Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 7 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، ۽ خداوند کيس سڀني آس پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو.

2 تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جڙيل گهر ۾ رهان ٿو، پر خدا جي صندوق پردن جي اندر ٿي رهي.

3 ۽ ناتن بادشاهہ کي چيو تہ وڃ، جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توساڻ آهي.

4 ۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو هيءُ ڪلام ناتن تي نازل ٿيو:

5 تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر ٺاهيندين ڇا؟

6 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ ڪنهن گهر ۾ نہ پئي رهيو آهيان، پر هڪڙي تنبوءَ ۽ خيمي ۾ گذر پئي ڪيو اٿم.

7 جن جن جاين تي بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي اسرائيل جي جنهن ڪنهن فرقي کي مون پنهنجي قوم اسرائيل جي سنڀالڻ لاءِ حڪم پئي ڏنو، تنهن کي ڪڏهن ڪو مون چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟

8 تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:

9 ۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.

10 ۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجي جاءِ تي رهندا ايندا، ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو وري انهن کي اهڙي تڪليف نہ ڏيندا، جهڙي انهن ڏينهن ۾ ڏيندا هئا،

11 جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ توکي تنهنجن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ خداوند توکي چوي ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.

12 جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجن آنڊن مان نڪرندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.

13 هو منهنجي نالي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو، ۽ آءٌ هن جي بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

14 آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس، ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ هن کي ماڻهن جي لڪڻ سان، ۽ ماڻهن جي چهبڪن سان سيکت ڏيندس؛

15 پر منهنجو رحم هن کي ڇڏي نہ ويندو، جيئن اهو مون سائول تان کڻي ورتو، جنهن کي مون تنهنجي اڳ کان ڪڍي پري ڪيو.

16 ۽ تنهنجو گهر، ۽ تنهنجي بادشاهت، هميشہ جي لاءِ قائم ڪئي ويندي: تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪيو ويندو.

17 انهن سڀني ڳالهين موجب، ۽ انهيءَ ساري رويا موجب، ناتن دائود سان ڳالهايو.

18 تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟

19 تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب!

20 ۽ وڌيڪ ٻيو دائود توکي ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو، اي خداوند خدا تون پنهنجي ٻانهي کي سڃاڻين ٿو.

21 ڇالاءِ جو هي سڀ وڏا ڪم جي تو ڪيا آهن سي پنهنجي ڪلام جي خاطر، ۽ پنهنجي دل جي مرضي موافق تو ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهيءَ مان واقف ڪرين.

22 تنهنڪري اي خداوند خدا، تون وڏو آهين: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ تو جهڙو ڪونهي، ۽ نہ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب توکان سواءِ ٻيو ڪو خدا آهي.

23 ۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم جهڙي، يعني اسرائيل جهڙي، ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، ۽ پنهنجو نالو ڪڍيائين؛ ۽ هن اوهان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا، ۽ تنهنجي ملڪ جي لاءِ ۽ تنهنجي قوم جي لاءِ خوفناڪ ڪم ڪيا؛ ۽ انهن کي پنهنجي لاءِ مصر منجهان اتي جي قومن، ۽ سندن معبودن کان ڇڏائي ڪڍي آندو؟

24 تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين.

25 ۽ هاڻي اي خداوند خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڪر.

26 ڀلي تہ تنهنجي نالي جي هميشہ لاءِ وڏائي ٿئي، ۽ ماڻهو چون تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم ٿيندو.

27 ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ چيو تہ آءٌ، تنهنجي لاءِ گهر جوڙيندس: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ توکان هيءَ دعا گهري.

28 ۽ هاڻي، اي خداوند خدا، تون خدا آهين، ۽ تنهنجون ڳالهيون سچ آهن، ۽ تو اُنهيءَ چڱي ڪم جو پنهنجي ٻانهي سان واعدو ڪيو آهي:

29 تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي کي برڪت ڏي تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين هلندو هلي: ڇالاءِ جو اي خداوند خدا، تو ائين فرمايو آهي: شل تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گهراڻو هميشہ لاءِ برڪت وارو ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan