Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.تيمٿيس 1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو انهيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جيڪا مسيح يسوع ۾ آهي، ۽ خدا جي مرضيءَ سان مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان،

2 تيمٿيس ڏانهن، جو منهنجو پيارو فرزند آهي، خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جي طرفان فضل ۽ رحم ۽ اطمينان توکي حاصل ٿيندو رهي.

3 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جنهن جي عبادت آئون صاف دل سان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪندو اچان، تہ رات ڏينهن پنهنجين دعائن ۾ آئون توکي لڳاتار ياد ٿو ڪريان.

4 ۽ تنهنجا ڳوڙها ياد ڪري تنهنجي ڏسڻ لاءِ سِڪايل ٿو رهان، انهي لاءِ تہ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃان.

5 جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.

6 انهي سبب ڪري آئون توکي ياد ٿو ڏياريان، تہ تون خدا جي انهيءَ بخشش کي وري چمڪاءِ، جا منهنجن هٿن رکڻ ڪري توکي مليل آهي.

7 ڇالاءِ جو خدا اسان کي ڊپ جو روح ڪونہ ڏنو آهي، پر قدرت ۽ محبت ۽ ضابطي جو روح ڏنو اٿس.

8 تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.

9 جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،

10 ۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.

11 ۽ انهيءَ انجيل جو آئون منادي ڪندڙ ۽ رسول ۽ تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيو آهيان،

12 ۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.

13 جيڪي صحيح ڳالهيون تو مون کان ٻُڌيون، تن جو نمونو انهي ايمان ۽ محبت سان دل ۾ رکج، جو مسيح يسوع ۾ آهي.

14 پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان ۾ آهي، انهيءَ چڱيءَ امانت جي حفاظت ڪر.

15 توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.

16 خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛

17 ۽ جڏهن هو روم ۾ هو، تڏهن ڪوشش سان ڳولا ڪري مون کي لڌائين،

18 (شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan