Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 18 - Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ پولس اٿينيءَ مان روانو ٿيو ۽ ڪرنٿيس ۾ آيو.

2 اُتي هن کي اڪولہ نالي هڪڙو يهودي مليو، جنهن جو وطن پنطس هو، ۽ پنهنجي زال پرسڪلہ سان گڏ تازو اطاليہ مان آيو هو؛ ڇالاءِ جو ڪلوديس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم مان نڪري وڃن: ۽ هو انهن وٽ آيو.

3 ۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا.

4 ۽ هو هر ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخاني ۾ وڃي بحث ڪندو هو، ۽ يهودين توڙي يونانين کي مڃائيندو هو.

5 هاڻي جڏهن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيہ مان آيا، تڏهن پولس ڪلام ٻُڌائڻ ۾ ڏاڍو مشغول هو، ۽ يهودين کي انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي پئي چيائين تہ يسوع ئي مسيح آهي.

6 ۽ جڏهن اُهي سندس سامهون ٿيڻ ۽ ڪفر بڪڻ لڳا، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊي کين چيو، تہ اوهان جو خون اوهان ئي جي سر تي هجي؛ آئون ڇُٽل آهيان. اڄ کانپوءِ آئون غير قومن ڏانهن ويندس.

7 پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو.

8 ۽ عبادتخاني جي سردار ڪرسپس، توڙي سندس خاندان، خدا تي ايمان آندو؛ ۽ ڪيترن ئي ڪرنٿين بہ پولس جي ڳالهہ ٻُڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.

9 ۽ خداوند رات جو رويا ۾ پولس کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي ٻُڌائڻ کان بس ڪر؛

10 ڇالاءِ جو آئون تو سان آهيان، ۽ ڪوبہ ماڻهو تو تي حملو ڪري توکي ايذاءُ ڪين رسائيندو؛ ڇالاءِ جو هن شهر ۾ منهنجا گهڻيئي ماڻهو آهن.

11 تنهنڪري هو ڏيڍ ورهيہ اُتي رهي پيو، ۽ هنن کي خدا جو ڪلام سيکاريندو رهيو.

12 پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛

13 ۽ چوڻ لڳا تہ هي شخص ماڻهن کي شريعت جي برخلاف خدا جي عبادت ڪرڻ ٿو سيکاري.

14 پر جڏهن پولس ڳالهائڻ تي هو، تڏهن گليو يهودين کي چيو، تہ اي يهودي قوم، جيڪڏهن اها ڪا ظلم زبردستي يا وڏي برائيءَ جي ڳالهہ هجي ها، تہ پوءِ واجبي آهي تہ آئون صبر ڪري اوهان جي ٻُڌان:

15 پر جيڪڏهن اهي اهڙا سوال آهن، جن جو واسطو لفظن ۽ نالن ۽ خاص اوهان جي شريعت سان آهي، تہ پوءِ اوهين ڄاڻو، اوهان جو ڪم ڄاڻي، منهنجي مرضي نہ آهي تہ آئون انهن ڳالهين جو منصف ٿيان.

16 ائين چئي هنن کي عدالت مان هڪالي ڪڍيائين.

17 پوءِ هنن سڀني عبادتخاني جي سردار سوسٿنيس کي پڪڙي عدالت جي اڳيان مارڪٽ ڪئي. ۽ گليو کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.

18 هاڻي پولس ٻيا بہ گهڻا ڏينهن اُتي رهيو، پوءِ ڀائرن کان موڪلائي جهاز تي چڙهي شام ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ساڻس گڏ پرسڪلہ ۽ اڪولہ بہ هئا. ۽ جيئن تہ هن منت مڃي هئي تيئن ڪنخريہ ۾ پنهنجو مٿو بہ ڪُوڙايائين.

19 پوءِ هو افسس ۾ اچي پهتا؛ ۽ کين اتي ڇڏي، عبادتخاني ۾ وڃي يهودين سان بحث ڪرڻ لڳو.

20 ۽ جڏهن چيائونس تہ اڃا بہ ڪجهہ وقت ٽڪي پئو، تڏهن هن نہ مڃيو؛

21 پر کانئن هيئن چئي موڪلايائين تہ جي خدا گهُريو تہ آئون وري اوهان وٽ موٽي ايندس. پوءِ افسس مان جهاز تي چڙهي روانو ٿيو.

22 ۽ جڏهن قيصريہ ۾ اچي لٿو، تڏهن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيائين، ۽ پوءِ انتاڪيہ ڏانهن ويو.

23 ڪجهہ وقت اتي گذاري اُتان نڪتو، ۽ هڪ ٻئي پٺيان گلتيہ ۽ فروگيہ جي ملڪن مان لنگهندو سڀني شاگردن کي مضبوط ڪندو ويو.

24 هاڻي اپلوس نالي هڪڙو يهودي جو سڪندريہ جو رهاڪو هو، سو افسس ۾ آيو؛ هو عالم شخص ۽ پاڪ ڪتابن ۾ ڏاڍو قابل هو.

25 هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.

26 هو همت جهلي عبادتخاني ۾ ڳالهائڻ لڳو؛ پر جڏهن پرسڪلہ ۽ اڪولہ هن جي تقرير ٻُڌي، تڏهن هن کي پاڻ وٽ وٺي آيا، ۽ خدا جي واٽ جي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏنائونس.

27 ۽ جڏهن مرضي ٿيس تہ پار لنگهي اخيہ ۾ وڃان، تڏهن ڀائرن هن کي همتايو، ۽ شاگردن ڏانهن لکيائون تہ قبول ڪجوس. ۽ جڏهن هو اتي اچي پهتو، تڏهن جن فضل جي ڪري ايمان آندو هو، تن جي گهڻي مدد ڪيائين:

28 ڇالاءِ جو هو پاڪ ڪتابن مان خوب ثابت ڪري ڏيکاريندو هو تہ يسوع ئي مسيح آهي، ۽ کُليو کُلايو يهودين کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan