سنتن جا ڪم 23 - Sindhi Bible1 تڏهن پولس مجلس ڏانهن غور سان چتائي نهاريو ۽ چيائين، تہ اي ڀائرو، اڄ تائين مون پنهنجي عمر خدا جي حضور ۾ پوريءَ نيڪ نيتيءَ سان پئي گذاري آهي. 2 تنهن تي سردار ڪاهن حنانياہ، جيڪي سندس ڀرسان بيٺا هئا، تن کي حڪم ڏنو تہ ٻُوٿ وارو ڌڪ هڻوس. 3 تڏهن پولس هن کي چيو تہ اي چوناريل ڀِت، تو تي خدا جي مار پوندي؛ تون شريعت موجب منهنجي عدالت ڪرڻ ويٺو آهين، ۽ شريعت جي برخلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏين؟ 4 تنهن تي جيڪي ڀرسان بيٺا هئس، تن چيس تہ تون خدا جي سردار ڪاهن کي گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين؟ 5 تڏهن پولس چيو، تہ اي ڀائرو، مون کي خبر ڪانہ هئي تہ هي ڪو سردار ڪاهن آهي؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.“ 6 پر جڏهن پولس سهي ڪيو تہ هنن ۾ ڪي صدوقي آهن، ۽ ڪي فريسي، تڏهن مجلس ۾ وڏي سڏ چيائين، تہ اي ڀائرو، آئون فريسي ۽ فريسين جو اولاد آهيان؛ ۽ انهيءَ اُميد لاءِ تہ جيڪي مري ويا آهن سي وري جي اُٿندا، مون تي هي مقدمو ٿو هلي. 7 اڃا ايترو چيائين ڪين تہ فريسين ۽ صدوقين جي وچ ۾ اچي تڪرار لڳو، ۽ مجلس ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ 8 ڇالاءِ جو صدوقي چون ٿا تہ نڪا قيامت آهي، نڪي ملائڪ، نڪي روح؛ پر فريسي ٻئي ڳالهيون مڃين ٿا. 9 پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟ 10 جڏهن ڏاڍو تڪرار ٿي پيو، تڏهن پلٽڻ جي سردار کي اهو ڊپ ٿيو تہ متان پولس کي ڏاري ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين، تنهنڪري سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ وڃي گوڙ مان هن کي زوريءَ قلعي ۾ وٺي اچو. 11 جڏهن رات ٿي، تڏهن خداوند وٽس اچي بيٺو ۽ چيائينس تہ دلجاءِ ڪر، ڇالاءِ جو جيئن تو يروشلم ۾ منهنجي بابت شاهدي ڏني آهي، تيئن روما ۾ بہ توکي شاهدي ڏيڻي پوندي. 12 ۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي ۽ لعنت وجهي چيائون، تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين. 13 ۽ جن اهو منصوبو ڪيو هو، سي چاليهن کان بہ وڌيڪ هئا. 14 اُهي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ اسان قسم کنيو آهي تہ جيسين پولس کي ماري نہ وجهون، تيسين جي کڻي ڪي چکون تہ لعنت اٿئون. 15 تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس. 16 پر پولس جي ڀاڻيجي جڏهن ٻُڌو تہ هو هن جي لاءِ اڳ جهليو بيٺا آهن، تڏهن قلعي ۾ اچي پولس کي ٻَڌايائين. 17 تنهن تي پولس صوبيدارن مان هڪڙي کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ هن جوان کي پلٽڻ جي سردار وٽ وٺي وڃو، جو کيس ڪجهہ چوڻو اٿس. 18 تنهن تي اُهو هن کي وٺي پلٽڻ جي سردار وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ پولس قيديءَ مون کي سڏي عرض ڪيو تہ هن جوان کي تو وٽ وٺي اچان، جو توکي ڪجهہ ٻُڌائڻو اٿس. 19 تڏهن پلٽڻ جي سردار هٿ کان وٺي پاسي ڪري خلاصو ٿي پڇيس تہ مون کي ڇا چوڻو اٿيئي؟ 20 تنهن تي هن چيو تہ يهودين پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي تہ توکي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي مجلس ۾ وٺي اچ، ڄڻ تہ کين سندس بابت اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪرڻي آهي. 21 پر تون سندن ڳالهہ نہ مڃج؛ ڇالاءِ جو منجهانئن چاليهن کان بہ گهڻا ماڻهو لڪا ويٺا آهن، جن لعنت وجهي قسم کنيو آهي تہ جيسين هن کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين؛ ۽ هاڻ هو سنبريو ويٺا آهن ۽ رڳو تنهنجي انجام جي واٽ پيا ڏسن. 22 سو پلٽڻ جي سردار انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪل ڏني، ۽ تاڪيد ڪيائينس تہ ڪنهن کي متان چوين تہ اهي ڳالهيون تو مون کي ٻڌايون آهن. 23 پوءِ ٻن صوبيدارن کي پاڻ گهُرائي چيائين تہ ٻہ سؤ سپاهي، ۽ ستر گهوڙي سوار، ۽ ٻہ سؤ نيزي بردار تيار ڪريو تہ پهر رات گذري قيصريہ ۾ وڃن. 24 ۽ هي بہ حڪم ڏنائين تہ وهٽ موجود رکجو تہ پولس کي چاڙهي فيلڪس حاڪم وٽ صحيح سلامت وٺي وڃن. 25 ۽ هن مضمون جو خط لکيائين، تہ 26 جناب فيلڪس صاحب بهادر حاڪم کي ڪلوديس لوسياس جا سلام پهچن. 27 هن ماڻهوءَ کي يهودين پڪڙيو هو، ۽ ذري گهٽ مارڻ تي هئا، تہ آئون سپاهين سان وڃي مٿانئن پيس ۽ ڇڏايومانس، ڇالاءِ جو مون کي خبر پئجي ويئي تہ هو رومي آهي. 28 پوءِ کيس سندن صدر مجلس ۾ وٺي آيس، تہ خبر پويم تہ هو جو مٿس ڏوهہ ٿا مڙهين، سو ڇو؟ 29 ۽ خبر پيم تہ هنن پنهنجيءَ شريعت جي ئي ڳالهين جي سببان مٿس تهمت رکي آهي، مگر مٿس اهڙو ڪو الزام نہ آندو هئائون جو موت يا قيد جي سزا جوڳو هجي. 30 ۽ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ٿيڻو آهي، تڏهن هڪدم کيس تو ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مدعين کي بہ حڪم ڏنم تہ جيڪي سندس برخلاف چوڻو اٿن، سو تو وٽ اچي چَون. 31 پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن هو پولس کي راتوواهہ انتپطرس ۾ وٺي آيا. 32 پر ٻئي ڏينهن هو پاڻ قلعي ڏانهن موٽيا، ۽ گهوڙي سوارن کي اتي ڇڏيائون تہ ساڻس گڏجي وڃن. 33 ۽ جڏهن هو قيصريہ ۾ اچي پهتا ۽ حاڪم کي خط ڏنائون، تڏهن پولس کي بہ سندس اڳيان حاضر ڪيائون. 34 ۽ جڏهن هن اُهو خط پڙهيو، تڏهن پڇيائين تہ هي ڪهڙي پرڳڻي جو آهي؛ ۽ جڏهن خبر پيس تہ هو ڪليڪيہ جو آهي، 35 تڏهن چوڻ لڳو تہ جڏهن تنهنجا مدعي ايندا تہ پوءِ آئون تنهنجو مقدمو هلائيندس: ۽ حڪم ڏنائين تہ هيروديس جي درٻار واريءَ جاءِ ۾ پهري هيٺ رکوس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society