Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 22 - Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ بزرگو، جيڪو پنهنجو بچاءُ هاڻ آئون اوهان کي ڏيان ٿو، سو ٻُڌو.

2 ۽ جڏهن هنن ٻُڌو تہ عبراني ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي، تڏهن هيڪاري کڻي ماٺ ڪيائون. پوءِ هن چيو تہ،

3 آئون يهودي آهيان جو ڪليڪيہ جي ترسس شهر ۾ پيدا ٿيس؛ ۽ هن شهر ۾ گميليل جي قدمن ۾ علم حاصل ڪيم، ۽ ابن ڏاڏن جي شريعت جي پوري پوري تعليم ملي اٿم، ۽ جهڙيءَ طرح اوهين مڙيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آهيو، تهڙيءَ طرح آئون بہ هوندو هوس:

4 ۽ مون هن طريقي وارن، مردن توڙي زالن، کي ٻڌرائي ۽ قيد خانن ۾ وجهرائي ايتري قدر ستايو جو موت تائين بہ نہ ڇڏيومان.

5 جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.

6 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون سفر ڪندو دمشق کي ويجهو آيس، تڏهن ٻنپهرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو هڪڙي وڏي روشنائي آسمان مان منهنجي چوڌاري اچي چمڪڻ لڳي.

7 ۽ آئون زمين تي ڪِري پيس، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيم، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟

8 تڏهن مون جواب ڏنو، تہ اي خداوند تون ڪير آهي؟ هن مون کي چيو، تہ آئون يسوع ناصري آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو.

9 ۽ جيڪي مون سان هئا، تن اها روشنائي برابر ڏٺي، پر جنهن مون سان ڳالهايو ٿي، تنهن جو آواز ڪونہ ٻُڌو.

10 تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو.

11 ۽ جڏهن انهيءَ روشنائيءَ جي تجلي ڪري آئون ڏسي نہ سگهيس، تڏهن منهنجا سنگتي مون کي هٿ کان جهلي دمشق ۾ وٺي آيا.

12 ۽ حنانياہ نالي هڪڙو شخص، جو شريعت موجب ديندار هو، ۽ جيڪي يهودي اُتي رهندا هئا، تن ۾ معتبر هو،

13 سو مون وٽ آيو، ۽ منهنجي ڀر ۾ بيهي مون کي چوڻ لڳو تہ ادا شائول ديد وٺ. ۽ اوڏيءَ مهل منهنجيون اکيون کُليون ۽ مون کيس ڏٺو.

14 تڏهن هن چيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا توکي هن لاءِ مقرر ڪيو آهي، تہ توکي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪهڙي آهي، ۽ اُنهي سچار کي ڏسين، ۽ کيس ڳالهائيندو ٻُڌين.

15 ڇالاءِ جو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، تنهن جو سڀني ماڻهن جي اڳيان سندس شاهد ٿيندين.

16 ۽ هاڻي دير ڇو ٿو ڪرين؟ اُٿي سندس نالي دعا گهُري بپتسما وٺ تہ تنهنجا گناهہ ڌوپي پون.

17 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن آئون يروشلم ۾ آيس ۽ هيڪل ۾ دعا پئي گهُريم، تڏهن آئون بيخود ٿي ويس،

18 ۽ ڏٺم تہ هو چويم ٿو تہ سَگهو ٿيءُ، يروشلم مان جلد نڪري وڃ، جو هو منهنجي بابت تنهنجي شاهدي قبول ڪين ڪندا.

19 ۽ مون چيو تہ اي خداوند، خود هنن کي خبر آهي تہ جن تو تي ايمان آندو هو، تن کي آئون قيد ڪرائيندو هوس، ۽ هنڌ هنڌ عبادتخانن ۾ مار ڏياريندو هوس.

20 ۽ جڏهن تنهنجي شهيد استيفنس جو رت ٿي وهايائون، تڏهن آئون بہ اُتي بيٺو هوس ۽ انهيءَ ڳالهہ ۾ راضي هوس، ۽ جن کيس ماريو ٿي، تن جي ڪپڙن جي سنڀال پي ڪيم.

21 پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.

22 ايستائين هو سندس ٻُڌندا رهيا، پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ههڙي ماڻهوءَ کي زمين تان چٽ ڪري ڇڏيو، جو سندس جيئرو رهڻ ئي واجب نہ آهي.

23 ۽ جڏهن هو واڪا ڪرڻ ۽ ڪپڙا اُڇلائڻ ۽ ڌوڙ اُڏائڻ لڳا،

24 تڏهن پلٽڻ جي سردار حڪم ڏنو تہ قلعي ۾ وٺي وڃوس، ۽ چيائين تہ چهبڪ هڻي سندس زباني وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ مٿس جو اهڙا واڪا ٿا ڪن سو ڇو.

25 جڏهن چم جي وڍين سان ٻَڌي رهيس، تڏهن جو صوبيدار پاسي ۾ بيٺو هوس، تنهن کي پولس چيو تہ اهو ڪو باقاعدي ڪم ٿا ڪريو ڇا، تہ جيڪو ماڻهو رومي آهي، ۽ جنهن تي ڪو ڏوهہ ثابت ڪونہ ٿيو آهي، تنهن کي چهبڪ ٿا هڻو؟

26 جڏهن صوبيدار اهو ٻُڌو، تڏهن پنهنجي سردار وٽ ويو ۽ چيائينس تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ هي ماڻهو تہ رومي آهي.

27 تڏهن پلٽڻ جي سردار چيس تہ مون کي ٻُڌاءِ تہ تون رومي آهين ڇا؟ هن چيو تہ هائو.

28 تنهن تي پلٽڻ جي سردار ورندي ڏني تہ مون وڏي رقم ڏيئي روم جي شهريءَ جا حق حاصل ڪيا. پوءِ پولس چيو تہ آئون ڄائي ڄم کان رومي آهيان.

29 پوءِ جيڪي هن جي زباني وٺڻ تي هئا، سي هڪدم هن کي ڇڏي هليا ويا؛ ۽ پلٽڻ جي سردار کي بہ جڏهن خبر پيئي تہ هو رومي آهي، تڏهن ڊڄي ويو جو هن کي ٻَڌايو هئائين.

30 پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan