Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ٿسلونيڪين 3 - Sindhi Bible

1 اي ڀائرو، هاڻي اوهين اسان لاءِ دعا گهُرو تہ خداوند جو ڪلام جلد ڦهلجي وڃي ۽ جلال پائي، جيئن ڪ اوهان منجهہ آهي؛

2 ۽ اسين ڏنگن ۽ خراب ماڻهن کان ڇُٽي پئون، ڇالاءِ جو سڀني ۾ ايمان ڪونهي.

3 پر خداوند سچو آهي ۽ هو اوهان کي قائم ڪندو، ۽ انهي شرير کان اوهان کي رکي وٺندو.

4 ۽ اوهان جي بابت اسان کي خداوند ۾ اِها خاطري آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، انهن تي اوهين عمل ڪريو بہ ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.

5 ۽ شل خداوند اوهان جي دلين جي، خدا جي محبت ۽ مسيح جي صبر ۾ رهبري ڪري.

6 هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.

7 اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي پيروي ڪرڻ گهرجي: ڇالاءِ جو اسين اوهان منجهہ بي قاعدي ڪونہ هلياسون؛

8 نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون.

9 نہ انهي لاءِ، تہ اسان کي ڪو حق ڪونهي، پر انهي لاءِ تہ اسين اوهان جي لاءِ نمونو ٿيون، تہ اوهين بہ اسان جي پيروي ڪريو.

10 ڇالاءِ جو جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اوهان کي اهو حڪم ڏنوسون، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ نہ چاهي تہ اُهي کائي بہ نہ.

11 ڇالاءِ جو اسين ٻُڌون ٿا تہ اوهان ۾ ڪي آهن جي بي قاعدي ٿا هلن، ۽ ڪوبہ ڪم ڪونہ ٿا ڪن، پر ٻين جي ڪمن ۾ ٽپيو پون.

12 هاڻي جيڪي اهڙا آهن تن کي اسين حڪم ٿا ڏيون، بلڪ خداوند يسوع مسيح ۾ نصيحت ٿا ڪريون تہ اهي صبر سان پورهيو ڪري پنهنجي ماني کائين.

13 پر اي ڀائرو، اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ نہ ٿڪجو.

14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.

15 تنهن هوندي بہ انهي کي دشمن نہ ڄاڻو، بلڪ ڀاءُ سمجهي نصيحت ڪريو.

16 هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.

17 آئون پولس، پنهنجي هٿن سان سلام ٿو لکان، ۽ سڀ ڪنهن خط ۾ منهنجي اها نشاني آهي: آئون ائين لکندو آهيان.

18 اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan