سنتن جا ڪم 20 - Sindhi Bible1 جڏهن هل بس ٿيو، تڏهن پولس شاگردن کي سڏي انهن کي نصيحت ڪئي، پوءِ کانئن موڪلائي مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانو ٿيو. 2 ۽ جڏهن اهي پاسا گهُمي رهيو، ۽ گهڻيئي نصيحتون ڪري رهيو، تڏهن يونان ۾ آيو. 3 ۽ ٽي مهينا اُتي رهي، جڏهن جهاز جي رستي شام ڏانهن وڃڻ تي هو، تڏهن يهودين سندس برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ڪيو: تنهنڪري هن ارادو ڪيو تہ مڪدونيہ مان ٿي موٽي وڃان. 4 ۽ بريہ واري پورس جي پٽ سوپترس، ۽ ٿسلونيڪي وارن مان ارسترخس، ۽ سڪندس، ۽ دربي وارو گيوس، ۽ تيمٿيس، ۽ آسيہ مان تخڪس ۽ تروفيمس، اهي ساڻس گڏ آسيہ تائين ويا. 5 پر اهي اڳيئي وڃي تروآس ۾ اسان جي لاءِ ترسي ويٺا. 6 ۽ فطيري مانيءَ وارن ڏينهن کانپوءِ، اسين فلپيءَ مان جهاز تي چڙهي روانا ٿياسين، ۽ پنجن ڏينهن ۾ تروآس ۾ اچي وٽن پهتاسين؛ ۽ اتي ست ڏينهن ٽڪي پياسين. 7 ۽ هفتي جي پهرئين ڏينهن جڏهن اسين ماني ڀڃڻ لاءِ گڏ ٿياسين، تڏهن پولس ٻئي ڏينهن اُتان نڪرڻ جي ارادي سان، ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ لڳو، ۽ آڌيءَ رات تائين تقرير ڪندو رهيو. 8 ۽ جنهن ماڙيءَ تي اسين گڏ ٿيا هئاسين، اتي گهڻائي ڏيئا پي ٻريا. 9 ۽ دريءَ تي هڪڙو جوان يوتخس نالي ويٺو هو، جنهن کي ڏاڍي گهري ننڊ کڻي ويئي، ۽ جيئن پولس اڃا بہ وڌيڪ وقت تقرير ڪندو رهيو، تيئن هو ننڊ جي خمار ۾ ٽماڙ تان هيٺ ڪِري پيو، جو مُئل اچي کنيائونس. 10 ۽ پولس هيٺ لهي وڃي مٿانئس ليٽي پيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳو تہ گوڙ نہ ڪريو؛ جو اڃا منجهس ساهہ آهي. 11 ۽ جڏهن هو مٿي ويو، تڏهن ماني ڀڳائين، ۽ کائڻ ويٺو، ۽ گهڻي وقت تائين هنن سان ويٺي ڳالهايائين، تان جو اچي پرهہ ڦٽي؛ پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو. 12 ۽ هو انهي ڇوڪري کي جيئرو وٺي آيا ۽ ڏاڍي دلجاءِ ٿين. 13 پر اسين اڳيئي وڃي جهاز تي چڙهي اسس ڏانهن روانا ٿياسين، انهي مراد سان تہ اُتي پولس کي بہ چاڙهينداسين: جو ائين ٺهراءُ ڪيو هئائين تہ پاڻ پيرين پنڌ اُتي ايندو. 14 ۽ جڏهن هو اسس ۾ اسان کي گڏيو، تڏهن کيس چاڙهي اسين متوليني ۾ آياسين. 15 ۽ اتان جهاز هاڪاري ٻئي ڏينهن خيوس جي سامهون آياسين؛ ۽ ورندي ٻئي ڏينهن سامس وٽ پهتاسين؛ ۽ انهي جي ٻئي ڏينهن وري مليتس ۾ آياسين، 16 ڇالاءِ جو پولس ارادو ڪيو هو تہ افسس وٽان ٿيندو وڃي، متان آسيہ ۾ دير لڳيس؛ ۽ اها تڪڙ هن ڪري ٿي ڪيائين تہ جي ٿي سگهيس تہ پنتيڪوست جو ڏينهن وڃي يروشلم ۾ گذاري. 17 ۽ مليتس مان افسس ڏانهن ماڻهو موڪلي ڪليسيا جي بزرگن کي پاڻ وٽ گهرايائين. 18 ۽ جڏهن اهي وٽس آيا، تڏهن چيائين، تہ اوهان کي خبر آهي تہ پهرئين ڏينهن جڏهن مون آسيہ ۾ پير پاتو، تنهن ڏينهن کان وٺي ڪهڙيءَ طرح سارو وقت اوهان سان گذاريو اٿم. 19 ۽ دل جي ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان، ڳوڙها ڳاڙي، ۽ جيڪي آزمائشون يهودين جي منصوبن ڪري مون تي پئي آيون تن هوندي بہ، خداوند جي خدمت پئي ڪئي اٿم: 20 ۽ ڪهڙيءَ طرح جيڪي ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون، سي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس، ۽ اوهان کي جماعت ۾ توڙي گهر گهر تعليم ڏيندو رهيس. 21 ۽ يهودين توڙي يونانين وٽ اها شاهدي پئي ڏني اٿم، تہ خدا جي حضور ۾ توبهہ ڪريو، ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح تي ايمان آڻيو. 22 هاڻي ڏسو، آئون روح جي هدايت سان يروشلم ڏانهن ٿو وڃان، ۽ اهو سماءُ نہ اٿم تہ اتي مون سان ڇا ڇا ٿيندو: 23 رڳو ايترو، تہ پاڪ روح سڀ ڪنهن شهر ۾ شاهدي ڏيئي مون کي ٻُڌائي ٿو، تہ بند ۽ مصيبتون منهنجي لاءِ تيار رکيون آهن. 24 پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان. 25 هاڻي ڏسو، مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ، جن ۾ آئون بادشاهت جي منادي ڪندو گهُمندو هوس، وري منهنجو منهن ڪين ڏسندا. 26 تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهان جي اڳيان شاهدي ڀري ٿو چوان تہ آئون سڀني ماڻهن جي خون کان پاڪ آهيان. 27 ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس. 28 اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي. 29 مون کي خبر آهي تہ منهنجي وڃڻ کانپوءِ ڏاريندڙ بگهڙ اوهان ۾ اچي پوندا، ۽ ڌڻ تي ڪوبہ قياس ڪونہ ڪندا؛ 30 ۽ خود اوهان منجهان ئي اهڙا ماڻهو نڪرندا، جي شاگردن کي پنهنجي پاسي آڻڻ لاءِ اُبتيون اُبتيون ڳالهيون ڪندا. 31 تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ۽ ياد رکجو، تہ ٽي ورهيہ برابر مون رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر ڪنهن کي سمجهائڻ کان بس نہ ڪئي. 32 ۽ هاڻي آئون اوهان کي خدا ۽ سندس فضل واري ڪلام جي سپرد ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اوهان کي قائم ڪري، ۽ جي پاڪ ٿيل آهن، تن سڀني سان گڏ ورثو ڏئي. 33 مون ڪنهن جي بہ چاندي ۽ سون يا ڪپڙي جي لالچ نہ ڪئي. 34 خود اوهان کي خبر آهي تہ هنن هٿن منهنجون ۽ منهنجي سنگتين جون گهُرجون پئي پليون. 35 سڀني ڳالهين بابت مون اوهان کي نمونو ڏيئي ڏيکاريو تہ ڪهڙيءَ طرح محنت ڪري، جيڪي ضعيف آهن تن جي مدد ڪرڻ گهُرجي ۽ خداوند يسوع جو ڪلام ياد رکڻ گهُرجي، جنهن پاڻ چيو، تہ ”وٺڻ کان ڏيڻ مبارڪ آهي.“ 36 جڏهن هو ايترو چئي رهيو، تڏهن گوڏا کوڙي هنن سڀني سان گڏ دعا گهُريائين. 37 ۽ هنن سڀني زار زار رُنو ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چُميائونس، 38 ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏک انهي ڪري ٿِيُنِ جو هن چيو هو تہ اوهين منهنجو منهن وري ڪين ڏسندا. پوءِ هن کي جهاز تائين اُماڻي آيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society