Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 15 - Sindhi Bible

1 ۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.

2 ۽ جڏهن پولس ۽ برناباس سان هنن جو گهڻو بحث ۽ تڪرار هليو؛ تڏهن ڀائرن اهو ٺهراءُ ڪيو تہ پولس ۽ برناباس ۽ انهن مان ڪي ٻيا، انهي سوال بابت رسولن ۽ بزرگن وٽ يروشلم ۾ وڃن.

3 تنهنڪري ڪليسيا کين روانو ڪيو، ۽ هو فينيڪي ۽ سامريہ مان لنگهي، واٽ تي ٻُڌائيندا ويا تہ ڪيئن غير قومون خدا ڏانهن ڦري آيون آهن. اهو ٻُڌي ڀائرن کي نهايت خوشي ٿي.

4 ۽ جڏهن يروشلم ۾ اچي پهتا، تڏهن ڪليسيا ۽ رسولن ۽ بزرگن هنن جو استقبال ڪيو، ۽ جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو، سو سڀ هنن بيان ڪري ٻُڌايو.

5 پر فريسين جي فرقي مان جن ايمان آندو هو، تن مان ڪي اُٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ضرور آهي تہ هنن جو ختنو ٿئي، ۽ کين حڪم ڏنو وڃي تہ موسيٰ جي شريعت تي هلن.

6 پوءِ رسول ۽ بزرگ انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا.

7 ۽ جڏهن گهڻو بحث مباحثو هلي رهيو، تڏهن پطرس اُٿي هنن کي چيو تہ اي ڀائرو، اوهان کي خبر آهي تہ ڳچ وقت کان خدا اوهان مان مون کي چونڊي ڪڍيو تہ غير قومون منهنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻُڌي ايمان آڻين.

8 ۽ خدا، جو دلين جو ڄاڻڻ وارو آهي، تنهن هنن کي بہ اسان وانگر پاڪ روح ڏيئي سندن لاءِ شاهدي ڏني؛

9 ۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين.

10 تنهنڪري اهڙي پاڃاري جا نڪي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نڪي اسين کڻي ٿي سگهياسين، سا اوهين شاگردن جي ڪنڌ تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟

11 اسان کي يقين آهي تہ اسان کي بہ خداوند يسوع جي فضل سان ائين ئي نجات ملندي، جيئن هنن کي ملندي.

12 ۽ سڄي جماعت ماٺ ڪري برناباس ۽ پولس جو اهو بيان ويٺي ٻُڌو تہ خدا سندن معرفت غير قومن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نشان ۽ ڪرامتون ڪيون هيون.

13 ۽ جڏهن هنن بس ڪئي، تڏهن يعقوب ورندي ڏيئي چيو، تہ اي ڀائرو، منهنجي ڳالهہ ٻُڌو؛

14 شمعون بيان ڪيو آهي تہ ڪهڙيءَ طرح خدا، شروعات ۾ غير قومن تي نظر ڪئي، انهي لاءِ تہ انهن مان پنهنجي نالي لاءِ هڪڙي اُمت چونڊي ڪڍي.

15 ۽ جيڪي نبي چئي ويا آهن، سو بہ انهيءَ سان ملي ٿو اچي، جيئن لکيل آهي تہ

16 ”هنن ڳالهين کانپوءِ آئون موٽي ايندس، ۽ دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو وري کڙو ڪندس؛ ۽ ڦاٽل ٽٽل جي مرمت ڪري انهي کي وري کڙو ڪري بيهاريندس؛

17 انهي لاءِ تہ باقي رهيل ماڻهو، ۽ سڀ غير قومون جي منهنجي نالي جون ٿيون سڏجن، سي خداوند جي ڳولا ڪن،

18 خداوند ائين ٿو فرمائي، جو دنيا جي شروع کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌائيندو آيو آهي.“

19 تنهنڪري منهنجو فيصلو هي آهي، تہ غير قومن مان جيڪي خدا ڏانهن ڦري ٿا اچن، تن کي اسين تڪليف نہ ڏيون؛

20 پر کين لکي موڪليون تہ جيڪي شيون بُتن تي چاڙهي ناپاڪ ڪيون اٿن، ۽ زنا، ۽ جن جانورن کي گهوگهو ڏيئي ماريو اٿن، تن سڀني کان، ۽ رت کان پاسو ڪن.

21 ڇالاءِ جو قديم زماني کان وٺي هر شهر ۾ موسيٰ جي توريت ٻُڌائڻ وارا هلندا ٿا اچن، جي سڀ ڪنهن سبت جي ڏينهن عبادتخانن ۾ اها پڙهندا آهن.

22 تڏهن رسولن ۽ بزرگن توڙي سڄيءَ ڪليسيا مناسب ڄاتو تہ پاڻ مان ڪي ماڻهو چونڊي، پولس ۽ برناباس سان گڏ انتاڪيہ ڏانهن موڪلين، يعني يهوداہ، جنهن کي برسبا ٿا چون، ۽ سيلاس؛ جي ٻئي ڀائرن ۾ مکيہ ماڻهو هئا:

23 ۽ سندن هٿان هيئن لکي موڪليائون تہ جيڪي غير قومن وارا ڀائر انتاڪيہ، ۽ شام، ۽ ڪلڪيہ ۾ ٿا رهن، تن کي رسولن ۽ بزرگن جا سلام رسن:

24 جيئن تہ اسان ٻُڌو آهي تہ ڪي ماڻهو، جن کي اسان ڪو حڪم ڪونہ ڏنو هو، تن اسان وٽان وڃي ڪي ڳالهيون ڪري اوهان کي مُنجهائي ڇڏيو آهي، ۽ اوهان جي دلين ۾ رولو وجهي ڇڏيو اٿن؛

25 سو اسان پاڻ ۾ هم صلاح ٿي مناسب ڄاتو تہ ڪي ماڻهو چونڊي، پنهنجن پيارن برناباس ۽ پولس سان گڏ اوهان ڏانهن موڪليون؛

26 اِهي ٻئي اهڙا ماڻهو آهن، جن اسان جي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي پنهنجو ساهہ سهسايو آهي.

27 تنهنڪري اسان يهوداہ ۽ سيلاس کي موڪليو آهي، جي پاڻ اهي ساڳيون ڳالهيون پنهنجي سر اوهان کي ٻُڌائيندا.

28 ڇو جو پاڪ روح کي ۽ اسان کي مناسب نظر آيو، تہ هنن ضروري ڳالهين کانسواءِ اوهان تي ٻيو بار نہ وجهون؛

29 تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.

30 سو هو موڪلائي نڪتا ۽ انتاڪيہ ۾ اچي پهتا؛ ۽ جماعت کي گڏ ڪري اُهو خط کين ڏنائون.

31 جڏهن هنن اُهو پڙهيو، تڏهن جا تسلي مِليَنِ، تنهنڪري خوش ٿيا.

32 ۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.

33 ۽ ڪجهہ وقت اُتي گذاري، پوءِ اتي جي ڀائرن کان خير سلامتيءَ سان موڪلائي، اُنهن ڀائرن ڏانهن روانا ٿيا جن موڪليو هون.

34 (پر سيلاس اتي ئي رهڻ پسند ڪيو.)

35 پر پولس ۽ برناباس انتاڪيہ ۾ ترسي پيا، ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي سان گڏجي خداوند جي ڪلام جي تعليم ڏيندا، ۽ اُنهي جي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا.

36 ڪن ڏينهن کانپوءِ برناباس پولس کي چيو، تہ هل تہ انهن شهرن ۾ هلون، جن ۾ اسان خداوند جو ڪلام ٻڌايو هو، ۽ ڏسون تہ اُنهن جو ڪهڙو حال آهي.

37 ۽ برناباس کي دل ۾ آيو تہ يوحنا، جنهن کي مرقس ٿا چون، تنهن کي بہ پاڻ سان وٺيو هلن.

38 پر پولس مناسب نہ سمجهيو تہ جو شخص پمفوليہ مان کانئن ڌار ٿي ويو هو، ۽ اِنهي ڪم لاءِ ساڻن نہ هليو، تنهن کي ساڻ کڻجي.

39 تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛

40 پر پولس سيلاس کي پسند ڪري کنيو؛ ۽ ڀائرن هن کي خدا جي فضل جي حوالي ڪيو؛ پوءِ هو روانو ٿيو.

41 ۽ ڪليسيائن کي مضبوط ڪندو، شام ۽ ڪلڪيہ مان لنگهي ويو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan