Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

سنتن جا ڪم 12 - Sindhi Bible

1 هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيروديس بادشاهہ ڪليسيا مان ڪن کي ستائڻ جي لاءِ پنهنجو هٿ کنيو؛

2 ۽ يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي ترار سان مارائي ڇڏيائين.

3 ۽ جڏهن ڏٺائين تہ يهودين کي اها ڳالهہ چڱي لڳي، تڏهن پطرس کي بہ جهلايائين. اهي فطيري عيد جا ڏينهن هئا.

4 ۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.

5 سو پطرس تہ قيدخاني ۾ پهري هيٺ هو؛ پر ڪليسيا سندس لاءِ ڏاڍيءَ دل سان خدا کان دعا پئي گهُري.

6 ۽ جڏهن هيروديس کيس ٻاهر وٺي اچڻ تي هو، تڏهن انهيءَ رات پطرس ٻن زنجيرن سان ٻَڌل ٻن سپاهين جي وچ ۾ سمهيو پيو هو، ۽ سپاهين دروازي جي اڳيان پهرو پئي ڏنو.

7 تہ ڏسو، خداوند جو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو، ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي؛ ۽ هن پطرس کي پاسي تي هٿ لائي جاڳائي چيو، تہ جلدي اُٿ. ۽ هٿڪڙيون سندس هٿن مان ڪِري پيون.

8 پوءِ ملائڪ چيس، تہ ڪمر ٻَڌ ۽ جُتي پاءِ، ۽ هن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس، تہ پنهنجو چوغو پاءِ، ۽ منهنجي پٺيان هليو اچ.

9 سو هو ٻاهر نڪري سندس پٺيان ويو؛ ۽ ايتري خبر نہ پيس تہ جيڪي ملائڪ ٿو ڪري، سو سچ پچ ائين آهي، پر ڀانيائين تہ آئون ڪا رويا ٿو ڏسان.

10 ۽ جڏهن هو پهرينءَ ۽ ٻيءَ چونڪيءَ مان نڪري اُنهي لوهہ جي دروازي وٽ آيا، جنهن مان شهر ڏانهن وڃڻ جو رستو هو، تڏهن اهو سندن لاءِ پاڻهي پَٽجي پيو، ۽ هو ٻاهر نڪري هڪڙيءَ گهٽيءَ مان لنگهي ويا؛ ۽ انهي دم ملائڪ وٽانئس هليو ويو.

11 ۽ جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي مان، ۽ جيڪا يهودي قوم جي اُميد هئي، تنهن کان ڇڏايو آهي.

12 ۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪري رهيو تڏهن هو، يوحنا جنهن کي مرقس ڪري چوندا هئا، تنهن جي ماءُ مريم جي گهر آيو؛ اُتي گهڻا ئي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعا پئي گهُريائون.

13 ۽ جڏهن هن در کڙڪايو، تڏهن رودا نالي هڪڙي ڇوڪري ڏسڻ آئي تہ ڪير آهي.

14 ۽ جڏهن سڃاتائين تہ هي پطرس جو آواز آهي، تڏهن خوشي وچان در پَٽڻ کان اڳيئي اندر ڊوڙي وڃي ٻُڌايائين تہ پطرس در تي بيٺو آهي.

15 هنن چيس تہ تون چري آهين. پر هوءَ يقين سان چوندي رهي تہ ائين ئي آهي. هنن چيو تہ اهو سندس ملائڪ هوندو.

16 پر پطرس در کڙڪائيندو رهيو، ۽ جڏهن هنن در کوليو، تڏهن کيس ڏسي حيران ٿي ويا.

17 پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.

18 هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سپاهين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانهن ويو؟

19 ۽ جڏهن هيروديس هن جي ڳولا ڪئي پر نہ لڌو، تڏهن هن پهري وارن کان پڇاڳاڇا ڪئي، پوءِ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪري ڇڏيو. ۽ پاڻ يهوديہ مان نڪري وڃي قيصريہ ۾ رهيو.

20 هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو.

21 پوءِ هيروديس هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري بادشاهي پوشاڪ ڍڪي تخت تي اچي ويٺو، ۽ سندن اڳيان هڪڙي تقرير ڪيائين.

22 ۽ ماڻهو واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ هي خدا ٿو ڳالهائي، نہ انسان.

23 ۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.

24 پر خدا جو ڪلام وڌندو ۽ پکڙندو ويو.

25 ۽ برناباس ۽ شائول پنهنجي خدمت پوري ڪري، ۽ يوحنا جنهن کي مرقس سڏيندا هئا، تنهن کي پاڻ سان وٺي يروشلم ۾ آيا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan