Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 26 - Sindhi Bible

1 ۽ اگرپا پولس کي چيو تہ هاڻي توکي ڳالهائڻ جي موڪل آهي. تڏهن پولس پنهنجو هٿ ڊگهيري، هن طرح پنهنجو بچاءُ ڏيڻ لڳو، تہ

2 اي اگرپا بادشاهہ، آئون پاڻ کي نصيب وارو ٿو سمجهان، جو اڄ تنهنجي اڳيان انهن ڳالهين جو بچاءُ ڏيڻو اٿم، جن بابت يهودين مون تي تهمت رکي آهي:

3 خاص هن ڪري، جو تون يهودين جي سڀني ريتن ۽ رسمن کان خوب واقف آهين: تنهنڪري منهنجو عرض آهي، تہ تون تحمل ڪري منهنجي ٻُڌ.

4 شروع کان ئي مون پنهنجي زندگي پنهنجي قوم ۽ يروشلم ۾ گذاري آهي، ۽ ننڍڙي هوندي کان وٺي ڪيئن پي رهيو آهيان، تنهن جي سڀني يهودين کي خبر آهي.

5 ۽ مرضي هجين تہ شاهدي ڏيئي سگهندا، ڇو جو منهنجي بابت ايتري خبر اٿن تہ شروع کان ئي، آئون پنهنجي مذهب جي سڀني کان سخت پابند فرقي موجب، ڪيئن نہ فريسي ٿي گذاريندو هوس.

6 ۽ هاڻي، جو واعدو خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، تنهن جي پوري ٿيڻ جي اُميد سبب مون کي هتي عدالت ۾ کڙو ڪيو اٿن.

7 ۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.

8 اوهين ڇو ٿا ڀانئيو تہ اها ڳالهہ وسهڻ جهڙي نہ آهي تہ خدا مُئلن کي جياري ٿو؟

9 ۽ آئون پاڻ ڀائيندو هوس تہ يسوع ناصري جي نالي جي برخلاف مون کي گهڻو ئي ڪي ڪرڻ گهرجي.

10 ۽ يروشلم ۾ آئون ائين ڪندو هوس، ۽ سردار ڪاهنن کان اختياري وٺي گهڻن ئي پاڪ ٿيلن کي قيد ۾ بہ وجهائيندو هوس، ۽ سندن قتل ٿيڻ وقت سندن برخلاف پنهنجي راءِ ڏنيم.

11 ۽ سڀني عبادتخانن ۾، گهڻائي ڀيرا کين سزا ڏياري، زورازوريءَ کانئن ڪفر بڪائيندو هوس؛ بلڪ سندن برخلاف اهڙو ڇتو ٿي پيس، جو کين ٻين شهرن ۾ بہ وڃي ستائيندو هوس.

12 انهيءَ لاءِ سردار ڪاهن کان اختياري ۽ پروانو وٺي، جڏهن آئون دمشق ڏانهن پئي ويس،

13 تڏهن اي بادشاهہ، ٻنپهرن جي وقت واٽ تي ڏٺم تہ آسمان مان هڪڙو سوجهرو، جو سج کان بہ وڌيڪ روشنائيءَ وارو هو، سو مون تي ۽ منهنجي سنگتين تي اچي چمڪيو.

14 ۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.

15 ۽ مون چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ تڏهن خداوند چيو، تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

16 پر اُٿي بيهہ: ڇالاءِ جو مون انهي مطلب لاءِ توکي ڏيکاري ڏني آهي تہ توکي انهن سڀني ڳالهين جو خدمتگار ۽ شاهد مقرر ڪريان، جن لاءِ تو مون کي ڏٺو آهي، ۽ جن لاءِ آئون توکي ڏيکاري ڏيندس؛

17 ۽ اُمت ۽ غير قومن، جن ڏانهن آئون توکي موڪليان ٿو، تن کان آئون توکي بچائيندو رهندس؛

18 تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.

19 سو، اي بادشاهہ، آسمان مان جو اهو رويا ڏٺم، تنهن کان منهن نہ موڙيم.

20 پهريائين دمشق جي ماڻهن کي، ۽ پوءِ يروشلم ۾، ۽ يهوديہ جي ساري ملڪ ۾، ۽ غير قومن کي بہ چوندو رهيس تہ اُهي توبهہ ڪري خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ اهڙا ڪم ڪن جي توبهہ ڪندڙن جي لائق هجن.

21 انهيءَ ڪري يهودين مون کي هيڪل ۾ پڪڙي ماري وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

22 پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛

23 يعني تہ مسيح ضرور ڏک سهندو، ۽ اهوئي پهرين مُئلن مان جي اُٿندو، تہ اُمت کي توڙي غير قومن کي سوجهري جي خبر ٻُڌائي.

24 اڃا هن انهيءَ طرح پنهنجو بچاءُ پئي ڏنو، تہ فيستس واڪو ڪري چيو، تہ اي پولس، تون ديوانو ٿي پيو آهين؛ تنهنجي گهڻي علم توکي چريو ڪري ڇڏيو آهي.

25 پر پولس چيو، تہ جناب فيستس بهادر، آئون ديوانو نہ آهيان، پر سچ ۽ عقل جون ڳالهيون ٿو ڪريان.

26 ڇالاءِ جو بادشاهہ جنهن سان صاف صاف بيٺو ڳالهايان، تنهن کي اها بہ خبر آهي، ۽ پڪ اٿم تہ انهن مان ڪابہ ڳالهہ کانئس لڪل ڪانهي؛ ڇو جو اها ڳالهہ ڪنڊ پاسي ۾ ڪانہ ٿي آهي.

27 اي اگرپا بادشاهہ، تون نبين کي مڃين ٿو؟ مون کي خبر آهي تہ تون مڃين ٿو.

28 تڏهن اگرپا پولس کي چيو، تہ تون ٿوريءَ ئي ڪوشش سان مون کي مسيحي ڪرڻ ٿو گهُرين.

29 پولس چيو، تہ شل خدا ڪري تہ ٿوريءَ سان يا گهڻيءَ سان، نہ رڳو تون، پر جيڪي ماڻهو اڄ منهنجي بيٺا ٻُڌن، سي سڀيئي اهڙا ٿين جهڙو آئون آهيان، سواءِ هنن زنجيرن جي.

30 اتي بادشاهہ اُٿي کڙو ٿيو، ۽ حاڪم ۽ برنيڪي ۽ ٻيا جيڪي ساڻن ويٺا هئا، سي بہ اُٿيا:

31 ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪيائون ۽ چيائون تہ هن ماڻهوءَ ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو موت يا قيد جي سزا مليس.

32 پوءِ اگرپا فيستس کي چيو، تہ جيڪڏهن هي ماڻهو قيصر وٽ اپيل نہ ڪري ها تہ جيڪر ڇُٽي وڃي ها.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan