Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 2 - Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن پنتيڪوست (يا پنجاهون) ڏينهن آيو، تڏهن سڀ هڪڙي هنڌ اچي گڏ ٿيا.

2 ۽ اوچتو ئي آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جو سخت طوفان جي گهوگهٽ جهڙو هو، ۽ جنهن جاءِ ۾ هو ويٺا هئا، سا سڄي انهي سان ڀرجي ويئي.

3 ۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي.

4 ۽ اهي سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا، جيئن ڪ روح سندن هدايت ڪئي.

5 هاڻي ساري زمين تي جيڪي قومون آهن، تن مان ديندار يهودي يروشلم ۾ رهندا هئا.

6 سو جڏهن اهو گوڙ ٻُڌڻ ۾ آيو، تڏهن خلق اچي گڏ ٿي ۽ حيران ٿي ويئي، ڇالاءِ جو سڀني ماڻهن هنن کي پنهنجي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو ٻُڌو.

7 ۽ سڀيئي حيرت ۾ پئي تعجب ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ ڏسو، هي جيڪي ڳالهائين ٿا سي گليلي نہ آهن ڇا؟

8 پوءِ ڪيئن اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻُڌي؟

9 جيتوڻيڪ اسين پارٿي، ۽ ميدي ۽ عيلامي ۽ ميسپتاميا ۽ يهوديہ ۽ ڪپدڪيا ۽ پنطس ۽ آسيا

10 ۽ فروگيا ۽ پمفوليہ ۽ مصر ۽ لبيا جي علائقي جا رهندڙ آهيون جو ڪرينيءَ جي طرف آهي، ۽ رومي مسافر خواہ يهودي خواہ سندن نومريد، ۽ ڪريتي ۽ عرب آهيون؛

11 اسين انهن کي پنهنجين ٻولين ۾ خدا جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندو ٿا ٻُڌون.

12 ۽ هو سڀ عجب ۾ پئجي، هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا، تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟

13 پر ٻين وري ٺٺولي ڪري چيو تہ هي تازي شراب جي نشي ۾ آهن.

14 پر پطرس انهن يارهن سان گڏ بيهي، وڏي سڏ ڳالهائي چوڻ لڳو، تہ اي يهودي ۽ ٻيا اوهين سڀ جي يروشلم جا رهاڪو آهيو، جيڪي آئون چوان ٿو سو ڪَن ڏيئي ٻُڌو؛

15 تہ جيئن اوهين ڀانئيو ٿا تيئن هي نشئي نہ آهن؛ جو اڃا ڏينهن جو پهريون پهر مس ٿيو آهي؛

16 پر هيءَ اها ڳالهہ آهي، جا يوئيل نبي اڳيئي چئي ويو آهي؛

17 تہ ”خدا ٿو فرمائي تہ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، جو آئون پنهنجو روح انسان ذات تي نازل ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، ۽ اوهان جا جوان رويا ڏسندا، ۽ اوهان جا پير مرد خواب ڏسندا:

18 بلڪ اُنهن ڏينهن ۾ آئون پنهنجن ٻانهن ۽ پنهنجين ٻانهين تي پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ اُهي بہ نبوت ڪندا.

19 ۽ آئون مٿي آسمان ۾ عجائب غرائب، ۽ هيٺ زمين تي نشان ڏيکاريندس، جيئن تہ رت، باهہ ۽ دونهين جو غبار:

20 ۽ خداوند جو ڏينهن يعني اُهو عظيم ۽ مشهور ڏينهن اچي، تنهن کان اڳيئي سج اونداهو ٿيندو، ۽ چنڊ رت ٿي پوندو.

21 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو خدا جو نالو وٺندو، تنهن کي نجات ملندي.“

22 اي اسرائيليو، هي ڳالهيون ٻُڌو؛ يسوع ناصري هڪڙو شخص هو، ۽ جيڪي ڪرامتون ۽ نشانيون خدا سندس هٿان ڪيون، جن جي خود اوهان کي خبر آهي، تن مان ثابت ٿيو تہ هو خدا وٽان آيو آهي.

23 ۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:

24 پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.

25 هن ڪري جو دائود هن بابت چيو آهي تہ ”آئون خداوند کي هميشہ پنهنجي روبرو پيو ڏسندو هوس؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تہ متان مون کي لوڏو اچي:

26 تنهنڪري منهنجي دل سرهي ۽ منهنجي زبان خوش ٿي؛ بلڪ منهنجو جسم بہ اُميد ۾ رهندو:

27 ڇالاءِ جو تون منهنجي جان کي عالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين، نڪي پنهنجي مقدس کي سڙڻ ڏيندين.

28 تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون؛ تون مون کي پنهنجو ديدار ڏيکاري خوشيءَ سان مسرور ڪندين.“

29 اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي.

30 هو نبي هو، ۽ خبر هيس تہ خدا مون سان انهيءَ ڳالهہ جو قسم کڻي چيو آهي تہ آئون تنهنجي نسل مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس؛

31 سو اها پيش بيني ڪري هن مسيح جي وري جي اُٿڻ جي ڳالهہ ڪئي، تہ نڪي هو عالم ارواح ۾ ڇڏيو ويندو، نڪي سندس جسم سڙي ويندو.

32 اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.

33 هن کي خدا پنهنجي ساڄي هٿ تي سرفراز ڪيو، ۽ جيئن پيءُ اڳيئي واعدو ڪيو هوس، تيئن کيس پاڪ روح مليو، جو هن نازل ڪيو آهي، تنهنڪري هي اوهين ڏسو ۽ ٻُڌو ٿا.

34 ڇالاءِ جو دائود آسمان تي چڙهي ڪين ويو، پر هو پاڻ چوي ٿو تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،

35 جيسين ڪ آئون تنهنجن دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي ڪريان.“

36 تنهنڪري اسرائيل جو سارو گهراڻو اهو يقين ڪري، تہ خدا انهي يسوع کي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو، خداوند ۽ مسيح بہ ڪيو آهي.

37 هاڻي جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن اها سندن دلين ۾ چُڀي ويئي، ۽ پطرس ۽ ٻين رسولن کي چوڻ لڳا تہ اي ڀائرو، هاڻ اسين ڇا ڪريون؟

38 تڏهن پطرس چين تہ اوهين توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجن گناهن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي بپتسما وٺي، تہ پوءِ اوهان کي پاڪ روح جي بخشش ملندي.

39 ڇو جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن جي لاءِ، ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جي پري آهن، جن کي خداوند اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.

40 ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون ڪري، هنن جي دل تي ڄمائي کين سمجهايائين، تہ اوهين پاڻ کي هن ڏنگيءَ قوم کان بچايو.

41 تنهن تي جن هن جي ڳالهہ مڃي، تن کي بپتسما ملي: ۽ انهي ڏينهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اچي ساڻن شامل ٿيا.

42 ۽ اهي رسولن جي تعليم ۽ شراڪت ۾، ۽ ماني ڀڃڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول رهندا هئا.

43 پوءِ هر ڪنهن کي ڊپ ٿيڻ لڳو: ۽ رسول گهڻائي عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڪندا هئا.

44 ۽ جن ايمان آندو، سي سڀ گڏ گذاريندا هئا، ۽ سڀني شين ۾ شريڪ ٿي رهندا هئا؛

45 ۽ هو پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي جيڪي ملندو هون، سو پاڻ ۾ هر ڪنهن کي سندس گهُرج آهر ورهائي ڏيندا هئا.

46 ۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،

47 ۽ خدا جي تعريف ڪندا هئا؛ ۽ سڀني ماڻهن وٽ عزت هُين، ۽ جن کي نجات ٿي ملي، تن کي خداوند روزبروز آڻي ساڻن شامل ڪندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan