺاهيو ۽ انهي بُت تي قرباني چاڙهيائون ۽ جيڪي پنهنجن هٿن سان ٺاهيو هئائون، سو ڏسي خوش ٿيا.

42 پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟

43 ۽ اوهان مولڪ جو تنبو، ۽ پنهنجي ديوتا رفان جو تارو، ۽ جي مورتون اوهان پوڄڻ لاءِ جوڙيون، سي ساڻ کنيون؛ هاڻي آئون اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.“

44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ.

45 ۽ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن انهن قومن جي ملڪيت وڃي هٿ ڪئي، جن کي خدا سندن اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو، تڏهن اهو تنبو جو کين مليو هو، سو يشوع سان گڏ کڻي آيا؛ ۽ اُهو دائود جي وقت تائين رهيو.

46 دائود خدا وٽ قبول پيو، ۽ هن عرض ڪيو تہ يعقوب جي خدا جي لاءِ ڪا جاءِ تيار ڪرڻ جي اجازت مليم.

47 پر سليمان ئي خدا لاءِ هڪڙو گهر اڏايو.

48 انهي هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گهرن ۾ نٿو رهي؛ جيئن نبي چوي ٿو تہ،

49 ”خداوند فرمايو تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي آهي؟

50 اهي سڀ شيون منهنجي هٿن نہ جوڙيون آهن ڇا؟“

51 اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.

52 اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛

53 اوهين اُهي آهيو، جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوهان انهي تي عمل نہ ڪيو.

54 هاڻي جڏهن هنن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن دل ۾ سڙي ويا، ۽ هن تي ڏند ڪرٽڻ لڳا.

55 پر هن پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن چتائي نهاريو، ۽ خدا جو جلال ۽ يسوع کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين؛

56 ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون ڏسان ٿو تہ آسمان کُليو پيو آهي ۽ ابن آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.

57 پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا ۽ پنهنجا ڪَن کڻي بند ڪيائون، ۽ ايڪو ڪري مٿس ڪاهي آيا؛

58 ۽ کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا؛ ۽ شاهدن پنهنجا ڪپڙا شائول نالي هڪڙي جوان جي پيرن وٽ وڃي رکيا.

59 ۽ جيئن هنن استيفنس کي سنگسار پي ڪيو، تہ هن خداوند کي پڪاري چيو تہ، اي خداوند يسوع! منهنجو روح قبول ڪر.

60 ۽ هن گوڏا کوڙي وڏي سڏ چيو، تہ اي خداوند، هي ڏوهہ هنن تي نہ وجهہ. ايترو چئي هو سمهي پيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan