Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تيمٿيس 2 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.

2 ۽ جيڪي ڳالهيون گهڻن شاهدن جي اڳيان تو مون کان ٻُڌيون آهن، سي ٻين ايمان وارن ماڻهن جي سپرد ڪر، جي وري ٻين کي بہ سيکاري سگهن.

3 مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ.

4 ڪوبہ سپاهي ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي دنيا جي معاملن ۾ نٿو ڦاسائي؛ انهي لاءِ تہ جنهن کيس مقرر ڪيو آهي، تنهن کي خوش ڪري.

5 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شرط ۾ مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيسين قاعدي موجب نٿو هلي، تيسين انعام نٿو مليس.

6 هاري بہ جيڪو پورهيو ڪري ٿو، تنهن کي سڀ کان اڳي پيدائش مان حصو ملڻ گهرجي.

7 جيڪي آئون چوان ٿو، تنهن تي غور ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي سڀني ڳالهين جي سمجهہ ڏيندو.

8 يسوع مسيح کي ياد ڪندو رهہ، جو مُئلن مان جي اُٿيو، ۽ دائود جي نسل مان آهي، جنهن جي مون خوشخبري ٻُڌائي،

9 ۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.

10 تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.

11 اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:

12 جيڪڏهن اسين ڏک سهنداسين تہ هن سان گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين سندس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان جو انڪار ڪندو؛

13 جيڪڏهن اسين بي وفا ٿينداسين، تہ بہ هو وفادار رهندو، ڇالاءِ جو هو ڪڏهن بدلجڻ وارو ناهي.

14 اهي ڳالهيون کين ياد ڏيار، ۽ خداوند جي اڳيان کين تاڪيد ڪر تہ هو لفظن بابت بحث نہ ڪن، ڇو جو انهي مان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي، بلڪ جيڪي ٻُڌن ٿا سي بگڙيو پون.

15 ڪوشش ڪري پاڻ کي خدا وٽ مقبول، ۽ اهڙي ڪم ڪندڙ وانگر پيش ڪر، جو درستيءَ سان حق جو ڪلام استعمال ٿو ڪري، تان تہ شرمندو نہ ٿئي.

16 پر اجائي بَڪ بَڪ کان پاسو ڪر: ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو بي دينيءَ ۾ وڌندا ويندا،

17 ۽ انهن جي تعليم ناسور وانگر کائيندي ويندي؛ انهن مان همنيوس ۽ فليتس آهن؛

18 اُهي ماڻهو سچ کان گمراهہ ٿي ويا آهن، جو چون ٿا تہ قيامت اڳيئي ٿي چڪي آهي، ۽ ڪن جو ايمان بگاڙين ٿا.

19 تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“

20 هاڻي ڪنهن وڏي گهر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ٿا ٿين؛ پر ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ ٿين ٿا؛ ۽ ڪي اعليٰ ڪمن جي لاءِ آهن ۽ ڪي ذليل ڪمن جي لاءِ.

21 تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ذليل ڪمن کان پاڪ ٿو رکي تہ عزت جو ٿانءُ ۽ پاڪ ٿيندو، ۽ ڌڻيءَ جي ڪم جو لائق ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ تيار ٿيندو.

22 پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.

23 پر بيوَقوفيءَ ۽ نادانيءَ جي حجتن کان پاسو ڪر، جو تون ڄاڻين ٿو تہ انهن مان جهيڙا جهڳڙا پيدا ٿا ٿين.

24 ۽ خداوند جي بندي کي جهيڙو ڪرڻ مناسب نہ آهي، پر گهرجي تہ سڀني سان نرمي ڪري، ۽ تعليم ڏيڻ جو لائق ۽ بردبار هجي،

25 ۽ جيڪي مخالف آهن تن کي حلم سان سمجهائي، شايد خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ هو سچ کي سڃاڻن،

26 ۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan