سنتن جا ڪم 17 - Sindhi Bible1 هاڻي هو امفپلس ۽ اپلونيہ مان لنگهي ٿسلونيڪيءَ ۾ آيا، جتي يهودين جو عبادتخانو هو: 2 ۽ پولس پنهنجي دستور موجب انهن وٽ ويو، ۽ ٽن هفتن تائين هر سبت جي ڏينهن پاڪ ڪتاب مان ساڻن بحث ڪيائين، 3 ۽ کولي کولي دليل ڏيئي چيائين، تہ اِهو ضرور هو تہ مسيح ڏک سهي، ۽ مُئلن مان جيئرو ٿي اُٿي؛ ۽ هي يسوع، جنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان، سو ئي مسيح آهي. 4 ۽ منجهانئن ڪن مڃيو، ۽ پولس ۽ سيلاس سان اچي گڏيا؛ ۽ گهڻا ئي ديندار يوناني ۽ ڪيتريون ئي شريف زالون بہ ساڻن گڏ شامل ٿيون. 5 پر يهودين حسد جي ڪري ڪي بازاري بدمعاش پاڻ سان وٺي گڏ ڪري شهر ۾ آڻي گڙٻڙ مچائي؛ ۽ ياسون جي گهر تي ڪاهي آيا، تہ انهن کي خلق جي اڳيان وٺي اچن. 6 ۽ جڏهن اُهي نہ ملين، تڏهن ياسون، ۽ ڪن ڀائرن کي گهلي، شهر جي حاڪمن وٽ وٺي آيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو، جن جهان ۾ گڙٻڙ مچائي ڇڏي آهي، سي هتي بہ آيا آهن؛ 7 ۽ اُنهن کي ياسون پاڻ وٽ ٽڪايو آهي: ۽ اِهي سڀ قيصر جي حڪمن جي برخلاف ٿا هلن، جو چون ٿا تہ بادشاهہ ڪو ٻيو آهي، يعني يسوع. 8 جڏهن ماڻهن ۽ حاڪمن اِهي ڳالهيون ٻُڌيون، تڏهن مُنجهي پيا. 9 پوءِ ياسون ۽ اُنهن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنائون. 10 ۽ ڀائرن هڪدم راتوواهہ پولس ۽ سيلاس کي بيريہ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو: ۽ جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا. 11 هاڻي هي ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کان وڌيڪ چڱا ماڻهو هئا، جو هنن وڏي شوق سان ڪلام قبول ڪيو، ۽ روز بروز پاڪ ڪتاب پڙهي ڏسندا هئا تہ اِهي ڳالهيون برابر ائين آهن يا نہ. 12 تنهنڪري اُنهن مان گهڻن ايمان آندو؛ ۽ يونانين مان بہ گهڻين ئي عزت وارين زالن توڙي مردن ايمان آندو. 13 پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون. 14 تنهن تي ڀائرن پولس کي هڪدم روانو ڪري ڇڏيو تہ سمنڊ تائين نڪري وڃي؛ پر سيلاس ۽ تيمٿيس اُتي ئي رهي پيا. 15 پر جيڪي پولس کي اُماڻڻ ويا هئا، سي کيس اٿينيءَ تائين وٺي آيا، ۽ اُتان سيلاس ۽ تيمٿيس لاءِ اهو حڪم وٺي روانا ٿيا، تہ جلدي مون وٽ هليا اچو. 16 هاڻي جڏهن پولس هنن جي لاءِ اٿينيءَ ۾ ترسيو پيو هو، تڏهن ڏٺائين تہ سڄو شهر بُتن سان ڀريو پيو آهي، ۽ سندس روح رنجيدو ٿي ويو. 17 تنهنڪري هو عبادتخاني ۾، يهودين ۽ ديندار ماڻهن سان، ۽ بازار ۾ جيڪي گڏبا هئس تن سان، هر روز بحث ڪندو هو. 18 ۽ ڪي اپڪوري ۽ ستوئيڪي فيلسوف بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ هي ڪو ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڀانئجي؛ ڇالاءِ جو هن يسوع ۽ قيامت جي منادي پئي ڪئي. 19 پوءِ هو انهي کي اريوپگس نالي هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ هيءَ نئين تعليم جا تون ڏين ٿو سا ڪهڙي آهي؟ 20 ڇوتہ تون ڪي اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين، جي اسان کي عجب جهڙيون پيون لڳن: سو مرضي اٿئون تہ ٻُڌون تہ انهن جو مطلب ڇا آهي. 21 (هاڻي اٿينيءَ جا سڀ رهاڪو، ۽ ٻيا پرديسي ماڻهو جي اتي رهندا هئا، سي فرصت جي وقت ٻي ڪا ڪرت ڪانہ ڪندا هئا، پر رڳو نيون نيون ڳالهيون ٻُڌندا ۽ ٻُڌائيندا هئا). 22 تڏهن پولس، اريوپگس جي وچ ۾ بيهي چوڻ لڳو، تہ اي اٿينيءَ جا رهاڪو، آئون ڏسان ٿو تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ مذهبي دلچسپي ٿا رکو. 23 ڇالاءِ جو مون گهُمندي گهُمندي اوهان جي عبادت جي شين تي غور ڪيو، تہ هڪڙي قربانگاهہ ڏٺيم جنهن تي لکيل هو، ”نامعلوم خدا جي لاءِ.“ سو جنهن جي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کانسواءِ اوهين عبادت ٿا ڪريو، تنهن جي آئون اوهان کي خبر ٿو ڏيان. 24 جنهن خدا دنيا ۽ جيڪي شيون منجهس آهن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آهن، سو آسمان ۽ زمين جو خدا ٿي ڪري، هٿن جي جوڙيلن مندرن ۾ نٿو رهي؛ 25 نڪي ڪنهن شيءِ جو محتاج آهي، جو ماڻهن جي هٿان خدمت گهُري، ڇوتہ هو پاڻ سڀني کي زندگي ۽ ساهہ ۽ سڀ ڪجهہ ٿو ڏئي؛ 26 ۽ هن هڪڙي ئي اصل مان ماڻهن جون سڀ قومون روءِ زمين تي رهڻ لاءِ پيدا ڪيون، ۽ سندن لاءِ ٺهرايل وقت ۽ رهڻ جون حدون مقرر ڪري ڇڏيائين؛ 27 تہ هو اُميد رکي خدا جي ڳولا ڪن، ۽ من هن ڏانهن ڦري هن کي ڳولي لهن؛ جيتوڻيڪ هو اسان مان ڪنهن کان بہ پري نہ آهي: 28 ڇو جو منجهس ئي اسين جيئون ۽ هلون چلون ٿا، ۽ اسان جي هستي بہ منجهس ئي آهي؛ جيئن تہ خود اوهانجن شاعرن مان بہ ڪن چيو آهي، تہ اسين انهي جو اولاد آهيون. 29 تنهنڪري اسين جي خدا جو اولاد آهيون، تن کي هي سمجهڻ نہ گهرجي تہ خدا جي ذات انهي سون يا چانديءَ يا پهڻ جهڙي آهي، جي اسان جي هنر ۽ حڪمت سان گهڙيل آهن. 30 تنهنڪري جن زمانن ۾ ماڻهو اڻڄاڻ هئا، تن زمانن ۾ خدا چشم پوشي ڪئي؛ پر هاڻي هو ماڻهن کي حڪم ٿو ڏئي تہ جتي هجن، اتي سڀيئي توبهہ ڪن: 31 ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس. 32 هاڻي جڏهن هنن مُئلن جي جيئري ٿيڻ جو ٻُڌو، تڏهن ڪي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، پر ٻين چيو تہ اسان کي اها ڳالهہ وري بہ ٻُڌائج. 33 پوءِ پولس منجهانئن نڪري هليو ويو. 34 پر ڪي ماڻهو ساڻس وڃي گڏيا، ۽ ايمان آندائون: منجهن ديونوسوس، جو اريوپگس جو هڪڙو مشير هو، ۽ هڪڙي زال دمرس نالي هئي، ۽ ٻيا بہ ساڻن هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society