Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 5 - Sindhi Bible

1 پر حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس زال صفيرا هڪڙي زمين وڪي.

2 ۽ هن انهيءَ جي قيمت مان ڪجهہ لڪائي رکي ڇڏيو، جنهن جي سندس زال کي بہ خبر هئي؛ ۽ باقي آڻي رسولن جي پيرن وٽ رکيائين.

3 پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟

4 جيسين اُها تو وٽ هئي، تيسين اها تنهنجي ملڪيت نہ هئي ڇا؟ ۽ وڪامڻ کانپوءِ بہ اُنهي جي قيمت تنهنجي قبضي ۾ نہ هئي ڇا؟ تو اها ڳالهہ پنهنجي دل ۾ ڪيئن رٿي؟ تو ماڻهن سان نہ، پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو.

5 ۽ اها ڳالهہ ٻڌندي ئي حننياہ ڪِري پيو ۽ ساهہ نڪري ويس. ۽ جن اها ڳالهہ ٻُڌي، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

6 ۽ جوانن اُٿي ڪفن ۾ ويڙهيس، ۽ ٻاهر کڻي ويس ۽ وڃي دفن ڪيائونس.

7 اٽڪل پهر کن کانپوءِ، سندس زال جنهن کي هن واقعي جي ڪابہ خبر ڪانہ هئي سا بہ آئي.

8 پطرس کيس چيو تہ مون کي ٻُڌاءِ تہ اوهان اها زمين هيتري وڪي هئي يا نہ؟ هن چيو تہ هائو، ايتري.

9 تنهن تي پطرس چيس تہ اوهان خداوند جي روح کي آزمائڻ لاءِ ٻَڌي ڇو ڪئي آهي؟ ڏس، جيڪي تنهنجي مڙس کي دفن ڪري آيا آهن، تن جا پير اڃا در تي آهن، سي توکي بہ ٻاهر کڻي ويندا.

10 ۽ هوءَ يڪدم هن جي پيرن وٽ ڪِري پيئي، ۽ ساهہ ڏنائين: ۽ اهي جوان اندر آيا ۽ هن کي مُئل ڏسي ٻاهر کڻي ويس، ۽ مڙسس جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس.

11 پوءِ ساري ڪليسيا ۽ جن اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.

12 ۽ رسولن جي هٿان ماڻهن ۾ گهڻيئي معجزا ۽ ڪرامتون ٿينديون رهيون؛ ۽ هو سڀ يڪ دل ٿي سليمان جي ورانڊي ۾ گڏ ٿيندا هئا.

13 پر ٻين مان ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي تہ ساڻن وڃي گڏجن؛ تڏهن بہ ماڻهو هنن جي وڏائي ڪندا هئا؛

14 ۽ گهڻيئي مرد توڙي زالون، جن خداوند تي ايمان آندو، سي انهن سان شامل ٿيندا ويا؛

15 ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.

16 ۽ يروشلم جي آس پاس وارن شهرن مان بہ ماڻهن جا ميڙاڪا اچي گڏ ٿيندا هئا، ۽ بيمارن کي، توڙي ڀوتاريلن کي وٺي ايندا هئا: ۽ انهن مان هر ڪنهن کي شفا ٿي ملي.

17 پر سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي (جي صدوقين جي فرقي جا هئا)، تن کي ڏاڍا ساڙ لڳا ۽ هو اُٿي کڙا ٿيا،

18 ۽ رسولن کي پڪڙي قيدخاني ۾ وڌائون.

19 پر خداوند جو هڪڙو ملائڪ رات جو قيدخاني جا در کولي انهن کي ٻاهر وٺي آيو ۽ چيائين تہ

20 وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي، هي زندگيءَ جون سڀ ڳالهيون ماڻهن کي ٻُڌايو.

21 ۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.

22 پر سپاهي جڏهن قيدخاني ۾ آيا، تڏهن ڏسن تہ هو آهن ئي ڪين! ۽ موٽي اچي اها خبر ڏنائون.

23 ۽ چيائون تہ اسان ڏٺو تہ قيدخانو تہ ڏاڍيءَ حفاظت سان بند ٿيل هو، ۽ پهري وارا دروازن تي بيٺا هئا، پر جڏهن کوليوسين، تہ ڏٺوسين تہ اندر ڪوبہ ماڻهو ڪونهي.

24 هاڻي جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن هي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن انهن بابت اچي ڏاڍي فڪر ۾ پيا، تہ هن جو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟

25 ايتري ۾ هڪڙي ماڻهوءَ اچي کين ٻُڌايو تہ ڏسو، جن ماڻهن کي اوهان قيدخاني ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي تعليم ڏين.

26 تڏهن صوبيدار سپاهين سان گڏجي وڃي هنن کي وٺي آيو، پر زورازوريءَ نہ: ڇالاءِ جو هو ماڻهن کان ڊنا ٿي تہ متان اسان کي سنگسار ڪن.

27 ۽ هنن کي وٺي آڻي مجلس جي اڳيان بيهاريائون. ۽ سردار ڪاهن کانئن پڇڻ لڳو،

28 تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو.

29 پر پطرس ۽ ٻين رسولن ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان کي ضرور آهي تہ ماڻهوءَ جي حڪم کان وڌيڪ خدا جو حڪم مڃيون.

30 اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا يسوع کي جياريو، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو.

31 پر خدا انهي کي مالڪ ۽ نجات ڏيندڙ ٿيڻ لاءِ پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، انهي لاءِ تہ اسرائيل کي توبهہ جي توفيق ۽ گناهن جي معافي بخشي.

32 اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون؛ ۽ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جي سندس حڪم ٿا مڃين.

33 پر هو هي ٻُڌي سڙي ويا، ۽ دل ۾ آين تہ هنن کي ماري وجهون.

34 پر گملي ايل نالي هڪڙو فريسي، جو شريعت جو عالم هو ۽ سڀني ماڻهن ۾ عزت وارو هو، تنهن مجلس ۾ اُٿي حڪم ڏنو تہ هنن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃو.

35 پوءِ انهن کي چيائين، تہ اي اسرائيليو، جيڪي اوهين هنن ماڻهن سان ڪريو سو سنڀالي ڪريو؛

36 ڇالاءِ جو ڪجهہ وقت ٿيو جو ٿيوداس اها دعويٰ ڪرڻ لڳو تہ آئون بہ ڪي آهيان؛ پوءِ ڪيترائي ماڻهو، اٽڪل چار سؤ ڄڻا وڃي ساڻس گڏيا. پر اهو بہ مارجي ويو؛ ۽ جيڪي سندس پوئلڳ هئا، سي سڀ ٽڙي پکڙي ويا، ۽ منجهانئن ڪي بہ ڪين ٿيو.

37 انهي شخص کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي اُٿي کڙو ٿيو، ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس پوئلڳ ٿيا: سو بہ چٽ ٿي ويو؛ ۽ جن کيس مڃيو، سي بہ دربدر ٿي ويا.

38 هاڻي آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هنن ماڻهن کان پاسو ڪريو ۽ ڇڏي ڏيون: ڇالاءِ تہ جي هيءَ تجويز ۽ هيءُ ڪم ماڻهن جو هوندو تہ پاڻهي برباد ٿي ويندو.

39 پر جي اهو ڪم خدا جو آهي، تہ اوهين انهي کي برباد ڪري ڪين سگهندا؛ متان ائين ٿئي تہ اوهين خدا جو بہ مقابلو ڪريو.

40 هنن سندس ڳالهہ مڃي ۽ رسولن کي پاڻ وٽ سڏي ڦٽڪا هڻايائون، ۽ سخت تاڪيد ڪيائون تہ يسوع جي نالي تي ڪي بہ ڪين چئجو، ۽ پوءِ ڇڏي ڏنائون.

41 سو هو مجلس منجهان هن ڪري خوشيون ڪندا نڪري ويا، تہ انهي نالي جي ڪري اسان کي بي عزت ڪرڻ جو لائق سمجهيو اٿن.

42 ۽ روزبروز هيڪل ۾، ۽ گهرن ۾، تعليم ڏيڻ ۽ انهيءَ جي خوشخبريءَ ٻُڌائڻ کان هٽيا ئي ڪين، تہ يسوع ئي مسيح آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan