2.سموئيل 23 - Sindhi Bible1 هاڻي هي دائود جون پويون ڳالهيون آهن. دائود پٽ يسيءَ جو چوي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو مٿي چاڙهيو ويو هو سو چوي ٿو، جو يعقوب جي خدا جو مسح ڪيل آهي، ۽ اسرائيل جا مٺا زبور ڳائيندڙ آهي. 2 خداوند جي روح منهنجي معرفت ڳالهايو، ۽ سندس ڪلام منهنجي زبان تي هو. 3 اسرائيل جي خدا فرمايو، اسرائيل جي ٽڪر مون سان ڳالهايو: جيڪو ماڻهن تي سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، جو خدا جي ڊپ سان بادشاهي ڪري ٿو، 4 اهو صبح جي روشنائيءَ وانگر ٿيندو، جيئن سج اُڀري ٿو: ۽ مينهن کان پوءِ صاف روشنائي ڪري ٿو، جا ڪڪرن کان سواءِ صاف صبح جو ٿئي ٿي: ۽ جڏهن سنهڙو گاهہ زمين مان نڪري ٿو. 5 تحقيق منهنجو گهراڻو خداوند وٽ اهڙو نہ آهي؛ انهيءَ هوندي بہ هن هميشہ لاءِ مون سان عهد اقرار ڪيو آهي، جو سڀني ڳالهين ۾ ترتيب وارو ۽ محڪم آهي: ڇالاءِ جو اهو منهنجو پورو ڇوٽڪارو، ۽ منهنجي سموري خواهش آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي نٿو وڌائي. 6 پر سڀ بي دين ماڻهو ڪنڊن وانگر اُڇلايا ويندا، ڇالاءِ جو اهي هٿن سان کڻي نہ سگهبا. 7 پر جيڪو ماڻهو انهن کي هٿ لائيندو، تنهن کي ضرور لوهہ يا نيزي جي لٺ گهرجي؛ ۽ اهي پنهنجي جاءِ تي باهہ سان بلڪل ساڙيا ويندا. 8 جيڪي بهادر مرد دائود وٽ هئا، تن جا نالا هي آهن: يوشيب‑بشيبت، تحڪموني جو لشڪري سردارن ۾ وڏو هو؛ اهو ساڳيو ادينو ايزني هو، جنهن هڪڙي ڀيري اٺ سؤ ماڻهو قتل ڪيا هئا. 9 انهيءَ کان پوءِ اليعزر بن دودي هو، جو هڪڙي اخوحي جو پٽ هو، جو دائود جي ٽن پهلوانن مان هڪڙو هو، جڏهن اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا هئا تڏهن هو جنگ لاءِ گڏ ٿيل فلستين کي سامهون پيو. 10 هو اُٿيو ۽ فلستين کي اهڙو ماريائين جو سندس هٿ ٿڪجي پيو ۽ ترار سندس هٿ سان چنبڙي پئي: ۽ خداوند انهيءَ ڏينهن وڏي فتح ڏني، ۽ ماڻهو انهيءَ جي پٺيان رڳو لٽ ڪرڻ لاءِ موٽيا. 11 ۽ انهيءَ کان پوءِ سمہ بن اجي حراري هو، ۽ فلستي گڏ ٿي اچي انهيءَ هنڌ لشڪر ٿي بيٺا جنهن هنڌ ماڻهن جي پوک بيٺل هئي؛ ۽ ماڻهو فلستين کان ڀڄي ويا. 12 پر هو انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ بيهي رهيو، ۽ انهيءَ کي بچائڻ لڳو، ۽ فلستين کي ڪُٺائين: ۽ خداوند هڪڙي وڏي فتح ڏني. 13 ۽ ٽيهن سردارن مان ٽي هيٺ لهي فصل لڻڻ جي موسم ۾ عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا؛ ۽ فلستين جو لشڪر رفائيم جي واديءَ ۾ منزل ڪري لٿو پيو هو. 14 ۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو. 15 ۽ دائود گهڻيءَ سڪ مان چيو تہ بيت الحم جو کوهہ، جو دروازي جي پاسي ۾ آهي، تنهن مان ڪو مون کي پاڻي پياري تہ واهہ! 16 ۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين. 17 ۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا. 18 ۽ انهن ٽنهي مان مکيہ ابيشي يوآب جو ڀاءُ، ضروياہ جو پٽ هو. ۽ انهيءَ پنهنجو نيزو کڻي ٽن سوَن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ڪُٺائين، ۽ انهن ٽن مان نالي وارو ٿيو. 19 انهن ٽن مان هو زيادہ عزت وارو نہ هو ڇا؟ تنهنڪري اهو انهن ۾ وڏو ٿيو: انهيءَ هوندي بہ هو پهرين ٽن سان مٽ نہ پيو. 20 ۽ بناياہ بن يهويدع، قبضيل جي هڪڙي بهادر شخص جو پٽ، جنهن وڏا وڏا ڪم ڪيا هئا، تنهن موآب واري اري ايل جي ٻن پٽن کي ڪُٺو: هن برف جي موسم ۾ هڪڙي کڏ منجهہ هڪڙي شينهن کي بہ وڃي ماريو: 21 ۽ هن مصر جي هڪڙي قداور ماڻهو کي قتل ڪيو: ۽ انهيءَ مصريءَ کي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو هو؛ پر هو مٿس لٺ کڻي ڪاهي ويو، ۽ مصريءَ جي هٿن مان ڀالو کسي ورتائين. 22 اهي ڪم انهي بناياہ بن يهويدع ڪيا، ۽ انهن ٽن پهلوانن مان نالو ڪڍيائين. 23 هو ٽيهن کان وڌيڪ عزت وارو هو، مگر پهرين ٽن جي مٽ نہ هو. ۽ دائود انهيءَ کي پنهنجن پهري وارن جي مٿان رکيو. 24 ۽ يوآب جو ڀاءُ عساهيل انهن ٽيهن مان هڪڙو هو؛ الحنان، بيت الحم واري دودو جو پٽ؛ 25 سمہ حرودي، ۽ القہ حرودي؛ 26 خلص فلطي، عيرا بن عقيس تقوعي، 27 ابي عزر عنتوتي، مبوني حوساتي؛ 28 ضلمون اخوحي، مهري نطوفاتي؛ 29 جلب بن بعنہ نطوفاتي، اتي بن ريبي، بنيمين جي جبعہ وارو؛ 30 بناياہ فرعاتوني، هدي، جعس جي نهرن وارو؛ 31 ابي علبون عرباتي، عزماوت برحومي؛ 32 الحيبہ سعلبوني، يسين جا پٽ، يونتن؛ 33 سمہ حراري، اخي آم بن سرار هراري؛ 34 اليفلط بن احسبي، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، الي عام بن اخيتفل جلوني؛ 35 حصرو ڪرملي، فعري اربي؛ 36 اجال بن ناتن ضوباہ جو؛ باني جدي؛ 37 صلق عموني، نحري بيروتي، جي يوآب بن ضروياہ جا زرهہ بردار هئا؛ 38 عيرا اتري ۽ جريب اتري؛ 39 اورياہ حتي؛ اهي سڀ ستٽيهہ ڄڻا هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society