Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

2.سموئيل 24 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.

2 ۽ بادشاهہ، لشڪر جو سردار يوآب، جو ساڻس هو، تنهن کي چيو تہ هاڻي تون دان کان وٺي بيرسبع تائين اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ وڃ ۽ ماڻهن جو شمار ڪر تہ مون کي خبر پوي تہ ڪل ماڻهو ڪيترا آهن.

3 ۽ يوآب بادشاهہ کي چيو تہ هاڻي خداوند تنهنجو خدا شل تنهنجي قوم وڌائي جيتري هينئر هجي تنهن کان شل سؤ ڀيرا زيادہ ٿئي، ۽ شل منهنجو ڌڻي بادشاهہ انهيءَ کي ڏسي: پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ اهو ڪم ڇو ٿو پسند ڪري؟

4 انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب ۽ لشڪر جي سردارن کان ڳوري ٿي. ۽ يوآب ۽ لشڪر جا سردار بادشاهہ جي حضور مان نڪري ويا، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي قوم جو شمار ڪن.

5 ۽ هو يردن پار لنگهي، جيڪو شهر جد جي واديءَ جي وچ ۾ آهي تنهن جي سڄي پاسي عروعير ۾ يعزر تائين تنبو هڻي لهي پيا:

6 پوءِ هو جلعاد ۾ ۽ تحتيم‑حدسيءَ جي زمين ۾ آيا؛ ۽ هو دان‑يعن کان ڦيرو ڪري صيدا ۾ آيا.

7 ۽ صور جي قلعي ۾ ۽ حوين ۽ ڪنعانين جي سڀني شهرن ۾ آيا: ۽ هو نڪري يهوداہ جي ڏکڻ ڏي بيرسبع وٽ آيا.

8 سو جڏهن هو ساري ملڪ ۾ گهمي رهيا تڏهن نوَن مهينن ۽ ويهن ڏينهن کان پوءِ هو يروشلم ۾ آيا.

9 ۽ يوآب ماڻهن جي شمار جو ڪل جوڙ بادشاهہ کي ڏنو: ۽ اسرائيل ۾ اٺ لک بهادر ترار مار موجود هئا؛ ۽ يهوداہ جا ماڻهو پنج لک ٿيا.

10 ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.

11 ۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ

12 وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ توسان ائين ڪريان.

13 تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ ڇا ڏڪار جا ست ورهيہ تنهنجي زمين ۾ اچن؟ يا جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي پٺيان پون تڏهن تون انهن جي اڳيان ٽي مهينا ڀڄندو رهين؟ يا تنهنجي زمين ۾ ٽن ڏينهن جي وبا پوي؟ هاڻي دل ۾ ويچار ڪري ٻڌاءِ، تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان.

14 ۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.

15 تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.

16 ۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.

17 ۽ جڏهن دائود ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ڏس، مون گناهہ ڪيو آهي ۽ ڏنگي هلت هليو آهيان: پر هنن رڍن ڇا ڪيو آهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي، ۽ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف ٿئي.

18 ۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.

19 ۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند حڪم ڪيو هو تيئن مٿي ويو.

20 ۽ اروناہ اڳيان نهاريو ۽ ڏٺائين تہ بادشاهہ پنهنجن نوڪرن سميت ڏانهنس ٿو اچي: ۽ اروناہ ٻاهر نڪري ويو ۽ بادشاهہ جي اڳيان منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين.

21 ۽ اروناہ چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڇالاءِ پنهنجي ٻانهي وٽ آيو آهي. تڏهن دائود چيو تہ انهيءَ لاءِ تہ توکان اَن ڳاهڻ جو پڙ خريد ڪري خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيان، تہ وبا خلق تان ٽري.

22 ۽ اروناہ دائود کي چيو تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ ڀلي جيڪي وڻيس سو وٺي چاڙهي: ڏس، سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند ۽ ڳاهڻ جا اوزار ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڏاندن جا سنج حاضر آهن:

23 اي بادشاهہ، اهو سڀ اروناہ بادشاهہ کي ٿو ڏئي ۽ اروناہ بادشاهہ کي چيو تہ شل خداوند تنهنجو خدا توکي قبول ڪري.

24 تڏهن بادشاهہ اروناہ کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو؛ بلڪ آءٌ ملهہ ڏيئي اهو توکان خريد ڪندس: آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ اهڙيون سوختنيون قربانيون نہ چاڙهيندس جن لاءِ مون ڪجهہ ڪين خرچيو هجي. پوءِ دائود اهو ڳاهڻ وارو پڙ ۽ ڏاند، چانديءَ جا پنجاهہ شيڪل ڏيئي ورتا.

25 ۽ اتي دائود خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ سوختنيون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ طرح ملڪ جي لاءِ خداوند کان دعا گهري ويئي، ۽ وبا اسرائيل تان دفع ٿي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan