Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.ٿسلونيڪين 2 - Sindhi Bible

1 هاڻي اي ڀائرو، اسان جو خداوند ايندو ۽ اسين سندس حضور ۾ گڏ ٿينداسين، تنهن بابت اسين عرض ٿا ڪريون،

2 تہ روح، يا ڪلام، يا خط جي ڪري جو اسان وٽان آيل سمجهو، اوهين پنهنجن خيالن ۾ ڊانوان ڊول نہ ٿيو، نڪي پريشان ٿيو، جو ڄڻ تہ خداوند جو ڏينهن هاڻي اچي پهتو آهي.

3 ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي فريب ۾ نہ اچجو: ڇالاءِ جو اهو ڏينهن تيسين نہ ايندو، جيسين پهرين گمراهي نہ اچي، ۽ گناهہ جو شخص، يعني برباديءَ جو فرزند ظاهر نہ ٿئي.

4 ۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.

5 اوهان کي ياد ناهي ڇا تہ جڏهن آئون اڃا اوهان وٽ هوس، تڏهن اوهان کي هي ڳالهيون ٻُڌائيندو هوس؟

6 ۽ هاڻي اوهان کي خبر آهي تہ اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جيڪا هن کي روڪيو بيٺي آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي پوري وقت تي ظاهر ٿئي.

7 ڇالاءِ جو بي دينيءَ جو راز تہ هاڻي اثر ٿو ڪري: پر هينئر هڪڙو آهي جنهن کي جيستائين وچ مان ڪڍي نہ ڇڏبو، تيستائين هو روڪيندو رهندو.

8 تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،

9 يعني اُهو بي دين، جنهن جو اچڻ شيطان جي تاثير موجب، هر طرح جي طاقت ۽ نشانين ۽ ڪوڙين ڪرامتن سان،

10 ۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين.

11 ۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين:

12 ۽ جيڪي سچ تي ايمان نٿا آڻين، ۽ ناراستيءَ ۾ خوش ٿا رهن، تن سڀني کي سزا ملندي.

13 پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو.

14 انهي لاءِ ئي هن اوهان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي سڏيو، تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جو جلال حاصل ڪريو.

15 تنهنڪري، اي ڀائرو، ثابت قدم رهو، ۽ جيڪي روايتون اسان اوهان کي زباني يا خط جي وسيلي سيکاريون آهن، تن تي قائم رهو.

16 هاڻي اسان جو خداوند يسوع مسيح پاڻ، ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي، ۽ فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اُميد ڏنائين؛

17 سو اوهان جي دلين کي تسلي ڏئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۽ ڪلام ۾ مضبوط ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan