2.تيمٿيس 4 - Sindhi Bible1 آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛ 2 تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر. 3 ڇالاءِ جو اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم جي برداشت نہ ڪندا؛ پر ڪَنن جي خارش ڪري پنهنجين خواهشن موجب پنهنجي لاءِ گهڻا ئي اُستاد آڻي گڏ ڪندا، 4 ۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا. 5 پر تون سڀني ڳالهين ۾ هوشيار رهہ، سختي سهہ، بشارت جو ڪم ڪر، ۽ پنهنجي خدمت پوري ڪر. 6 ڇالاءِ جو هاڻي آئون قربان ٿيڻ تي آهيان، ۽ منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي. 7 آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛ 8 هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن. 9 ڪوشش ڪري مون وٽ جلد اچ؛ 10 ڇالاءِ جو ديماس هن دنيا کي پسند ڪري مون کي ڇڏي ويو ۽ ٿسلونيڪيءَ ڏانهن هليو ويو؛ ڪريسڪينس گلتيہ ڏانهن، ۽ طيطس دلمتيہ ڏانهن هليو ويو. 11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي. 12 پر تخڪس کي مون افسس ڏانهن موڪليو آهي. 13 جيڪو چوغو مون تروآس ۾ ڪرپس وٽ ڇڏيو هو، سو جڏهن تون اچين، تڏهن کڻي اچج، ۽ ڪتاب بہ، خاص ڪري چم جا ورق. 14 سڪندر ٺاٺاري مون سان ڏاڍي بڇڙائي ڪئي: خدا هن کي بدلو ڏيندو؛ 15 تون بہ انهي کان خبردار رهہ، ڇالاءِ جو هن اسان جي ڳالهين جي گهڻي مخالفت ڪئي. 16 منهنجي پهرئين ڏنل بچاءَ ۾ ڪنهن بہ منهنجو طرف نہ ورتو، پر سڀني مون کي ڇڏي ڏنو؛ شل کين انهي جو حساب ڏيڻو نہ پوي. 17 پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس. 18 خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين. 19 پرسڪا ۽ اڪولہ ۽ انيسفرس جي گهراڻي کي سلام ڏج. 20 اراستس ڪرنٿس ۾ رهيو: پر تروفيمس کي مون مليتس ۾ بيمار ڇڏيو. 21 ڪوشش ڪري سياري کان اڳي اچج. يوبولس ۽ پودينس ۽ لينس ۽ ڪلوديس ۽ ٻيا سڀ ڀائر بہ توکي سلام ٿا چون. 22 شل خداوند تنهنجي روح سان هجي ۽ تو تي فضل ٿيندو رهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society