سنتن جا ڪم 21 - Sindhi Bible1 نيٺ جڏهن کانئن ڌار ٿياسين، ۽ جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، تڏهن سنئون رستو وٺي قوس ۾ آياسين، ۽ ٻئي ڏينهن روڊس ۾ پهتاسين، ۽ اُتان وري پطرا ۾ آياسين. 2 ۽ هڪڙو جهاز جو فينيڪيءَ ڏانهن سڌو وڃڻو هو سو مليوسين، تنهن تي چڙهي روانا ٿياسين. 3 ۽ جڏهن ڪپرس ڏسڻ ۾ آيو، تڏهن اُنهي کي کٻي پاسي ڇڏي اسين شام ڏانهن هلياسين، ۽ صور ۾ وڃي لٿاسين: جو اُتي جهاز کي پنهنجو مال لاهڻو هو. 4 اُتي جڏهن شاگردن کي ڳولي لڌوسين، تڏهن ست ڏينهن اُتي ٽڪي پياسين، ۽ هنن روح جي هدايت سان پولس کي چيو تہ يروشلم ۾ نہ وڃ. 5 ۽ جڏهن هيئن ٿيو جو اُهي ڏينهن ڀرجي آيا، تڏهن اُتان روانا ٿياسين، ۽ هو سڀيئي پنهنجين زالن ۽ ٻارن سميت اسان سان گڏ هليا آيا، جيستائين ڪ شهر کان نڪري ٻاهر ٿياسين: پوءِ سمنڊ جي ڪناري تي گوڏا کوڙي دعا گهُريسون. 6 پوءِ هڪ ٻئي کان موڪلائي، اسين جهاز تي چڙهياسين، ۽ هو موٽي گهر هليا ويا. 7 ۽ اسين صور کان جهاز جو سفر پورو ڪري پطليمس ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ ڀائرن سان خوش خير عافيت ڪئي سين، ۽ هڪڙو ڏينهن وٽن رهياسين. 8 ٻئي ڏينهن روانا ٿي ڪري قيصريہ ۾ آياسين، ۽ فلپس مبشر جو انهن ستن مان هو، تنهن جي گهر وڃي ساڻس گڏ رهڻ لڳاسين. 9 هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي چار ڪنواريون ڌيئرون هيون، جي نبوت ڪنديون هيون. 10 ۽ جڏهن اسين اُتي گهڻا ڏينهن ٽڪي پياسين، تڏهن يهوديہ مان اگبس نالي هڪڙو نبي اچي نڪتو، 11 ۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا. 12 جڏهن اسان اهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن اسان، توڙي اتي جي رهاڪن پولس کي منٿ ڪئي تہ يروشلم ڏانهن نہ وڃ. 13 تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ. 14 ۽ جڏهن هن نہ مڃيو، تڏهن اسان هيترو چئي کڻي بس ڪئي، تہ جيڪا خداوند جي مرضي هجي، سا پوري ٿئي. 15 انهن ڏينهن کانپوءِ اسين پنهنجو سامان سڙو کڻي يروشلم ڏانهن وياسين. 16 ۽ قيصريہ جي شاگردن مان بہ ڪي اسان سان گڏجي هليا، ۽ هنن ڪپرس جي هڪڙي رهاڪو مناسون کي بہ ساڻ کنيو، جو جهونو شاگرد هو، ۽ جنهن وٽ اسان کي ٽڪڻو هو. 17 ۽ جڏهن اسين يروشلم ۾ پهتاسين، تڏهن ڀائرن خوشيءَ سان اسان جو استقبال ڪيو. 18 ۽ ٻئي ڏينهن پولس اسان سان گڏجي يعقوب وٽ هليو ۽ سڀ بزرگ بہ اُتي ويٺا هئا. 19 ۽ جڏهن هو اُنهن کي سلام ڪري رهيو، تڏهن جيڪي خدا سندس خدمت جي وسيلي غير قومن ۾ ڪيو هو، سو ترتيب وار ٻُڌايائين. 20 ۽ جڏهن انهن اهو ٻُڌو، تڏهن خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چيائونس، تہ ادا، توکي خبر آهي تہ يهودين منجهان ڪيترائي هزار آهن جن ايمان آندو آهي؛ ۽ اهي سڀ شريعت بابت ڏاڍا جوشيلا آهن: 21 ۽ تنهنجي نالي ٻُڌو اٿن تہ غير قومن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي تون سيکارين ٿو تہ موسيٰ کي ڇڏي ڏين، ۽ چئين ٿو تہ نڪي پنهنجن ٻارن جو ختنو ڪرايو، نڪي رسمن تي هلو. 22 تڏهن هاڻي ڇا ڪجي؟ هنن کي ضرور خبر پوندي تہ تون آيو آهين. 23 تنهنڪري جيئن اسين توکي چئون ٿا تيئن ڪر: اسان وٽ چار ماڻهو آهن، جن منت مڃي آهي؛ 24 اُنهن کي وٺي وڃ، ۽ پاڻ کي وڃي هنن سان گڏ پاڪ ڪر، ۽ هنن جو اُجورو ڏي تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. پوءِ سڀني کي سُڌ پوندي تہ جيڪي ڳالهيون تنهنجي نسبت ٻُڌيون اٿن، سي سچيون ناهن؛ بلڪ تون پاڻ بہ شريعت تي عمل ڪرين ٿو ۽ پوريءَ طرح هلين ٿو. 25 پر غير قومن منجهان جن ايمان آندو آهي، تن جي نسبت ۾ اسان فيصلو ڪري لکيو هو، تہ هنن کي گهُرجي تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيل آهن تن کان، ۽ رت کان، ۽ جن جانورن کي گهُٽي ماريو اٿن تن کان، ۽ زنا کان پاسو ڪن. 26 تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي. 27 ۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس، 28 ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس. 29 ڇالاءِ جو هنن افسس واري تروفمس کي ساڻس گڏ شهر ۾ ڏٺو هو، ۽ ڀانيائون تہ پولس انهي کي هيڪل ۾ وٺي آيو آهي. 30 تڏهن ساري شهر ۾ گوڙ مچي ويو، ۽ ماڻهو ڊوڙي اچي گڏ ٿيا، ۽ پولس کي پڪڙي هيڪل مان گهلي ٻاهر ڪڍي آيا: ۽ هڪدم در بند ٿي ويا. 31 ۽ هو کيس ماري وجهڻ جي سعيي ۾ هئا، تہ پلٽڻ جي سردار کي خبر وڃي پهتي تہ ساري يروشلم ۾ وڳوڙ پئجي ويو آهي. 32 سو هڪدم سپاهي ۽ صوبيدار وٺي ڊوڙندو وٽن آيو، ۽ جڏهن هنن پلٽڻ جي سردار ۽ سپاهين کي ڏٺو، تڏهن پولس کي مارڻ کان بس ڪيائون. 33 پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟ 34 ۽ گوڙ مان واڪا ڪري ڪن هڪڙي ڳالهہ پئي ڪئي، ۽ ڪن ٻي ڳالهہ، ۽ ايترو هُل هو جو خبر ڪانہ ٿي پيئي تہ حقيقت ڇا آهي. تڏهن حڪم ڏنائين تہ هن کي قلعي ۾ وٺي اچو. 35 جڏهن پولس ڏاڪڻ وٽ آيو، تڏهن هيئن ٿيو جو ايترا ماڻهو ڪاهي اچي مٿانئس پيا جو سپاهين کي کيس کڻڻو پيو؛ 36 ڇالاءِ جو ماڻهن جو گوڙ پٺيان واڪا ڪندي پئي آيو، تہ ”ماري وجهوس.“ 37 جڏهن پولس کي قلعي منجهہ وٺي وڃڻ تي هئا، تڏهن هن پلٽڻ جي سردار کي چيو تہ مون کي موڪل آهي تہ توکي ڪجهہ چوان؟ تنهن تي هن چيس تہ توکي يوناني ٻولي اچي ٿي ڇا؟ 38 تون اُهو مصري نہ آهين ڇا، جو ڪي ڏينهن ٿيا تہ فساد مچائي چار هزار خوني وٺي جهنگ ۾ ويو هئين؟ 39 پر پولس چيو تہ آئون يهودي آهيان، ترسس جو ويٺل آهيان جو ڪليڪيہ جو هڪڙو مشهور شهر آهي؛ منهنجو عرض آهي تہ مون کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جي موڪل ڏي. 40 جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ، |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society