Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 25 - Sindhi Bible

1 سو جڏهن فيستس انهي پرڳڻي ۾ آيو، تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ هو قيصريہ مان يروشلم ۾ ويو.

2 ۽ سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن وٽس پولس تي دانهن ڪئي؛ ۽ عرض ڪيائونس تہ

3 ڀلائي ڪري هن کي يروشلم ۾ گهُراءِ؛ ۽ پاڻ اهو وجهہ پئي ڳوليائون تہ رستي ۾ هن کي ماري کپائي ڇڏيون.

4 پر فيستس جواب ڏنو تہ پولس قيصريہ ۾ قيد آهي، ۽ آئون پاڻ جلد اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان،

5 تنهنڪري اوهان مان جيڪي معتبر آهن، سي مون سان گڏ هلن، ۽ جيڪڏهن اُنهي ماڻهوءَ ڪا خطا ڪئي هوندي تہ پوءِ ڀلي مٿس تهمت رکن.

6 ۽ هو منجهن اٺ ڏهہ ڏينهن کن ٽڪي پوءِ قيصريہ ۾ ويو، ۽ ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڪيائين تہ پولس کي وٺي اچو.

7 ۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا.

8 مگر پولس پنهنجي بچاءَ ۾ چيو، تہ مون نڪو يهودين جي شريعت جو ڪو ڏوهہ ڪيو آهي، نہ هيڪل جو، نڪي قيصر جو.

9 پر فيستس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي ورندي ڏيئي چيائين تہ يروشلم ۾ هلندين تہ اتي منهنجي اڳيان هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟

10 پر پولس چيو تہ آئون قيصر جي عدالت جي ڪرسيءَ اڳيان بيٺو آهيان، منهنجو فيصلو هتي ٿيڻ گهرجي؛ يهودين جو مون ڪوبہ قصور ڪونہ ڪيو آهي، جيئن خود توکي نيڪ روشن آهي.

11 تنهنڪري جي آئون قصوروار آهيان، ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم، تہ آئون مرڻ کان انڪار ڪونہ ٿو ڪريان: پر جن ڳالهين جو هي مون تي الزام ٿا آڻين، تن مان جي ڪابہ سچي ڪانهي، تہ پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق ڪونهي تہ مون کي سندن حوالي ڪري.

12 آئون قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان. تڏهن فيستس صلاحڪارن سان صلاح مصلحت ڪري ورندي ڏني، تہ تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، سو توکي قيصر وٽ وڃڻو پوندو.

13 هاڻي ڪن ڏينهن کانپوءِ اگرپا بادشاهہ ۽ برنيڪي قيصريہ ۾ فيستس سان ملاقات ڪرڻ آيا.

14 ۽ هو ڪيترا ڏينهن اتي ٽڪي پيا، سو فيستس پولس جي مقدمي جو احوال بادشاهہ کي ٻُڌايو، ۽ چيائين تہ هڪڙو شخص آهي جنهن کي فيلڪس قيد ۾ ڇڏي ويو آهي؛

15 جنهن تي، جڏهن آئون يروشلم ۾ هوس، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ يهودين جي بزرگن مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ عرض ڪيائون تہ سزا ڏينس.

16 پر مون کين جواب ڏنو تہ جيسين جوابدار فريادين جي روبرو نہ ٿئي، ۽ جا تهمت مٿس رکن، تنهن جي بچاءُ ڏيڻ جو وجهہ نہ مليس، تيسين کيس سزا ڏيڻ، رومين جو دستور نہ آهي.

17 سو جڏهن هو هتي اچي گڏ ٿيا، تڏهن مون دير ڪانہ ڪئي، پر ٻئي ڏينهن عدالت جي ڪرسيءَ تي ويهي حڪم ڏنم تہ انهيءَ ماڻهو کي وٺي اچو.

18 پر جڏهن سندس مدعي اٿي بيٺا، تڏهن جن ڏوهن جو مون کي گمان هو، تن مان ڪنهن جو بہ الزام مٿس ڪين آندائون.

19 پر هنن جي وچ ۾ پنهنجي مذهب بابت تڪرار هو ۽ هڪڙي شخص يسوع بابت، جو مري ويو هو، پر جنهن جي نسبت ۾ پولس ٿي چيو تہ جيئرو آهي.

20 ۽ جيئن تہ مون کي سمجهہ ۾ ڪين آيو تہ انهن ڳالهين جي دريافت ڪيئن ڪجي، سو کانئس پڇيم تہ يروشلم ۾ وڃڻ تي راضي آهين، تہ اُتي هنن ڳالهين جو فيصلو ٿئي؟

21 پر جڏهن پولس عرض ڪيو تہ منهنجي مقدمي جو فيصلو شهنشاهہ جي عدالت ۾ ٿئي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيسين آئون قيصر ڏانهن موڪليانس، تيسين بند رهي.

22 تڏهن اگرپا فيستس کي چيو تہ منهنجي پاڻ اها مرضي آهي تہ انهي ماڻهوءَ جي ڳالهہ ٻُڌان. هن چيو تہ سڀاڻي ئي تون هن جي ڳالهہ ٻُڌج.

23 سو ٻئي ڏينهن جڏهن اگرپا ۽ برنيڪي ڏاڍي دٻدٻي سان آيا، ۽ پلٽڻ جي سردارن ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن سان گڏ ديوان عام ۾ داخل ٿيا، تڏهن فيستس جي حڪم سان، پولس کي آڻي حاضر ڪيائون.

24 پوءِ فيستس چوڻ لڳو، تہ اي اگرپا بادشاهہ، ۽ اوهين سڀيئي جي هتي موجود آهيو، هن شخص کي ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق يروشلم ۾ توڙي هتي مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ههڙي ماڻهوءَ کي جيئرو ئي رهڻ نہ ڏجي.

25 پر مون کي خبر پيئي تہ هن موت جي سزا جوڳو ڪوبہ ڏوهہ ڪونہ ڪيو آهي: پر جڏهن هن پاڻ شهنشاهہ وٽ اپيل ڪئي، تڏهن ٺهراءُ ڪيم تہ کيس اوڏانهن موڪليان.

26 مگر سندس بابت مون کي ڪابہ پڪي خبر ڪانهي جا پنهنجي مالڪ ڏانهن لکي موڪليان. تنهنڪري مون هن کي اوهان جي اڳيان، خاص ڪري، اي اگرپا بادشاهہ، تنهنجي اڳيان، حاضر ڪيو آهي، تہ هن تحقيقات مان ڪا لکڻ جهڙيءَ ڳالهہ جي خبر پويم.

27 ڇالاءِ جو آئون سمجهان ٿو تہ اِها ڳالهہ غير واجبي آهي تہ قيديءَ کي روانو ڪريان، پر جيڪي تهمتون مٿس آهن، سي نہ ٻُڌايان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan