Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 9 - Sindhi Bible

1 ۽ دائود چيو تہ سائول جي گهراڻي مان ڪو اڃا رهيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي يونتن جي خاطر مهرباني ڏيکاريان؟

2 ۽ سائول جي گهراڻي مان هڪڙو ٻانهو هو، جنهن جو نالو ضيبا هو، ۽ انهيءَ کي سڏي دائود وٽ آندائون؛ ۽ بادشاهہ انهيءَ کي چيو تہ تون ضيبا آهين؟ ۽ هن چيو تہ تنهنجو ٻانهو اهو ئي آهي.

3 ۽ بادشاهہ چيو تہ ڪو سائول جي گهراڻي مان بچيو آهي ڇا تہ آءٌ انهيءَ کي خدا جي مهرباني ڏيکاريان؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ يونتن کي اڃا بہ هڪڙو پٽ آهي، جو منڊو آهي.

4 ۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ اهو ڪٿي آهي؟ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو لودبار ۾، عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهر آهي.

5 تڏهن بادشاهہ دائود انهيءَ کي لودبار مان عمي ايل جي پٽ مڪير جي گهران گهرائي ورتو.

6 ۽ مفيبوست، بن يونتن، بن سائول، دائود وٽ آيو، ۽ منهن ڀر ڪري تعظيم ڪرڻ لڳو. ۽ دائود چيو تہ اي مفيبوست، هن ورندي ڏيئي چيو تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو.

7 ۽ دائود هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور مهرباني ڏيکاريندس، ۽ تنهنجي پيءُ سائول جي سڀ زمين توکي موٽائي ڏيندس. ۽ تون منهنجي دسترخاني تي هميشہ ماني کائيندو رهہ.

8 ۽ هن تعظيم ڏئي چيو، تہ تنهنجو ٻانهو ڪير آهي جو تون مون جهڙي مئل ڪتي ڏانهن نهارين؟

9 تڏهن بادشاهہ سائول جي ٻانهي ضيبا کي سڏي چيو تہ جيڪا بہ سائول جي ۽ سندس گهراڻي جي ملڪيت هئي، سا مون تنهنجي ڌڻيءَ جي پٽ کي ڏيئي ڇڏي آهي.

10 ۽ تون، ۽ تنهنجا پٽ، ۽ تنهنجا نوڪر، هن جي پاران زمين آباد ڪجو؛ ۽ تون پيدائش آڻجانءِ تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ماني کائي: پر مفيبوست، تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ هميشہ منهنجي دسترخاني تي ماني کائيندو. هاڻي ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.

11 تڏهن ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ جيڪي منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڪندو، ان موجب تنهنجو ٻانهو ڪندو. باقي مفيبوست جي نسبت ۾ بادشاهہ چيو تہ، هو بادشاهہ جي پٽن وانگر منهنجي دسترخاني تي کائيندو.

12 ۽ مفيبوست کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ميڪا هو، ۽ جيڪي ماڻهو ضيبا جي گهر ۾ رهندا هئا سي مفيبوست جا نوڪر هئا.

13 انهيءَ طرح مفيبوست يروشلم ۾ رهڻ لڳو: ڇالاءِ جو هو هميشہ بادشاهہ جي دسترخاني تي کائيندو هو. ۽ هو ٻنهي پيرن کان منڊو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan