سنتن جا ڪم 14 - Sindhi Bible1 ۽ اڪونيم ۾ هيئن ٿيو جو هو گڏجي يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا، ۽ اهڙي تقرير ڪيائون جو يهودين توڙي يونانين جي هڪڙي وڏي جماعت ايمان آندو. 2 پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو. 3 تنهنڪري هو ڳچ ڏينهن تائين اُتي ترسي پيا، ۽ اُنهي خداوند جي ڀروسي تي همت سان ڳالهائيندا رهيا، جو سندن هٿان نشان ۽ ڪرامتون ڏيکاري، پنهنجي فضل جي ڪلام جي شاهدي ڏيندو رهيو. 4 پر شهر جي ماڻهن ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ ۽ ڪي يهودين جي طرف ٿيا ۽ ڪي رسولن جي. 5 ۽ جڏهن غير قومون ۽ يهودي، پنهنجي سردارن سان گڏ هنن کي بي آبرو ۽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪاهي آيا، 6 تڏهن کين هن ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي، ۽ هو لڪائونيہ جي شهرن، لسترہ ۽ دربي ۽ اُنهي جي آسپاس واري ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. 7 ۽ اُتي خوشخبري ٻُڌائيندا رهيا. 8 ۽ لسترہ ۾ هڪڙو ماڻهو ويٺو هوندو هو، جو پيرن کان جڏو ۽ ڄائي ڄم کان منڊو هو، ۽ ڪڏهن بہ پنڌ نہ ڪيو هئائين. 9 تنهن پولس کي ڳالهائيندو ٻُڌو: ۽ پولس هن ڏانهن چتائي نهاريو ۽ سهي ڪيائين تہ کيس اهڙو ايمان آهي جو هو چڱو ڀلو ٿي سگهندو؛ 10 سو زور سان چيائينس تہ پيرن ڀر سنئون ٿي بيهہ: ۽ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو، ۽ هلڻ لڳو. 11 ۽ پولس جيڪي ڪيو هو، سو جڏهن ماڻهن ڏٺو، تڏهن وڏي واڪي لڪايونيہ جي ٻوليءَ ۾ چوڻ لڳا، تہ ديوتا انسان جي صورت ۾ لهي اسان وٽ آيا آهن. 12 ۽ هنن برناباس جي نالي چيو تہ هيءُ زيوس آهي، ۽ پولس جي نالي چيو تہ هي هرميس آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو مکيہ ڳالهائڻ وارو هو. 13 ۽ زيوس، جنهن جو مندر شهر جي سامهون هو، تنهن جو پوڄاري، ڏاند ۽ گلن جا هار کڻي دروازن تي آيو، ۽ ماڻهن سان گڏجي قرباني چاڙهڻ تي هو. 14 پر جڏهن رسولن، يعني برناباس ۽ پولس اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڊوڙي وڃي ماڻهن جي وچ ۾ پيا، ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ 15 اي صاحبو، اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جا هم جنس انسان آهيون، ۽ اوهان کي خوشخبري ٿا ٻُڌايون، تہ اوهين هنن ڪوڙين شين کان پاسو ڪري، انهي جيئري خدا ڏانهن ڦري اچو، جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ، ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو پيدا ڪيو آهي: 16 جنهن گذريل زماني ۾ سڀني قومن کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ ڏنو، 17 تنهن هوندي بہ هو هنن ڳالهين جي ڪري پنهنجي بابت شاهدي ڏيندو رهيو، جو هن ڀلايون ڪيون، ۽ آسمان مان اوهان لاءِ مينهن وسايائين، ۽ ڀلا فصل بخشيائين، ۽ اوهان جي دلين کي کاڌي ۽ خوشيءَ سان ڀري ڇڏيائين. 18 ۽ اهي ڳالهيون ڪري، مَسين مَسين ماڻهن کي روڪيائون تہ سندن لاءِ قرباني نہ چاڙهين. 19 پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس. 20 پر اڃا شاگرد سندس آسپاس بيٺا هئا، تہ هو اُٿي بيٺو، ۽ شهر ۾ آيو؛ ۽ ٻئي ڏينهن برناباس سان گڏجي دربي ڏانهن ويو. 21 ۽ جڏهن هو انهي شهر ۾ خوشخبري ٻُڌائي رهيا، ۽ گهڻا شاگرد ڪيائون، تڏهن موٽي لسترہ، ۽ اڪونيم، ۽ انتاڪيہ ۾ آيا. 22 ۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون. 23 ۽ جڏهن هرهڪ ڪليسيا ۾ سندن لاءِ بزرگ مقرر ڪري رهيا، ۽ هنن جي لاءِ روزا رکي دعا گهُري رهيا، تڏهن کين خدا، جنهن تي ايمان آندو هئائون، تنهن جي حوالي ڪيائون. 24 ۽ پوءِ پسديہ مان لنگهي پمفوليہ ۾ آيا. 25 ۽ جڏهن پرگا ۾ ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن اطاليہ ڏانهن هليا ويا؛ 26 ۽ اُتان جهاز تي چڙهي انتاڪيہ ڏانهن روانا ٿيا، جتي کين انهي ڪم جي لاءِ، جو هنن هاڻ پورو ڪيو هو، خدا جي فضل لاءِ سونپيو هئائون. 27 ۽ اُتي اچي جڏهن ڪليسيا کي گڏ ڪيائون، تڏهن جيڪي خدا سندن معرفت ڪيو هو ۽ ڪهڙيءَ طرح غير قومن جي لاءِ ايمان جو در کوليو هئائين، سو سڀ بيان ڪري ٻُڌايائون. 28 ۽ هو شاگردن وٽ ڳچ وقت ٽڪي پيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society